عراق جو سفر ۽ ٽي ڏينهن قيام السلام عليڪم دوستو جيئن ته 26 اپريل 2012 تي دوحه قطر مان مان وايا شارجه شاه نجف روانگي ٿي هئي جتي سنڌ سلامت جي ساٿي ادا علي علي جن دل جي گهراين سان استقبال ڪيو . ۽ حضرت علي ڪرم الله وجه جن جي روضي مبارڪ جي ڀرسان هڪ هوٽل ۾ رهائش جو انتظام ڪيو! هڪ رات شاه نجف ۾ قيام هيو جتي ڪافي زيارتون ڪيون . حضرت علي رضي الله عنه جن جي روضي کان سڏ پنڌ تي هڪ تاريخي قبرستان هيو جنهن ۾ جنهن ۾ حضرت سيدنا هود ءِ صالح عليه الصلوات والسلام جن جو روضو مبارڪ هيو . مقامي ماڻهن جي چوڻ مطابق ان قبرستان ۾ 2100 الله جي نبين جون قبرون آهن . هي قبرستان لڳ ڀڳ 5 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي مشتمل هيو . رات جو سومهڻي جي نماز کان بعد نجف کان ڏھ ڪلوميٽر پري ڪوفي جي شهر وياسين جتي حضرت علي ڪرم الله وجه جن جي مسجد ۽ گهر مبارڪ هيو . ڪوفي کان واپسي تي اچي ادا علي علي سان گڏ رات جي ماني کاڌيسين ماني ۾ دريا فرات جي تازه مڇي ڪوئلي تي پڪل تمام لذيذ هئي. ماني کانپوءِ رات جو هوٽل تي اچي آرام ڪيوسين صبح جو سوير ادا علي هڪ گاڏي ۽ ڊرائيور ساڻ ڏنو جنهن سان گڏ بغداد روانا ٿياسين رستي ۾ بابل شهر وٽان گذر ٿيو . هي اهو شهر آهي جتي حضرت سليمان عليه السلام جي زماني ۾ الله پاڪ جا ٻه فرشتا هاروت ۽ ماروت نازل ٿيا هئا . هتي الله پاڪ جي پيغمبر حضرت ايوب عليه السلام جن جو روضو مبارڪ آهي جنهن جي زيارت ڪئي . منجهند جو بغداد شريف پهتاسين جتي غوث الاعظم حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحمت الله عليه جن جي مزار شريف ۽ مدرسي جي زيارت ڪئي سين هتي ٻيپهري جي نماز پڙهي انکانپوءِ حضرت امام اعظم ابو حنيفه رحمت الله عليه جن جي مزار ۽ مدرسي تي پهتاسين اها زيارت ڪري پوءِ بغداد شهر جي بلڪل ڀرسان ئي ڪاظمين آياسين جتي امام موسا ڪاظم جن جي مقبرو هيو زيارت ڪري وري منجهند جي ماني کائي اتان ڪربلا معلا جي طرف نڪتاسين شام جو سج لٿي ڪربلا پهتاسين جتي ادا علي علي موجود هيو امام حسين رضي الله عنه جن جي روضي مبارڪ جي ڀرسان هڪ هوٽل ۾ اچي سامان وغيره رکي سج لٿي جي نماز پڙهي امام حسين رضي الله عنه جن جي روضي تي آياسين جتي زيارت ڪري وري امام حسين جي روضي جي ڀرسان غازي عباس جي مزار تي حاضري ڀري سين هتي ٻه ڏينهن قيام هيو ٻئي ڏينهن وري موٽي نجف الاشرف آياسين جتان واپسي ڪراچي جي فلائيٽ هئي وايا شارجه . ڪراچي ايئر پورٽ تي سنڌ سلامت جي دوستن ادا محمد سليمان وساڻ ، ادا عبدالرشيد سمون صاحب ۽ ادا عرس پريو جن آيل هئا انهن سان چند منٽ ملاقات ٿي اهو مختصر عراق جو ٽن ڏينهن جو سفرنامو هيو جيڪو اوهان دوستن سان ونڊ ڪيو سين. 70 اٽيچمينٽ ڏسو 71 اٽيچمينٽ ڏسو 72 اٽيچمينٽ ڏسو 74 اٽيچمينٽ ڏسو 75 اٽيچمينٽ ڏسو 76 اٽيچمينٽ ڏسو 78 اٽيچمينٽ ڏسو 79 اٽيچمينٽ ڏسو
سدا خوش هجو سائين خوشقسمت آهيو جو اوهان کي اهڙين سٺن ۽ مقدس جاين گهمڻ جو موقعو مليو۔ نه صرف اهو پر علي علي سان پڻ ملڻ جو موقعو مليو جيڪو اسانکي شايد هاڻ نه ملي سگهي۔ اوهان سان ايئرپورٽ تي پهرين ملاقات ۾ ايئن لڳو هو ته ڄڻ اسان جي ڪا جنم کان دوستي هجي۔ سنڌ سلامت اسان کي هڪ خاندان وانگر ملائي رکيو آهي ۽ ملڻ وقت پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي۔ شال سدا خوش هجو
واهه واهه سائين اصل قرب ٿي ويا، پڙهڻ کانپو ائين لڳو اسان به انهن مقدس جڳهين تي توهان سان گڏ هجون، واقعي توهان خوشنصيب آهيون جو اهڙي مقدس جڳهن جي زيارت توهان کي نصيب ٿي آهي، الله جي نبين ۽ ان جي پيارن ٻانهن جي سرزمين تان ٿي آيا آهيو، شل جڙيا هجو جهان ۾، دعا آهي ته اسين به ڀيرو ڀڃي اچون۔ آمين