مور-کنڀن جو مورخ استاد رائچند راٺوڙ نصير مرزا استاد رائچند راٺوڙ کي ٽربيوٽ، در اصل پوري ٿر ڊيزرٽ کي ٽربيوٽ ڏيڻ وانگر آهي. شيخ اياز صاحب جو هي شعر رائچند صاحب کي سندس هر ورسيءَ تي ٽربيوٽ ڏيڻ لاءِ جهڙو ڪر، منهنجي مدد ڪري رهيو آهيِ: وڃان ٿو وينجهار، موتي ڏيئي اڻ ميا، صديون پياسون سونجهبا، جن جا ڍير هزار، ٻڏي سوچ ويچار، پرکيندا مون پارکو! ۽ سچي ڳالهه ته هيءَ به آهي ته رائچند صاحب کان اڳ سنڌ جو هي هيبتناڪ هيٺاهون ڀاڱون، وٺو ته ٿر، نه ته بر ئي بر هو...رائچند جهڙي مورخ جي قلم جي ڪڪر هيٺ اچي اهو ئي ٿر اڄ ”تاريخِ ريگستان“ جهڙي انسائيڪلوپيڊيا نما ڪتاب ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. سچ پڇو ته هيءُ ڪتاب محض ريگستان جي تاريخ ڪونهي، ان ۾ هن ڄڻ، ٿر جي ثقافت جي سمفني ٺاهي آهي. ٿر بلاشڪ ته رنگارنگي ثقافت، لوڪ موسيقي، مٺڙي ٻوليءَ گاهن ٻوٽن، وڻن ٽڻن ۽ دلبر ماڻهن جو ديس آهي، پر ڪنهن به ديس جي سڃاڻپ رڳو اهي شيون ئي ڪٿي هونديون آهن؟ ڪي امر ماڻهو به ان جي سڃاڻپ جو سبب بنجندا آهن. اسان جي پنهنجي هن ٿر به ڪهڙا نه عجب عجب جهڙا انسان سنڌ کي ڏنا آهن. ننگر پارڪر وارو روپلو ڪولهي، ڏيپلي وارو محمد عثمان ڏيپلائي، اسلام ڪوٽ ۽ مٺيءَ وارو موهن ڀڳت، سامي ويريءَ وارو مسڪين جهان خان کوسو، ڏيپلي وارو ٻيو عثمان اديب ۽ چيلهار وارو استاد رائچند راٺوڙ...ٿر جي حوالي سان انهن مور مڙسن، ڪهڙو سنڌي ماڻهو آهي، جنهن کي متاثر نه ڪيو هوندو؟ ننگر پارڪر وارو تلوار ڌڻي رُوپلو ۽ چيلهار وارو قلم ڌڻي استاد رائچند، ۽ انهن ۾ هڪڙو جي ڪارونجهر پهاڙ جيڏو، ته ٻئي پاسي رائچند صاحب وري ريگستان جيڏو وشال...روپلي کي مان دولهه دريا خان جي تسلسل ۾ ڏسان ٿو ته رائچند جهڙي ثقافت دوست محقق کي وري ڀٽائيءَ جي تسلسل ۾ سمجهان ٿو. ڀٽائي کان قليچ، قليچ کان ڊاڪٽر گربخشاڻي، گربخشاڻيءَ کان جي ايم سيد، جي ايم سيد کان رائچند تائين، هي سڀ ننڍا ننڍا ڀٽائي ئي ته آهن، پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا..... رائچند صاحب کي ننڍن ننڍن ڀٽائين مان هڪ سڏيندي، هن جي لکيل تاريخ، تاريخ ريگستان جا ٻئي واليوم منهنجي آڏو آهن. ريگستان جي تاريخ رڳو سنڌ ۾ ئي ڪانه لکي وئي آهي، ٿر ۽ ٿر جهڙا ريگستان ٻيا به گهڻا آهن. چين جي سرحدن سان صحرا ۽ گوبي ۾ ته روسين پاڻي پهچائي، ڪڻڪ اپائي ڏيکاري آهي. ايران، عراق جي سرحدن سان دشتِ سوس، وري ايران بلوچستان جي سرحدن سان دشت لوط...راجستان کان نئون ڪوٽ، عمر ڪوٽ تائين. هي ٿر....۽ ريگستانن ۽ صحرائن جي تاريخ جا ڪتاب ۽ انهن جي ليکڪن جو ڪئٽالاگ ڏسجي ٿو ته رائچند صاحب جو ڪتاب تاريخ ريگستان دنيا جي آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن ڪتابن مان هڪ نظر ايندو. هن ڪتاب جي bibliography تي نظر وجهجي ٿي ته حيرت وٺيو وڃي. ڇا ته هي سڀ مواد محض هڪ انسان سهيڙيو، سوچيو ۽ لکيو آهي! ٿر جي جاگرافي، ذاتيون، ريتون، رسمون، هنر، جانور، پکي، وڻ ٻوٽا، ڳوٺ واهڻ...