اروڙ جو مست هڪ اهڙي سچي ڪهاڻي آهي جيڪا اسان جي معاشري جي صحيح عڪاسي ڪري رهي آهي ۔۔۔۔۔۔ امر جليل جي يادگار ڪهاڻين مان هڪ ڪهاڻي آهي۔ اروڙ جو مستامر جليل الله بخش مست جي زيارت ڪرڻ لاءِ اروڙ کان اچي نڪتو ھوس. زبون مسجد وٽ گھوڙي تان لٿس. روھڙيءَ کان اروڙ تائين يڪ ساھي سواري ڪئي ھيم. مفاصلو گھڻو نه ھو، پر ڪپتان کي ھوا ۾ اڏائيندي آيو ھوس. گھوڙو سھڪي رھيو ھو. سنب پگھر ۽ مٽيءَ ۾ اٽجي ويا ھئس. کيس ٻٻر سان ٻڌي، ٿڦڪي ڏنم. منهنجو پراڻو ساٿي آھي. بيحد ڀائيندو آھيانس. مصيبت ۽ مشڪلات ۾ وفادار رھيو آھي. سڏيانس ڪپتان. منهنجو پيرن فقيرن ۾ اعتقاد ڪونهي. مان رھزن آھيان، خوني آھيان، مون کي پنهنجي رائيفل ۽ يوناني خنجر تي اعتبار آھي. پنهنجي قوت ۾ اعتماد اٿم. جنهن کي وڻيم، جڏھن وڻيم قتل ڪندو آھيان. جان فقط انهن جي بخشيندو آھيان، جيڪي قرآن کڻي امان گھرڻ ايندا آھن. اھڙن کي فقط لٽيندو ڦريندو آھيان. ايتري قدر جو لڱن جا لٽا به لاھرائي وٺندو آھيان. پر منهنجو جگري يار عارب ماڇي قرآن مان به نه مڙندو ھو. ڪنهن کي به ٻاڏائيندو ڏسي، بنا دير ختم ڪري ڇڏيندو ھو. پر ھڪ رات عارب ماڇي گم ٿي ويو. الله بخش مست جي معجزن جا قصا ٻڌي، فيصلو ڪري نڪتو ھوس، ته جيڪڏھن مست کان عارب ماڇيءَ جو ڏس نه مليو، ته رائيفل جون سڀئي گوليون مست جي سيني ۾ داخل ڪندس. ٻٽ کولي پگھر اگھيم. نهاريم. پري پري تائين آدم ذات ڏسڻ ۾ نه آئي. رائيفل پختي ڪيم. پوءِ ڀڳل ڀتين، ڦٽل بنيادن ۽ ٽڙيل پکڙيل ڳاڙھين سرن کي لتاڙيندو، اروڙ جي کنڊرن ۾ وڃي پھتس. پويان قديم قبرستان جون قبرون ھيون ۽ اڳيان جبلن جون خوفناڪ لاھيون. اوچتو، خاموشيءَ ۾، پنهنجي پوئتان ڪنهن جي قدمن جو آواز ٻڌم. ڪجھ پٿر جبل جي لاھ تان ٿڙندا، قلابازيون کائيندا، ھيٺ وڃي ڪريا. ور ۾ لڪايل خنجر جي ھٿئي تي ھٿ رکي، وڄ وانگر ڦيرو کائي، پوئتي ڏٺم. ”ڪير آھين؟“ ھو پوئتي ھٽي ويو. ڏٻرو ۽ ڪمزور ھو. ڪاري چادر ۽ اجرڪ جي ٻٽ ڏسي، ھٻڪندي ھٻڪندي پڇيائين، ”تون ڪير آھين؟“ ”مسافر آھيان.“ ”ڀلي آئين ادا،“ ھن پنهنجو ڪمزور ھٿ وڌايو. ساڻس ھٿ ملايم. کيس ٻڌايم، ”مان الله بخش مست جي زيارت تي آيو آھيان.“ ”جيءُ آئين ادا.“ ”ڏس ڏيندين؟“ ”مان پاڻ سائينءَ جو سلام ڀرڻ نڪتو آھيان. گڏجي ٿا ھلئون.“ ”واھ جي ڳالھ ڪئي اٿئي.