• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ۾ گوگل! واه واه

اسلام عليڪم ! دوستو
آهستيآهستيسنڌيءَبهٻينانٽرنيشنلٻولينوانگرڪمپيوٽرجيدنيا۾پنهنجاپيرڄمائيرهيآهي. اهوڏينهنپريڪونهيجنهنڏينهناوهانکيانٽرنيٽتيسنڌيءَجوراجڏسڻ۾ايندو. انشاءَ الله. اڄ مان اوهان دوستن جي سامهون سائين امداد علي اسمائيليءَ جي ڀرپور ڪاوشن جو نمونو يعني هڪ مڪمل سنڌي گوگل سرچ انجن پيش ڪري رهيو آهين اميد ته توهان انکي ڏسي هن سنڌ جي سورهين تي تمام گهڻو فخر محسوس ڪندا.مهرباني، واسلام..

يا
هيءَ ويبسائيٽ وزٽ ڪريو

هميشه دعائن ۾ ياد رکندا
سنڌ سلامت ساٿ سلامت

پاران سيد گل محمد شاه راشدي

vmymj4.gif

 
سٺي ڪوشش آهي، سنڌي ۾ سرچ انجڻ جو ڪم ته گوگل جي مين پيج تي سنڌي ۾ لکي به ڪري سگهجي ٿو پر هي هڪ سٺي ڪوشش آهي جنهن ۾ پري ويو پڻ نظر اچي رهيو آهي۔

دوستن جي اهڙين ڪاوشن جي تعريف ڪجي ٿي۔

اوهان جي بهترين شيئرنگ
 
رزلٽ وارو پيج عربي واري گوگل ڏانهن لنڪ ٿيل آهي۔۔
جڏهن ته گوگل جي سنڌي سروس اڳ ۾ ئي موجود آهي۔ جي ڳولا جو نتيجو عربي بدران گوگل جي سنڌي پيج ڏانهن لنڪ ڪجي ته واه جو ڪم ٿي پوي۔۔۔

ڪم بهر حال ساراه جوڳو آهي۔۔۔ خاص طور تي سنڌي ايڊيٽر۔۔۔
 
دوستن جي اطلاع لاءِ عرض ته هي ويب سائيٽ ڪافي اڳ ۾ (منهنجي خيال ۾ 6 سال پهرين) جوڙي وئي هئي، سائين امداد علي اسماعيلي ان وقت ۾ اسان جي ڊپارٽمنٽ (آئي آئي سي ٽي) جو ڊائريڪٽر هو ۽ آئي ٽي جي شعبي جي فائنل ايئر ۾ ڪجهه دوستن هن ويب سائيٽ کي تيار ڪيو، ان وقت واقعي سنڌي گوگل جي ڪوڊنگ ڏکي هئي ۽ ڪيبورڊ ۾ منهنجي خيال ۾ سائين ماجد علي ڀرڳڙي جي ڪيبورڊ کان مدد ورتل آهي۔۔۔ بهترين ڪوشش آهي۔۔۔
سائين امداد علي اسماعيلي صاحب پنهنجي طور تي سنڌي جي لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيون هيون، ان جي سپروائيزري ۾ سائين ذيشان ڀٽي هڪ سنڌي ورڊ پراسيسر پڻ تيار ڪيو هو، جنهن جي ايم ڦل سيمينار ۾ مون پڻ شرڪت ڪئي هئي۔۔۔۔
 
مهربان دوستو جي سنڌي ۾ گوگل جو ذڪر هليو آهي ته اوهان دوستن کي اها خبرته هوندي ته گوگل وارن سنڌي ۾ گوگل جي سروس شروع ڪئي آهي پر مسئلو اهو آهي جو سنڌي گوگل جي سرچ باڪس ۾ سنڌي ٺيڪ طرح نه پئي لکجي۔۔ جيڪڏهن سنڌسلامت جي ماهرن جي ٽيم گوگل وارن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سنڌي ايڊيٽر کي ٺيڪ ڪرائي ته واه جو ڪم ٿي پوندو۔۔۔۔
 
Back
Top