معاشي زندگي ۽ حڪومتون...۽ پير علي محمد راشدي صاحب هن ڪتاب کي ”ڪلاسڪ“ جو سڏيو آهي ته هروڀرو ته ڪونه سڏيو آهي. مون کي ته وسهي ٿو ته رائچند صاحب جي هن تحرير کان اڳ ٿر صرف هڪ ريگستان هو. اهو ئي بيابان هن ڪتاب کان پوءِ سنڌ جي رومان پسند سياحن، شاعرن، مصورن ۽ محققن لاءِ سياحت جو سبب بنجي پيو آهي. دل ته چاهي ٿي ته ايڏي وڏي خدمت سبب رائچند صاحب جي نالي سان سنڌ جي ڪا وڏي عمارت منسوب هجي ها، پر ٽرئجڊي اسان وٽ هيءَ به آهي ته هتي ڪنهن به غريب شاعر، ليکڪ، محقق، دانشور جو سوشل اسٽيٽس ۽ رتبو تسليم ٿيل ناهي ۽ نه ئي ان کي ڪو وڏو سماجي ماڻهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي آهي ۽ جتي حالت اها هجي، اتي شاعر، اديب ۽ غريب محقق جي پروجيڪشن ۾ ڪير دلچسپي وٺندو؟ رائچند صاحب باقاعده مسڪين ۽ ٿري ماڻهو هو. ديوتائن هن کي قلم هٿ ۾ ڏيئي، لفظن جي ڏات سان تونگر ڪري ڇڏيو هو. ان کي به ڀلا وقت جو ستم نه سڏجي ته ٻيو ڀلا ڇا سڏجي، جو سنڌ ۾ وڏن ماڻهن پيدا ٿيڻ هاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. بانگ درا ۽ پيامِ مشرق وارو اقبال شايد صحيح چئي ويو آهي ته: ”بڙي مشڪل سي هوتا هي، چمن ۾ ديده ور پيدا.“ رائچند صاحب جي وصال کي 44 سال گذري چڪا آهن. روپلي کي، مسڪين جهان خان کوسي کي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي کي به ورهيه گذري ويا آهن، اهي خال رهجي ويا آهن ۽ اڃا تائين ڀريا ناهن. هن وقت تائين سندن نعم البدل پيدا نه ٿي سگهيو آهي. باوجود ان جي جو ٿر اڃا سڃو ڪونهي، هتي سائينداد ساند جهڙو شاعر به آهي ته بلاول اوٺي جهڙو عوامي انسان به، صادق فقير جو آواز به سلامت آهي ته ڪريم ڏني فقير جو آلاپ به! حاجي محمد ڪنڀر جهڙو ڪهاڻيڪار به آهي ته ڪرشن شرما جهڙو صحافي به! مون کي خوشي آهي ته اڄ مان تصور ۾ ريگستان ۾ ان ماڳ جي آس پاس بيٺو آهيان، جنهن جي طلسمي حسن ۽ هر شيءِ کي استاد رائچند، هڪ ليکڪ ۽ ثقافت جي محافظ جي نگاهه سان ڏٺو ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. مانوارا دوستو! دنيا ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جا ٻه طبقا آهن، هڪڙا ڪم گهٽ ڪندا آهن ۽ ڳالهائيندا گهڻو آهن. ٻيا ڪم ته گهڻو ئي ڪندا آهن، پر خاموشيءَ ۾ رهندا آهن ۽ آخرڪار خاموشيءَ ۾ ئي هليا به ويندا آهن. رائچند راٺوڙ صاحب پوئين قسم جي انسانن مان هڪ هو، جيڪو 31 مئي 1968ع تي جدا ٿي ويو. سنڌ جي ان خاموش ۽ عجوبهءِ روزگار انسان جي ريگستان لاءِ ڪيل علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن کي ياد ڪندي، ٿر جا هي دڙا ڀڙا ۽ در و ديوار ڏسندي، مون کي ته آخر ۾ هڪ جاپاني هائيڪو ٿو ياد اچي. پوپٽ مري چڪو آ، واريءَ جي ڀٽن تي پوءِ به، ڄڻ ته اڏري رهيو آ. روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