“ ھو ۽ مان گڏجي روانا ٿياسين. ھلندي ھلندي پڇيومانس، ”اصل اروڙ جو آھين ڇا؟“ ”ھا. ڄايو نپيو ھت آھيان.“ ھن جا قدم کنڊرن ۾ پختا ھئا ۽ ٻرانگھون ڪٿيل ھئس. وک مون کان اڳڀرو ھلي رھيو ھو. ھلندي پڇيائين، پاڻ ڪير آھين؟“ ”جي!“ مان ھٻڪيس. ھن منهن ورائي پڇيو، ”پاڻ ڪير آھين؟“ ”مان ميربحر آھيان،“ ڪوڙ ڳالھايم. ”اسان جي اکين تي ادا، ڀلي آئين.“ وڏيون وڏيون ٻرانگھون کڻندو، وڌندو رھيو. پڇيائين، ”پھريون ڀيرو آيو آھين؟“ ”ھا.“ ”مجاھد جي مسجد وٽ تنهنجو گھوڙو ٻڌل آھي.“ ”مجاھد ڪھڙو مجاھد؟“ ”محمد بن قاسم.“ ”ھا، منهنجو گھوڙو آھي.“ ڳاڙھيون سرون لتاڙيندا، قلعي جي کنڊرن مان ٿيندا، ھڪ سالم مسجد وٽ پھتاسين. ٻڌايائين، ”ھيءَ مسجد به مجاھد جي اڏايل آھي.“ ”ھيءَ بهتر حالت ۾ آھي.“ ”الله جي رحمت اٿس.“ ”۽ ھن ڊٺل مسجد تي؟“ منهنجي سوال تي ھن مون ڏانهن ڏٺو. کھري آواز ۾ چيائين، ”مسلمان آھين؟“ ”پڪو.“ مسجد جي پوئتان پھاڙي پيچرو لھندي چيائين، ”ھن زمين تان مجاھد ڪفر جو خاتمو ڪيو.“ مان ھلندي ھلندي بيھي رھيس. نظر ڦيرائي چئني طرف ڏٺم. ھر طرف کنڊر ھئا. ويراني ھئي. چيم، ”ھينئر ھن زمين تي ڪجھ به باقي نه بچيو آھي.“ منهنجي ڳالھ تي بڇان لڳس. باقي پيچرو ڊوڙندو لھي ويو. جبل جي ترائيءَ ۾ پھچي، سٿڻ ڇنڊي، مون ڏانهن ڏسڻ لڳو. منهن تي مرڪ ھئس. ڄڻ ٺٽولي پي ڪيائين. مان جبل جي خوفناڪ پيچري تان ترڪندو، ٿاٻا کائيندو، وک وک تي بيھندو، ھيٺ لھي آيس. چنجھين اکين ۾ شرارت ھئس. ڪجھ وکون کڻي، پنهنجيون سڪل ٻانهون سنهڙي چيلھ تي رکي، ھڪ ھنڌ بيھي رھيو. چيائين، ”ھن ميدان ۾ سلائج جي پٽ چچ دوکو ڏيئي راڻي مھيرت کي قتل ڪيو ھو.“ چچ ۽ مھيرت جي نالن کان متاثر نه ٿيس. ٻئي منهنجي لاءِ اوپرا ھئا؛ پر ٻنهي جي وچ ۾ بيٺل دوکي جي ديوار ڏسي ورتم. صدين کان ھلندڙ ھوائون به فريب کي لٽي نه سگھيون ھيون. مون چولي ھيٺان خنجر تي ھٿ رکندي پڇيو، ”ھيءَ زمين دوکي ۽ فريب کي جنم ڏيندي رھي آھي ڇا؟“ چولي ھيٺان، ور ۾ وڌل خنجر ھو ڏسي نه سگھيو، باقي منهنجي جملي جي ٺٺولي سمجھي ويو. اکين ۾ نفرت تري آيس. مون کان ڪمزور ۽ ڊڄندو نه ھجي ھا، ته ضرور چماٽ وھائي ڪڍيم ھا. ”گاريون سھندين؟“ عجيب سوال ڪيائين. ”مان سنڌي آھيان.“ ”مست جون گاريون.“ ”اوھ! ھا. پنهنجي مراد پائڻ لاءِ مست جون گاريون سھندس.