لاکين جو دڙو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ لطيفي151 طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2012۔

  1. لطيفي151

    لطيفي151
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سروس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ

    رڪ سنڌي

    ڳوٺاڻي ۽ شهري ثقافت سان واسطو رکندڙ 9 هزار سال آڳاٽو شهر لاکين جو دڙو سکر شهر جي سائيٽ واري علائقي مان تازو دريافت ٿيو آهي. (1) شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي قديم آثارن جي ماهر غلام مصطفى شر جي نگرانيءَ ۾ تازو هن شهر جي کوٽائي ڪئي وئي. هيءُ شهر 12 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. هن قديم ماڳ کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي شعبي 1988ع ۾ ڳولي لڌو ۽ ابتدائي طور تي کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو. جنهن بعد 1994ع، 1998ع، 2000ع ۽ 2006ع ۾ کوٽايون ڪيون ويون. تازو جنوري 2009ع ۾ ٿيل کوٽائي مان وڌيڪ ثابتيون مليون آهن. ماهرن موجب هيءُ قديم ماڳ بلوچستان مان مليل ڳوٺاڻي ثقافت جي قديم ماڳ مهرڳڙهه جي زماني جو آهي. دنيا اندر ملندڙ سڀ کان قديم 3 شهرن ۾ هيءُ شهر به شامل آهي. جڏهن ته هن کان اڳ هن دور جو هڪ شهر بلوچستان ۾ مهرڳڙهه ۽ فلسطين ۾ جريڪو شهر آهي. اهي ٻئي شهر به لاکين جي دڙي جا هم عصر آهن. هيءُ ماڳ 9 هزار سال آڳاٽو يعني 7هزار سال ق م جي دور جو آهي. پکيڙ جي لحاظ کان هيءُ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قديم شهر آهي. هن وقت تائين دنيا اندر 12 چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل هن عمر جو ڪوبه قديم ماڳ هٿ نه آيو آهي. هيءَ قديم ماڳ 9 تهن تي ٻڌل آهي. هڪ ٻئي هيٺان 9 شهر دفن ٿيل آهن. هيءَ آبادي اتان جي رهواسين تباهه ٿيڻ بعد 9 ڀيرا وري ٻيهر اڏي اتي پنهنجي رهائش اختيار ڪئي. هن ماڳ جي هر تهه جي اوچائي ڏيڍ کان ٻه ميٽر آهي. ماهرن موجب هيٺين تهه جي آبادي پٿر دور سان واسطو رکندڙ آهي. جڏهن ته وچيون تهه ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو رکندڙ يعني 9 هزار سال آڳاٽو آهي. مٿين تهه جا آثار مشهور شهري تمدن موهن جي دڙي جي دور جا آهن. لاکين جي دڙي جي قديم آثارن مان مور جي شڪلين وارا پينٽ ٿيل مٽڪا، ڊزائن ٿيل مٽيءَ جون سرون، مٽيءَ جون ٺهيل چوڙيون، ننڍا گول مٽڪا، رانديڪا ۽ ٻيون شيون مليون آهن. کوٽائي دوران ڪجهه هڏا به مليا آهن. جڏهن ته هتان جي اهم دريافت شيشي ٺاهڻ جي فيڪٽري آهي. هتان لکتن جا به نمونا مليا آهن. اهي لکتون تصويري رسم الخط ۾ آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    تمام سٺي ڳالهه ته سنڌ جون يونيورسٽيز ڪو ڪم ڪن پيون، باقي پاڻ کي ايتري ئي پڪ آهي جيترو اڀرندڙ سج ۾ ته سنڌ ڌرتي تڏهن کان موجود آهي ۽ سنڌ جي ثقافت به تڏهن کان موجود آهي جڏهن کان هن ڌرتيءَ تي انسان جا قدم پيا آهن ۔۔۔۔ سنڌ سموري سون، سنڌ سموري سرهاڻ

    لک قرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو