اسلام عليڪم دوستو! انشاالله هاڻي مان هن فورم تي پنهنجي گهٽ علم واريون ڪجهه ٽرڪس پيش ڪندو رهندس اُميد ته توهان کي پسند اينديون۔ توهان جيڪڏهن پنهنجي آپريٽنگ سسٽم ونڊوز کي لاڪ ڪرڻ ٿا چاهيو ته ان جو هڪ سولو طريقو ڏسڻ ٿو چاهيان۔ اهو به اهڙو جن سان سيڪنڊن جي اندر سسٽم لاڪ ٿي ويندو ۽ فقط توهان ئي سسٽم اَن لاڪ ڪري سگهو ٿا۔ بس ڪرڻو ڇا آهي، ڪجهه به نه۔۔۔۔۔۔ صرف ونڊوز لوگو واري ڪي سان گڏوگڏ L کي پريس ڪيو۔۔۔ ڪم تيار هي ٽِرڪ رش ۾ ڪم ايندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔sindhsalamatsaathsal
زبردست ۔۔۔۔۔ ٻين لفظن ۾ توهان تڪڙ ۾ لاگ آف ٿي ويندو ۽ ڪو ٻيو تڏهن ئي لاگ ان ٿيندو جڏهن توهان واري يوزرس جو پاسورڊ ڄاڻندو هجي۔۔۔۔
جواب: ونڊوز کي لاڪ ڪريو، تڪڙ ۾ هڪ طريقو وڌيڪ به آهي۔۔ جو اسان جا ڪافي دوست ڪي بورڊ بجائي مائوس کي گهڻو استعمال ڪرڻ چاهيندا آهن۔۔۔ انهن جي دلچسپي لاءِ اهو ساڳيو عمل سمجهائجي ٿو۔۔۔ توهان کي گهرجي ته توهان ڊيسڪ ٽاپ تي هڪ شارٽ ڪٽ رکو جنهن کي مائوس ذريعي ڊبل ڪلڪ ڪرڻ سان ونڊوز تڪڙي لاڪ ٿي ويندي۔۔۔ شارٽ ڪٽ ٺاهڻ لاءِ ڊيسڪٽاپ تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري new ۽ پوءِ shortcut تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هاڻي کلندڙ وزرڊ ۾ هيٺيون ڪوڊ ڪاپي ڪري پيسٽ ڪريو۔۔۔۔ ڪوڊ: %windir%system32rundll32.exe user32.dll,LockWorkStation نيڪسٽ پريس ڪريو۽ نالو لکو جهڙوڪ Lock PC ۔۔۔ فنش بٽڻ ڪلڪ ڪرڻ سان ڊيسڪٽاپ تي هڪ شارٽ ڪٽ ٺهي پوندو ۔۔۔ هاڻي ان تي ڊبل ڪريو ۔۔۔ ۽ توهان جي ونڊوز لاڪ ٿي ويندي۔۔۔۔
جواب: ونڊوز کي لاڪ ڪريو، تڪڙ ۾ ادا اسد توهان تمام بهترين ٽپ ڏسي آهي اميد ته آئنده به اهڙي فيض سان فيضياب ڪندا رهندا.