“ الله بخش مست جي باري ۾ گھڻو ڪجھ ٻڌي ٻاھر نڪتو ھوس. ٻڌو ھوم، ته سوالين کي اگھاڙيون گاريون ڏيندو آھي. مٿن گند، ڪچرو، ۽ ڪرفتي اڇلائيندو آھي. پر گڏوگڏ سندس ڪرامتن جا قصا به ٻڌا ھئم. جوان عورتن جا جن، ڪڍندو آھي. بي اولاد اولاد ۽ نامراد مرادون ماڻيندا آھن. سندس فيض مان فراقيل وصال، ۽ اڃايل آب حاصل ڪندا آھن. مون کي به پنهنجي وڇڙيل دوست جي تلاش ھئي. عارب ماڇي منهنجو جگري يار ھو. چرچي چرچي ۾ کيس وڃائي ويٺس. ھڪ رات ڀنگ ۾ چريو ڌاتورو ملائي پيئاريو ھومانس. ان رات ھو پنهنجي قميص جو گريبان چاڪ ڪري، اوندھ ۾ گم ٿي ويو ھو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ کيس ڳوليم، پر وريو ڪي ڪين. جڏھن ھر طرف کان مايوس ٿي چڪو ھوس، تڏھن، ڪنهن نيڪ بندي کان الله بخش مست جي ڪرامتن ۽ معجزن جا قصا ٻڌي؛ مراد پائڻ لاءِ، اروڙ کان اچي نڪتو ھوس. ”اروڙ مدرسه عارفيءَ کان مشھور آھي. طالب مفت مذھبي تعليم حاصل ڪندا آھن.“ اجنبيءَ اروڙ جي کنڊرن ۾ ٻڌايو. کيس جواب نه ڏنم. مون کي خاموش ڏسي چيائين، ھن جبل جي پويان درگاھ عارفي آھي، درگاھ جي سامھون مائي ڪالڪان جي غار ۽ مندر آھي.“ خاموش رھيس. ڪابه دلچسپي نه ڏيکاريم. منهنجو سمورو خيال مست طرف منتقل ٿيل ھو. چيائين، ”ڪالڪان جي مورتي ۽ مندر جا بت مدرسه عارفيءَ جي طالبن ڀڃي ڇڏيا آھن.“ مان الله بخش مست جي باري ۾ سوچي رھيو ھوس ۽ اجنبي جي ڳالھين ۾ دلچسپي نه پئي ورتم. ھن ٽوپي لاھي، وارن تي ھٿ گھمايو. پڇيومانس، ”پاڻ ڪير آھين؟“ ”عارفي.“ ”ڪم ڪھڙو ڪرين؟“ ”اروڙ ۾ سنڌي ماستر آھيان.“ ”چئبو عالم آھين.“ چنجھين اکين ۾ چمڪو اڀري آيس. گد گد ٿيو. چيائين، ڪھڙيون ٿو ڳالھيون پڇين ادا. ھن زماني ۾ عالم جو ته قدر ئي ڪونهي. ”سچ ٿو چوين، سائين.“ اڇي قبي ڏانهن پنهنجي ساڄي ھٿ سان اشارو ڪندي چيائين، ”شاھ شڪر گنج جو قبو ڏسين ٿو؟“ ”ھا.“ ”۽ زمين جو ھيءُ حصو به شاھ شڪر گنج جو آھي.“ کانئس پڇيم، ”الله بخش مست جي درگاھ اڃا پري آھي ڇا؟“ ”ڇو ٿڪجي پيو آھين؟“ ”نه.“ ”سامھون مارو ڏسين ٿو نه. ان جي پويان الله بخش مست جي درگاھ آھي.“ ٻڌايائين ته ماري تي چڙھي راجا ڏاھر جا سپاھي پھرو ڏيندا ھئا. جتان لنگھي رھيا ھئاسين، سا زمين ٽاڪرو ھئي. ڪنهن وقت ۾ پاڻيءَ جي مسلسل وھڪري سبب پٿر لسو ٿي ويو ھو. ٿوھرن جي پاسي ۾ ڏاڙھن جا وڻ ھئا. پڪ ڪرڻ خاطر کانئس پڇيم، ”ڏاڙھن جا وڻ آھن نه؟