سائين مهربانيون جو اوهان انٽرنيشنل فقير جو ديدار ڪرايو پر هتي ته ڪم گودڙيء کان به چڙهيل آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ شال اسان جو هي سهڻو دوست سدا خوش هجي ۔۔۔۔۔۔
سندس اها گودڙي يقينن مون لاءِ هوندي۔۔۔ پر ڪن تي رکيل فون مون لاءِ نه هئي۔۔۔ کيس گودڙي موڪلڻ جي محبت ڪن تي رکيل فون کان سوائي هئي ان ڪري ڏک نه رهيو۔۔۔
ڪيڏو نه ڊوڙي وڃي اها گودڙي خزانو سمجهي هٿ ڪئي هئي... پر کوليسين ته خبر پئي ته هتي ته ڪاري وارا ڪک پيا آهن... لڳي ٿو مال کائي ويو رڳو کاڄ موڪليو هيائين... :
ادا هي فقير انٽرنيشنل فقير جي نالي سان مشهور آهي ، سنڌ سلامت جي انتظامي سٿ ۾ نائب منتظم جي عهدي تي فائز آهي ، پاڻ عراق ۾ رهندا آهن ، هڪ دفعو هي فقير به ساڻن ملاقات ڪرڻ عراق ويو هيو 2012 ۾ هيٺين لنڪ تي تفصيل ڏسي سگهو ٿا علي علي http://www.sindhsalamat.com/members/4/
ادا بحرحال عراق کان ڪراچي تائين ايڏو وڏو پاچڪو موڪلڻ ۽ کڻي اچڻ به انتهائي مشڪل ڪم هيو ، سدا سلامت هجو اوهان ۽ انٽرنيشنل فقير