رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ان جي ته سڀني کي سُٺي ڄاڻ آهي ، سنڌي سياڻا اديب محقق فنڪار رحمدل سڀ جو سڀ هندستان ڏانهن راهي ٿيا ۔ ڪنهن ڪنهن جا نالا ڳڻيا ؟؟ صرف چند نالا ڏيان ٿو مثال رام پنجواڻي ، هوندراج دُکايل ، هرياني دلگير ، ٻلرام داس ، تلو ڪو مل ، گيانچند اهڙا بي حساب نالا آهن ۔ پر آءَ هت هڪڙو اهڙو مثال ڏيان ٿو جيڪو گمنام مثال آهي ۔ 1969ع ۾ ٽيون درجو پي وي اسڪول لاڙڪاڻي ۾ مرحوم سائين احمد بخش ميمڻ (الله سائين جنت ۾ ڪُشادي جاءِ عطا ڪرين آمين ) جي ڪلاس ۾ مون سميت ٻه هندو ڇوڪرا به هئا ۔ هڪ منوهرلال ۽ ٻيو رميش لال ۔ پي وي اسڪول جي حدن اندر هڪ مسجد آهي ، جنهن جي ٽانڪي جمعه جي ڏينهن رسيس جي دوران سائين احمد بخش ميمڻ مرحوم پنهنجي ڪلاس جي ٻارن کي وٺي واري وٽي سان نلڪي کي گيڙا ڏياري ڀرائيندو هو ، تاڪِ جمعه نماز ۾ ڪنهن کي وضو جي تڪليف نه ٿئي ۔ ان سلسلي ۾ ذڪر ڪيل هندو ڇوڪرن کي ان ڪم کان صرف انڪري پري رکيو ويندو هو تاڪ اهو تصور نه ٿئي ته مسلمان ماستر پنهنجي عبادت لاءِ هندو مذهب جي معصومن کان ڪم وٺن پيا ۔ هڪ ڏينهن اسانجي ڪلاس ۾ هيڊ ماستر ڌڻي بخش ڀٽي ۽ هڪ ڪاڪو جنهن کي پهراڻ ۽ ڌوتي پهريل هئي آيا ، هيڊ ماستر صاحب پڇيو ته رميش ڪهڙو آ هي ؟ هي اٿي بيٺو ۽ عين انهي وقت ڪاڪي ٻانهون ٻڌي سائين احمد بخش سان مخاطب ٿيو ته قبلا رميش روئي ٿو ته اوهان هن کان مسجد ۾ پاڻي ڇو نه ٿا گيڙايو ؟؟ سائين پنهنجو مسئلو ٻڌايو ته ايئن نه ٿئي جو سڀاڻي هندو برادري چوڻ شروع ڪري ته اسانجن کان پنهنهجي عبادت لاءِ ڪم ورتو پيو وڃي ۔ ڪاڪي جون ٻانهون ٻڌل ئي هيون چوڻ لڳو رَمن (رميش ) جي پنهنجي مرضي آ ۔ 1972 جي اپريل ۾ رميش وارا روئيندا لاڙڪاڻو ڇڏي ويا ۔ ان جي بدلي ۾ هندستان اسان کي ڇا ڏنو ؟؟؟ لوهه ڪُٽڻ وارا ڏوهاري جن سڄي زندگي ڪوئا ، ٻلا ، ڳوهون ، گدڙ بيدردي سان ماري کائيندڙ پناه گير ڏنا ۔ جن ۾ هر اخلاقي ۽ غيراخلاقي ڪم معيوب نه آهي اهڙي قوم اسانجي حوالي ڪئي ۔ ۽ اسانجا وڏيرا پير فقير انهن بڇڙين رنن جي ادائن تي فدا ٿيا ايتري قدر جو پيرالاهي بخش ته ڪالوني ٺهرائي ڏني جتي روز منهن اڇڙو ڪرڻ ويندو هو ۔