“ ”ھا. اھي ڏاڙھن جا وڻ آھن.“ ٻانهن ڊگھيڙيندي چيائيم؛ ”۽ سامھون کير جو کوھ آھي.“ ”کير جو کوھ!“ ”ھا. اچ ته ڏيکاريانءِ.“ کوھ وٽ اچي بيٺاسين. ھيٺ نهاريم. سڪل ھو. تري ۾ پٿر پيا ھئا. ھن چيو، ”ھيءُ کير جو کوھ ۽ ڏاڙھن جا وڻ شاھ شڪر گنج جا آھن.“ ”ھن ۾ ته پٿر آھن، سائين.“ ”ھا. پر پراڻي زماني ۾ ھن کوھ ۾ کير ھوندو ھو، ۽ وڻ ڏاڙھون ڏيندا ھئا.“ کوھ وٽان ھٽندي، ھن پنهنجي ڳالھ جاري رکي، ”شاھ جي وفات کان پوءِ، سندس لالچي مجاورن کير ۽ ڏاڙھون وڪڻڻ شروع ڪيا. ھڪڙي ڏينهن کوھ سڪي ويو، ۽ وڻن ڦل ڇڏي ڏنو. ھينئر وڻن ۾ گل ٿين، پر ڏاڙھون نه.“ وڻ ڳاڙھن گلن سان ڳتيل ھئا. مون قبي ڏانهن ڏٺو. ھو ڳالھائيندو رھيو. شاھ شڪر گنج جي مقبري ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، ”مقبري جي پويان اڇي ڀتر جا لسا ميدان آھن. چوڏھينءَ رات اتي زبردست جوئا ھلندي آھي. سکر، روھڙي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد جا وڏا وڏا سيٺيون، زميندار ۽ ڪامورا جوئا ڪرڻ ايندا آھن.“ ”ھن چوڏھينءَ تي مان پنهنجي دوستن سميت ايندس، ۽ جوئارين جي سموري دولت لٽي ويندس،“ کيس ٻڌايم. ”ڪھڙيون ڳالھيون ٿو ڪرين ادا! ھتي گڙنگ جوئاري ايندا آھن. لکن جي جوئا ھلندي آھي. اسان مسڪينن جو ڪم ڪونهي.“ رائيفل ساڄي ڪلھي مان لاھي، کاٻي سان قابو ڪندي چيم؛ ”جنهن رات مان ايندس، تنهن رات ھتان جا ھڙ ئي جوئاري پنهنجيون جھوليون منهنجي آڏو خالي ڪري ڇڏيندا.“ ڏٻري ماستر کي منهنجي ڳالھ تي کل آئي. پڇيومانس؛ ”پوليس به ايندي آھي؟“ ”ھا. ھڪ ٻه صوبيدار ۽ ڪجھ سپاھي ايندا آھن، پر ڪنهن کي به جھل پل نه ڪندا آھن. ”جنهن رات مان ايندس، تنهن رات اروڙ ۾ سنڌين ۽ عربن جا روح واڪا ڪندا.“ ڪھڙيون ڳالھيون ٿو ڪرين! اروڙ ڪرامتن جو شھر آھي.“ ”شھر، يا کنڊر؟“
