منظور ڪلهوڙو
سينيئر رڪن
مون هڪ ڳالهه محسوس ڪئي ته دنيا جي عظيم ماڻهن جي هڪ لسٽ جوڙجي ان لسٽ ۾ انهنجي تصوير سان گڏ ٿورو پروفائيل به ڏجي ته جئين سنڌ سلامت جي ڏسندڙن کي ان معلومات سان به نوازيو وڃي، مان ڪجهه تصويرون ڏئي رهيو آهيان جنهن جنهن دوست وٽ جنهن به عظيم ڏاهي، سياستدان، انقلابي، انسان دوست بابت معلومات هجي ته هت شيئر ڪندا۔۔ لک قرب

حضرت مُحمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ، الله پاڪ جو آخري نبي هئڻ جو شرف مليو ، پاڻ سڳورا صه مڪي شريف ۾571 ع ۾ ڄاوا، پاڻ سڳورن جي والد جو نالو عبدالله هو۔ پاڻ سڳورن مٿان پورو قرآن پاڪ آسمان تان لاٿو ويو، پاڻ سڳورا صه پوري ڪائنات جي لا رحمت اللعالمين بڻجي آيا، پاڻ سڳورن صه جي ولادت کان پهريان دنيا وارا اوندهه ۾ ٻڏل هئا، منهنجي مٺي مدني پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم جن دنيا ۾ اچي ماڻهن کي ان اوندهه مان روشني طرف آندو، اهو منهنجي آقا صه جو شان ۽ منهنجي پاڪ سهڻي الله جو خاص ڪرم هيو جو دنيا جو انڌيارو ٽري ويو ۽ اڄ اسين ان مٺي مرسل صلى الله عليه وسلم جا امتي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ٿاڪيون ۽ ان جي ڏسيل واٽ تي هلي پنهنجي آخرت کي سنوارڻ لا سندس جي خاص قربت جا طلبگار آهيون۔

50 ق هه کان 13 هه بمطابق 572 ع کان 634 ع
خليفو اول، اصل نالو عبدلڪعبه هو، اسلام قبولڻ کانپو عبدالله رکيو ويو، ابوبڪر ڪنيت هئي، پياري نبي مُحمد مصطفى صلى الله عليه وسلم جي ولادت جي ٻن سالن کانپو مڪي شريف ۾ پيدا ٿيو، والد جو نالو ابو قحافه ۽ والده جو نالو اُم الخير سلمى بنت سخر هو، اعلان نبوت صه کانپو مردن ۾ سڀ کان پهريان اسلام قبول ڪيائين ۽ آخر تائين رسول ڪريم صه سان گڏ رهيو، مڪي کان هجرت ڪرڻ وقت پاڻ سڳورن صه جن سان گڏ هئا، پاڻ جن سڀني اسلامي جنگن ۾ شريڪ ٿيا، غزوه تبوڪ جا علمدار پڻ هئا، هجرت جي نون سالن کان پو امير حج مقرر ٿيا، پاڻ سڳورا صه جن بيمار ٿي پيا ته سائين جن کي پنهنجي جڳهه تي امامت ڪرڻ لا نافذ ڪيو ويو، پياري نبي پاڪ صلى الله عليه وسلم جن جي وصال کانپو کيس اسلام مملڪت جو پهريون خليفو مقرر ڪيو ويو پو ٻه سال ڇهه مهينا ۽ ڏهه ڏينهن خلافت جي عهدي تي فائز رهيا۔ مديني ۾ وصال ڪيائين ۽ نبي پاڪ صلى الله عليه وسلم جن جي پيراندي ۾ دفنايو ويو۔ سندس جون ٻه شاديون اسلام قبولڻ کان پهريان ۽ ٻه شاديون اسلام قبولڻ کان پو ڪيائين، غير معمولي ايثار، قرباني ۽ سچائي جي ڪري کيس صديق جي لقب سان مشهور هو، پاڻ سڳورن صلى الله عليه وسلم جن جو فرمان آهي ته مان هر شخص جي احسان جو بدلوڏئي چڪو آهيان پر ابوبڪر صديق رضه جي احسانن جو بدلو قيامت جي ڏينهن الله پاڪ پاڻ ئي ڏيندو۔