سنڌ جو مايه ناز محقق ۽ تاريخ دان سرڳواسي رائچند راٺوڙ نند لال لهاڻوسنڌ ڌرتي جي ٿڌڙي مٽي ٿر جي ڪُک مان جن انمول شخصيتن جو جنم ٿيو آهي، انهن ۾ سرڳواسي رائچند راٺوڙ جو نانءُ پڻ سرفهرست آهي. هو تاريخ جو مشهور استاد ، محقق ۽ جاکوڙيندڙ ڪردار ٿي گذريو آهي. سندس جنم 8 نومبر 1912ع تي ٿر جي قديمي ۽ پرامن شهر چيلهار ۾ مينگهواڙ برادري جي هڪ چَتُون مل سرتاڻي جي گهر ۾ ٿيو.هن ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي محنت تحت 1929ع ۾ فائنل پاس ڪئي ۽ پوءِ هڪ فرد پرائمري استاد طور 2 مئي 1928ع ۾ چيلهار کان هن عظيم پيشي جي شروعات ڪيائين، جنهن دوران ٽيچرس ٽريننگ اسڪول حيدرآباد مان پي ٽي سي جا ڪورس ڪرڻ سان گڏوگڏ ادبي سرگرميون ۽ لکڻ واري ڪرت پڻ جاري رکيائين. نوڪري ٽوڪري هجڻ ڪري هن چيلهار کانسواءِ ڳوٺ عمر انڙ، آهوري، ديهه نورنگ سنگهه، ڀوريلو، جوڳي مڙهي، ٽنڊوجان محمد، رائلو رند،سيرو سٿڙيون ۽ مٺي ۾ پڻ نوڪري ڪئي. سندس ادبي دوستن ۾ مخدوم طالب الموليٰ، شيخ اياز، نبي بخش بلوچ، نرسنگهه داس اوجها، ابراهيم جويو ۽ ٻيا اديب شامل هئا. پاڻ پهريون ڪتاب تاريخ ريگستان لکيو، جيڪو اڄ به ٻن جلدن ۾ هر ادب جو ذوق رکندڙ جي گهر ۽ لائبريري ۾ موجود آهي، هن پير صاحب پٿوري جي سوانح عمري تي پڻ ڪتاب شايع ڪرايا هئا. ان کانسواءِ ٿر جي لوڪ ادب سميت ٻين پڻ ڪافي موضوعن تي ڪافي مواد ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل موجود آهي. سائين رائچند راٺوڙ 1968ع ۾ ڀالوا ۾ حب الوطنيءَ جي عظيم ڪردار ”مارئي“ جي ميلي ۾ مارئي بابت مقالو پڻ پڙهيو هئائين ۽ سنڌ جو ناليوارو اديب ولي رام ولڀ پڻ رائچند راٺوڙ جو شاگرد آهي. جنهن پڻ هن شخصيت کان متاثر ٿي، ادبي ڪاڄ ۾ پير پاتو . رائچند راٺوڙ هڪ نهايت ئي قابل ۽ محنتي استاد ، مخلص ۽ سچار دوست ۽ مثبت سوچ جو مالڪ هو، سندس اکر پڻ تمام سهڻا ۽ موتي داڻا هوندا هئا ۽ هو هڪ عظيم فرص شناس استاد هو سندس پٽ پرڀو ناشاد آهي، جيڪو بعد ۾ نفيس احمد شيخ ٿيو ۽ ادبي ذوق جو ماڻهو آهي ۽ ڪافي عرصي کان سنڌي ادبي بورڊ جي ٽه ماهي رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر طور پڻ ادبي خدمت ڪري رهيو آهي. رائچند راٺوڙ هڪ اهڙي سنڌ ڌرتيءَ جي پياري شخصيت هئي جنهن جي پياري نالي کان هند توڙي سنڌ ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ڌرتي جي سڃاڻپ سمجهن ٿا ۽ سندس ڪردار، عمل ۽ مهان ماڻهپي کان سڀ ڪو ئي واقف آهي ۽ اهڙا اعزاز هر ڪنهن کي ملي نه سگهندا آهن. سندس اباڻي شهر چيلهار ۾ سماجي تنظيم ريگستان ويلفيئر ايسوسئيشن پاران رائچند راٺوڙ جي نالي سان هڪ لائبريري پڻ قائم ٿيل آهي. سائين رائچند راٺوڙ 31 مئي 1968ع تي هن فاني دنيا مان پرلوڪ پڌاريو. اسان سمجهون ٿا ته سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن کي اهڙن تاريخ جي هيرن کي ڪنهن به صورت ۾ وسارڻ نه گهرجي ۽ رائچند راٺوڙجي باقي اڻ ڇپيل مواد کي ميسارجي اڏوهي جو کاڌ ٿي وڃڻ کان پهرين ڇپائي، پڌرو ڪرڻ گهرجي ته جيئن نيئن سنڌي نوجوان ٽهي کي ماضيءَ جي تاريخ جو صحيح اندازو ٿي سگهي روزانه عبرت جي ٿورن سان