مٺيان لڳس. ڪاوڙ ڇنڊيندي چيائين، ”ڪرامتن ۾ اعتبار نه اٿئي، ته پوءِ مست جي زيارت تي ڇو آيو آھين؟“ جواب ڏنو مانس، ”مان سنڌي آھيان، سنڌين جو ٻچو ٻچو ڪاني ڪرامتن جي صاحبن، پيرن ۽ مرشدن آڏو ڪنڌ جھڪائيندو آھي.“ ماري کي ويجھو اچي پھتا ھئاسين. ماري جي ٻئي پاسي الله بخش مست جي درگاھ ھئي. درگاھ جي سامھون سوڙھو لڪ ھو، جتي ماڻھن جي بي پناھ پيھ ھئي. مان غلط رستي کان آيو ھوس. لڪ سان لڳو لڳ پڪو رستو به ھو، جيڪو گھوٽڪيءَ کان وڃي ٿي نڪتو. مسافر چيو، ”ھتي ڪنهن جي ڪين ھلي، جيڪو ڏاڍو، سو گابو.“ ماستر مون سان ھٿ ملائي پيھ ۾ گم ٿي ويو. ھجوم ۾ مرد گھٽ ۽ عورتون لاتعداد ھيون. ڳوٺاڻيون اٻوجھ ۽ ڀورڙيون، شھري عورتون به ھيون؛ چالاڪ، چست ۽ ڦڙت. پيھ مان ڌوڪيندو، ڪرندو، جھرندو، مست جي ڪوٺيءَ وٽ پھتس. ان وقت ھو ڪوٺيءَ ۾ ڪنهن عورت جو جن ڪڍي رھيو ھو. اندران کجڪن جا آواز ٻڌي، سوالي چئي رھيا ھئا، ”مائيءَ جو جن مست سان جھيڙو ٿو ڪري.“ ڪوٺيءَ جو در کليو. ھڪ جوانڙي، وار سنواريندي ٻاھر نڪتي. ڪجھ دير کان پوءِ الله بخش مست ٻاھر آيو. ھڪڙي ڪڇي کان سواءِ باقي سمورا لڱ اگھاڙا ھئس. ڀڀوت بدن، وار وٽيل، ڏاڙھيءَ ۽ مڇن جا وار کنڊريل ۽ اکيون ڳاڙھيون ھئس. پلٿي ماري ويھي رھيو. وڌي وڃي سامھون بيٺومانس. ڇوٽ ۾ ٻه چار گاريون ڏنائين. سھي ويس. الله بخش مست گھور ڪري منهنجين اکين ۾ ڏٺو. ڪجھ دير تائين ڏسندو رھيو. اکيون ڳاڙھيون، جنسي رت، ھٿ وڌائي سٽ ڏيئي منهنجي چادر لاھي ڇڏيائين. ڪجھ نه ڪڇيم. ٻٽ ۾ ھٿ وڌائين، ته چيومانس، ”منهنجي عزت رکجانءِ، مست.“ ھٿ ھٽائي ڇڏيائين. اٿي بيٺو. چيائين، ”ھليو آءُ.“ مان ساڻس ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿيس. در بند ڪري منهنجي سامھون اچي بيٺو. پڇيائين، ڇو آيو آھين؟“ پنهنجي دوست جي ڳولا ۾ آيو آھيان.“ ادب سان وراڻيم، کيس سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳوليو اٿم، پر ناڪام رھيو آھيان.“ پنهنجي ڳاڙھين اکين سان چتائي ڏٺائين. نگاھون نگاھن ۾ وجھندي چيائين، ”تون عبدالرحمان ڌاڙيل آھين.“ ڇرڪ ڀري، ھڪ قدم کانئس پري ٿي بيٺس. سندس ڪرامت جو معجزو ڏسي، اعتقاد سا دل ٽمٽار ٿي ويئي. چيائين، ”۽ تون پنهنجي دوست عارب ماڇيءَ جي ڳولا ۾ آھين.“ الله بخش مست جي باري ۾ جيڪي ڪجھ ٻڌو ھوم، اکين ساڻ ڏٺم. سڄي سنڌ پيرن فقيرن سان ڀريل آھي، پر سائين الله بخش مست جھڙو پھتل ڪو ورلي لڀندو، جيڪي چئي رھيو ھو، تنهن جي اکر اکر ۾ سچ ھو. ”تون سکر واري پراڻي درگاھ جي گادي نشين، ميان سڪل پاٿاريدار جو ويھاريل آھين.“ ”بس سائين، بس.“ سندس پيرن وٽ ويھي رھيس. چيم، ”ھاڻي ڏس ڏي ته عارب ماڇي ڪٿي آھي؟