• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

توکي ارپڻ آيا آهيون لڙڪ کڻين نذرانا ماڻهو تنهنجا ڪي ديوانه ماڻهو...!

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ آرزو
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ
تمام سٺو ۽ سهڻو جملو پر چترڪاري ۾ ڇوڪر جي اکڙين مان نڪرندڙ رت غير فطري ٿو لڳي، رت روئڻ مهاورو آهي پر ڪنهن به اک مان رت جو ڳوڙهو ناهي وهندو ها اکين جي لالاڻ ضرور وڌي ويندي آهي ۔۔۔ ٻي ڳاله ته منهنجي سمجهه آهر هن جملي ۾ ڪجه اکر بدلائجن ته سمجهه ۾ آساني ٿيندي ۔۔۔ جيئن

توکي ارپڻ
آيا آهيون (هن جي جاءِ تي ” آهن“)
لڙڪ کڻين (هت ن اضافي آهي)
نذرانا ماڻهو ( هن ن جي ڪمي آهي)
تنهنجا ڪي
ديوانه ماڻهو...! (هت به ن جي ڪمي آهي)

هاڻ جملو لکبو

توکي ارپڻ
آيا آهن
لڙڪ کڻي
نذرانا ماڻهون
تنهنجا ڪي
ديوانه ماڻهون ۔۔۔!
 
اياز گُل جي خوبصورت غزل مان کنيل هڪ بند آهي۔ سندس لازوال غزل هيٺ پيش ڪجي ٿو۔​

2u9371w.jpg
 
آءُ هميشه ماڻهو ۔۔۔ ”ن“ ساڪن سان لکندو هيس پر اڄ پڪ ڪرڻ خاطر جامع سنڌي لغات کوليم ته ماڻهو ” ن” کان بغير لکيل آهي ۔۔۔ ۽ وري اڃان پڪ لاءِ لوهاڻا ڊڪشنري ڏٺم ته اتي به ”ماڻهو“ لکيل آهي ”ن“ کان بغير ۔۔۔۔ سو ان بهاني اها پڪ ٿي ته اهو لفظ آهي ۔۔۔۔ ماڻهو ۔۔۔۔

سليمان جو سهڻو ونڊ ۔۔۔
 
Back
Top