بيشڪ سنڌ ڌرتي عظيم انسان پئدا ڪيا آهن ، جن وقت جو وارو وڄايو ۽ اڄ به پنهنجي ڪيل ڪرت سان اسانجي وچ ۾ آهن ۔۔۔ سرڳواسي رائچند راٺوڙ بابت هي ليک پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي ۔۔۔۔ ٿر جي عظيم انسانن کي سلام لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا
”تاريخ ريگستان“ جو ليکڪ دولت رام کتري علم ۽ ادب جي دنيا ۾ اهڙين شخصيتن جو تعداد بنهه گهٽ آهي، جن تاريخ کي پنهنجي تحقيق جو موضوع بڻائي، انهيءَ تي ڪم ڪيو هجي. سنڌي ادب ۾ تحقيقي ادب جي حوالي سان موجوده دور ۾ تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي پر ماضيءَ ۾ استاد رائچند راٺوڙ جو ڪيل تحقيقي ڪم اڄ به پنهنجي هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. استاد رائچند راٺوڙ جو تعلق ٿر سان رهيو آهي، ٿر علم ۽ ادب جي حوالي سان هڪ زرخيز ۽ وسيع خطو رهيو آهي. محمد عثمان ڏيپلائي، رائچند راٺوڙ، عبدالقادر جوڻيجو، ماٺيڻو اوٺو، غلام محمد جهنجهي، ولي رام ولڀ، سائينداد ساند، امر ساهڙ، مگهارام اوجها سميت ٿر جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ شخصيتن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ اوسر لاءِ لاڀائتو ڪم ڪيو آهي. استاد رائچند راٺوڙ سنڌ جو اهو محنتي محقق ۽ تاريخدان هو جنهن ٿر جي تاريخ کي سهيڙي ”تاريخ ريگستان“ جهڙو انمول ڪتاب اسان کي ڏنو، جيڪو سنڌ ۾ تحقيقي ادب جي حوالي سان هڪ وڏو شاهڪار ڪتاب آهي. رائچند راٺوڙ جو جنم 1912ع ۾ چتون هريجن جي گهر ۾ چيلهار شهر ۾ ٿيو. انهيءَ وقت چيلهار شهر هڪ ننڍڙو ڳوٺ هوندو هيو. پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 1928ع ۾ رائچند راٺوڙ هڪ پرائمري اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان نوڪري جي شروعات ڪئي. هو پنهنجي نوڪري واري عرصي دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهيو. خاص ڪري مٺي، ٽنڊو جان محمد، آهوري، ڀوريلو. رائلو، ديرو تڙيون، جوڳي مڙهي ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. استاد رائچند راٺوڙ جو والد چتون مل هريجن ”پيري“ هو. هو پنهنجي پيري پيءُ جي ڪم مان اُتساهه وٺي ٿر جهڙي علائقي ۾ ڪشالا ڪڍي، پيرين، پيادل ۽ اُٺن تي سفر ڪري ٿر جي تاريخ جي حوالي سان صحيح معلومات گڏ ڪئي ۽ ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ جو ڪم ڪيو. ٿر جي تاريخ کي سهيڙڻ لاءِ هُن ٿر جي مقامي استادن جي پڻ مدد ورتي. ٿر ۾ سفري سهولتن جي اڻهوند جي باوجود هو ٿر متعلق مفيد معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ آيو. ٿر جي ڏورانهين ڳوٺن تائين ويندو هو ۽ اتي هر ڳوٺ جي چڱن مڙسن ۽ مقامي استادن جي مدد سان ٿر جي علم، ادب، فن، تاريخ، لوڪ موسيقي، رهڻي ڪهڻي، ثقافت، جاگرافي ۽ سماجي حالتن متعلق مواد گڏ ڪندو هو. 1946ع ۾ استاد رائچند راٺوڙ مٺيءَ ۾ پڻ بدلي ٿي آيو ۽ مٺيءَ ۾ پڻ نوڪري ڪيائين. 