“ سائين الله بخش مست مون کي ڪلھي کان وٺي اٿاري بيھاريو. پٽڪي کان وٺي پيرن تائين جاچي ڏٺائين. اڳيان ڦري، پويان اچي بيٺو. اوچتو رڙ ڪيائين، ”عارب ماڇي مري ويو. تون به سج لھڻ کان اڳ اروڙ مان نڪري وڃ.“ ھن ڪوٺيءَ جو در کوليو، ۽ مون کي ڌڪو ڏيئي ٻاھر ڪڍي ڇڏيائين. ڪنڌ جھڪائي پاڻيءَ جي دلي وٽ وڃي ويٺس. مان سنڌ جو بدنام ڌاڙيل عبدالرحمان آھيان. مان، عارب ماڇي، ۽ ٻيا سرڪش ڌاڙيل سکر واري پراڻي درگاھ جي گادي نشين، ميان سڪل جي ڇانو ۾ رھندا آھيون. ميان سڪل سنڌ جو نامي گرامي پاٿاريدار آھي. وڏا وڏا خوني ۽ نالي چڙھيا ڌاڙيل وٽس سک ۽ سلامتيءَ جي زندگي گذاريندا آھن. رھائيءَ وارو مڙس آھي. ڪنهن کي مجال ڪونهي، جو اک کڻي سندس ٻالڪن ڏانهن ڏسي سگھي. وٽس اھڙا ته ناميارا ڌاڙيل آھن، جن جو نالو ٻڌي، اوسي پاسي وارا ڳوٺ ۽ شھر ڪنبي ويندا آھن. عارب ماڇيءَ جھڙي رھزن ڌاڙيل جي گم ٿيڻ جي خبر ٻڌي، ماڻھن خوشيون ڪيون، ۽ مان ڪجھ عرصي کان پوءِ، عارب ماڇيءَ جي ڳولا ۾ نڪري آيس. ”ڪيئن، مراد مليئھ.“ ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺم. سامھون ساڳيو ماستر بيٺو ھو. ”نه.“ ”ائين وري ڪيئن! اڙي ميان، ھن مست پٿر مان پاڻي ڪڍيو آھي.“ ”توھان لاءِ ڪڍيو ھوندائين.“ ”تنهنجو ته ڪرامتن ۽ معجزن ۾ اعتبار ئي ڪونهي نه.“ ”ٺلھو اعتبار ڪيئن ڪريان.“ ”توکي چيائين ڇا؟“ ”چيائين منهنجو دوست مري ويو آھي.“ ”مري ويو ھوندو.“ ”ڪيئن مري ويو ھوندو،“ چيم؛ ”منهنجي دل ٿي ٻڌائي ته منهنجو يار جيئرو آھي.“ ”غلطيءَ تي آھين، جوان. مست جي ڳالھ پٿر تي ليڪ سمجھ.“ کامندي چيم، ”مان توھان کي ۽ توھان جي مست کي گولين سان اڏائي ڇڏيندس.“ ”ڪفر ٿو بڪين. تنهنجي بندوق کي مست ھڪ ڦوڪ سان خاڪ ڪري ڇڏيندو.“ ”مان رت سان شب قدر ملھائيندو آھيان.“ ”مٿو ڦريو اٿئي.“ ”اڄ توھان جي ڀرم، ۽ منهنجي تلاش جي آخري شام آھي.“ رائيفل ھٿ ۾ ڪيم، ته سنهڙو ماستر منهنجي سامھون اچي بيٺو. چيائين؛ ”ڪھڙو نه طاقتور ۽ ٺاھوڪو جوان آھين. اڙي، پنهنجيءَ جوانيءَ تي رحم ڪر، موٽي وڃ.“ ھڪ کن لاءِ ماستر ڏانهن ڏٺم. کانئس پڇيم؛ ”ڀلا مست ٻڌائي سگھندو ته منهنجو دوست ڪٿي پوريل آھي.“ ”ڇو نه!“ ھن فخر سان وراڻيو، ”اڙي! پھتل اٿئي. کيس ستر ھزار فرشتا اروڙ ۾ لاھي ويا ھئا.