حضرت عمر رضه بن خطاب 583 ع کان 644 ع
اسلام جو ٻيو خليفو، نالو عمر رضى الله تعالى عنه لقب فاروق اعظم ۽ ابو حفص ڪنيت هئي، والد جو نالو خطاب ۽ والده جو نالو عنتمه بنت هشام هو۔ قريش جي هڪ شاخ عدي سان تعلق هو، سلسلئه نسب عمررضه بن خطاب بن نفيل بن عبدالعزيز بن رباح بن عبدالله بن قرط بن زراع بن عدي بن ڪعب بن لوي بن فهر بن مالڪ هو، سندن روايتي عرب ماحول ۾ تربيت ورتي، اُٺ چاريائين، پهلواني۽ شهسواري ۾ اعلى مقام حاصل ڪيائين، پاڻ رضه جي گهراڻي ۾ سڀ کان پهريان سندس جي ڀيڻيوي سعيد رضه ۽ ڀيڻ فاطمه رضه اسلام قبول ڪيو تنهن کانپو پاڻ رضه جن جو سينو به اسلام جي نور سان روشن ٿي ويو۔
پاڻ رضه جن جي اسلام قبولڻ کانپو مسلمانن جا حوصله بلند ٿيا، هجرت نبوي صه جي ڪجهه وقت کانپو پاڻ رضه جن ويهارو کن ماڻهن سان گڏ مديني ڏانهن هجرت ڪئي، سڀني جنگين ۾ حصو ورتائين، پاڻ سڳوري صلى الله عليه وسلم جن جي وصال کانپو حضرت ابوبڪر رضه جي مشير جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، 634 ع کان 644 ع تائين خليفي جي عهدي تي فائز هيو، حضرت عمر رضه جو زمانو خلافت اسلامي فتحن جو دور هو، ان دور ۾ وڏين ٻن عظيم طاقتن ايران ۽ روم کي شڪست ڏئي ايران، عراق ۽ شام کي مملڪت اسلاميه ۾ شامل ڪيائين، بيت المقدس جي فتح کان پو پاڻ رضه ان مقدس شهر طرف روانه ٿيا۔ 27 ذوالحجه 23 هه بروز اربع تي فجر جي نماز جي دوران هڪ مجوسي ابو لولو صف مان نڪري پاڻ رضه تي خنجر جا وار ڪري ڏنا جنهن کان پو صحتياب نه ٿي سگهيا ۽ پهرين محرم الحرام 34 هه (644ع) تي انتقال ڪيائين، حضرت بيبي عائشه رضه جي اجازت سان پاڻ رضه کي حضور پاڪ صلى الله عليه وسلم جي پيراندي ۾ دفنايو ويو، حضرت عمر رضه جو دور ّخلافت لڳ ڀڳ ساڍا ڏهه سال رهيو۔

امير المومنين حضرت عثمان رضه بن عفان
579 ع کان 656 ع
صحابي ۽ خليفو ٽيون، 576 ع ۾ پيدا ٿيا۔ قريش جي مشهور شاخ بنو اميه سان تعلق هو، پورو نالو عثمان رضه بن عفان بن عميه بن شمس بن عبد مناف هو، والد جو نالو عفان ۽ والده جونالو اروى هو، زمانه جاهليت کان پڙهڻ ۽ لکڻ سکي ورتو هئائين، اسلام جي شروعاتي دور ۾ حضرت ابوبر صديق رضه جن جي هٿ تي اسلام قبول ڪيائين، جواني ۾ تجارت جوپيشو اختيار ڪيائين ۽ خوشحال ٿي ويا، سخاوت ڪرڻ جي ڪري غني جي لقب سان مشهور ٿيو۔اسلام قبول ڪرڻ وارو ڇوٿون مرد هو، پهروين نڪاح حضور صلى الله عليه وسلم جن جي نياڻي بيبي رقيه رضه سان ٿيو، جڏهن ڪفار مڪه جو ظلم حد کان وڌي ويو ته هجرت ڪري هبشه طرف هليو ويو، تنهنان پو مديني ڏانهن هجرت ڪيائين، حضرت رقيه رضه جي وفات کانپو حضور صلى الله عليه وسلم جي ٻي نياڻي حضرت ام ڪلثوم رضه سان نڪاح ٿيو، ۽ ان جي ڪري سائين جنن جو لقب ذوالنورين ٿيو۔
حضرت عثمان رضه هڪ مالدار تاجر هئا، انهن اسلام جي واڌاري لا پنهنجي سڀ دولت بنا حساب جي خرچ ڪيائين، صلح حديبيه کان اڳ پاڻ رضه جن مسلمانن جا سفير مقرر ٿي ويا حضرت عثمان رضه دور رسالت صه ۾ ڪاتب وحي رهيا، تنهن کانپو پهرين ٻن خليفن حضرت ابوبڪر صديق رضه ۽ حضرت عمر فاروق رضه جن جا مشير پڻ رهيا، جنهن ڪري پو 644ع ۾ حضرت عمر رضه کان پو ڇهن ماڻهن تي مشتمل مجلس شورى پاڻ رضه کي خليفو مقرر ڪيو، پاڻ رضه جي دور خلافت ۾ اسلامي مملڪت جوحدون چئني طرف وڌي ويون۔ پاڻ رضه جي دور ۾ جيڪي علائقه فتح ٿيا تن ۾ قبرص ۽ روڊس جا جزيرا نمايان هئا۔ ان کان علاوه مسلم فوجون ايشيائي ڪوچڪ ۽ مصر ۾ به فتحياب ٿيا، پاڻ رضه جي دور ۾ اندروني سازشن زور ورتو، عبدالله بن سبا بني هاشم ۽ بنو اميه جي وچ ۾ گهڻا وهم ۽ گمان پيدا ڪيا، ڪوفه، بصره ۽ مصر جا ڪيترائي سازشي ماڻهو 35 هجري جي آخر ۾ حاجين جي ويس ۾ مديني پهتا ۽ حضرت عثمان رضه جي گهر جو محاصرو ڪيائون، 22 ڏينهن محاصري کانپو 20 مئي 656 ع تي گهر اندر داخل ٿي دشمنن پاڻ رضه کي شهيد ڪري وڌو، ان مهل پاڻ رضه جن تلاوت قرآن پاڪ ۾ مشغول هئا، پاڻ رضه جن جي قبر مبارڪ جنت البقيع جي اوڀر واري حصي”حش ڪوڪب“ ۾ دفن ڪيوويو۔