1946ع کانپوءِ هو جڏهن چيلهار بدلي ٿي آيو ته هن هڪ ننڍڙي لائبريري پڻ قائم ڪئي، جهن ۾ ڪجهه ڪتاب پڻ هوندا هئا. مهراج ٻالچند ۽ گڻيس داس جي ننڍڙي دڪان ۾ قائم انهيءَ لائبريري ۾ ان وقت جا دوست محمد سومار بجير، ڀانو مل، ٻالچند مهراج، گڻيس داس ۽ ٻيا علم، ادب ۽ تاريخ تي وڏا وڏا بحث ڪندا هئا. علائقائي تاريخ جي حوالي سان ”تاريخ ريگستان“ هڪ منفرد مقام رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ رائچند راٺوڙ آسان ٻولي ۾ ٿر جي موضوعن تي تفصيلي روشني وڌي آهي. ٿر جهڙي علائقي ۾ جتي سهولتن جي اڻهوند هجي اُتي هڪ ماستر (استاد) ماڻهو ٿر متعلق معلومات قلمبند ڪري ته منهنجي خيال ۾ اهو هڪ وڏو قلمي پورهيو آهي. راچند راٺوڙ جي تحقيقي ڪم مان اسان پنهنجي شاهوڪار لوڪ ادب ۽ تاريخي قصن جون پاڙون کوٽي هٿ ڪري سگهون ٿا. رائچند راٺوڙ پنهنجي ڪتاب ”تاريخ ريگستان“ ۾ ٿر جي ثقافت، ٻولي، ادب، فن، رهڻي ڪهڻي، جاگرافي سماجيات تي جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهڙو ٿر جي تاريخ تي ٻي ڪنهن اديب يا محقق ناهي لکيو. رائچند راٺوڙ پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل ادارو هو، جنهن جو ڪيل تحقيقي ڪم تاريخ ۾ پنهنجي اهم حيثيت رکي ٿو. اهڙي شاهڪار ڪتاب لکڻ تي رائچند راٺوڙ کي انهيءَ وقت پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ گهرجي ها. سنڌ جي عظيم تاريخ دان جي قلمي پورهئي جو قدر ڪندي موجوده جمهوري حڪومت جي تعليم کاتي جي صوبائي وزير پير مظهر الحق پنهنجون ڪوششون وٺي چيلهار جو مين پرائمري اسڪول رائچند راٺوڙ جي نالي منسوب ڪيو آهي. سندس اهو عمل ساراهه جوڳو آهي پر سنڌ جي ثقافت کاتي ورسي واري ڏهاڙي تي رائچند راٺوڙ کي وساري ڇڏيو هو. ٿيڻ ائين گهرجي ها ته رائچند راٺوڙ جي ورسي جو ڏهاڙو سرڪاري سطح تي ثقافت کاتي سنڌ يا ضلعي حڪومت طرفان وڏي شان شوڪت سان ملهائڻ گهرجي ها پر ثقافت کاتي جي ڪامورن ۽ ضلعي حڪومت جي ڪامورن کي رائچند راٺوڙ ڪٿي ٿو ياد اچي سگهي؟ اڄ هُن جي چيلهار ۾ ورسي ملهائي پئي وڃي. رائچند راٺوڙ جو قلمي پورهيو اسان وٽ امانت آهي، انهيءَ جي قلمي پورهئي کي مڃتا ڏيڻ لاءِ صحيح طريقو هي آهي ته انهيءَ جي اڻ ڇپيل مواد کي ڇپائي ڪتاب جي صورت ۾ آڻي پڌرو ڪيو وڃي. سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان سنڌ جي هن مهان محقق ۽ تاريخ دان جي نالي حيدرآباد يا ڪراچي ۾ ڪو وڏو علمي ادبي ادارو قائم ڪيو وڃي. چيلهار ۾ هن جي نالي قائم ادبي لائبريري کي ترقي وٺرائي وڃي. اُميد ته سنڌ سرڪار ۽ ثقافت کاتو انهيءَ ڏس ۾ ضرور ڪوششون وٺندو. روزانه عبرت جي ٿورن سان