“ ”ھا،“ ماستر ٻڌايو، ”ڪجھ سال ٿيندا، ته الله بخش مست ھن ماري جي ٻاھران پيو ھو. کيس ڪاري قميص پئي ھئي ۽ قميص جو آڳو ڦاٽل ھوس. سيني تي اونهي گھاءَ جو نشان ھوس.“ ”ڪاري قميص. اونهو گھاءُ.“ ٽپ ڏيئي اٿي بيٺس. ماستر کي ڌڪو ڏيئي، پري ڪري، پيھ ۾ ڪاھي پيس. سڌو اچي الله بخش مست جي ڪوٺيءَ وٽ بيٺس. ان وقت ھو نذرانو وٺڻ لاءِ ٻن نوجوان عورتن سميت ڪوٺيءَ ۾ داخل ٿي رھيو ھو. ھڪدم سندس سامھون وڃي بيٺس. عورتون ڊپ وچان ھڪ طرف ھٽي ويون. مست گارين جو ڀرپور وسڪارو ڪيو. مست کي ٻانهن کان ورتم. سڄو ھجوم ۽ سوالين جي خلق اٿي کڙي ٿي. ڪن سنڍا کنيا، ڪن باٺا، ڪن ڏنڊا ۽ ڪن ڪھاڙيون اڀيون ڪيون. الله بخش مست کي ڪوٺيءَ ۾ اندر ڌڪو ڏيئي، ھجوم جي سامھون رائيفل سڌي ڪري وڃي بيٺس. کين ٻڌايم؛ ”مان عبدالرحمان ڌاڙيل آھيان.“ خلق تي برف ڪري پيئي. جيڪي الر ڪري اڳتي وڌي آيا ھئا، سي ھڪ وک پوئتي ھٽي ويا. ڪنهن چيو؛ ”ڇڏيو. مست پاڻھي ئي پورو ڪندس.“ اندر وڃي ڪوٺيءَ جو در بند ڪري ڇڏيم. مست جي اکين مان ڄڻ الا نڪري رھيا ھئا. مون کي ڏسي، گارين جي ڌم لائي ڏنائين. ور مان خنجر ڪڍي سندس سيني تي رکيم. ”تون ڪوڙو آھين. مڪريل آھين.“ جواب ۾ گاريون ڏنائين. کيس ڪنڌ کان وٺندي چيم؛ ”تون عارب ماڇي ڌاڙيل آھين.“ اکين جي باھ ڍري ٿي ويس. چپن تي مرڪ تري آيس. منهنجي ٻانهن پري ڪندي چيائين؛ ”پھرين نظر ۾ ته نه سڃاڻي سگھئين.“ ڳراٽڙي پائي ملياسين. چيم؛ ”وڏو ٻهروپيو ٿي پيون آھين.“ ”ٿيڻو پيو آھي.“ ”موٽندين نه؟“ ”ويھ ته سھي.“ ٻئي تڏي تي ويھي رھياسين. اھو عرصو جيڪو جدا گذاريو ھئوسين، تنهن عرصي جون ڳالھيون ڪيوسيون. ڳالھين ڪرڻ کانپوءِ چيم، ”عاربو، توکان سواءِ ڪھاڙيءَ تي ڪٽ چڙھي ويئي آھي.“ ”منهنجو مجاور ٿيندين؟“ کلندي پڇيائين. ”ڇو ٿو پنهنجي کل لاھرائين،“ ٻئي ڄڻا ٽھڪ ڏيئي کلي پياسين. چيم، ”اڳ جو چوندو ھئين، ڌاڙن کان سواءِ مري ويندين، سو اڄ ڪيئن جيئرو آھين؟“ چپن تي معنيٰ خيز مرڪ ڦھلجي ويس. چيائين، ”بيوقوف سنڌين کي ڪھاڙين ۽ بندوقن کان سواءِ به ڦري سگھجي ٿو.“ تڏي جي ڪنڊ مٿي ڪري، کڏ ۾ زيورن ۽ پئسن جو انبار ڏيکاريائين. چيائين، ”ڪنهن ڏينهن اچي سڀ کڻي وڃجانءِ.“ حيرت مان ڏانهنس ڏٺم، ”ڏاڍي ملڪيت ميڙي اٿيئي!“ وراڻيائين، ”سنڌ ۾ ڪاني ڪرامتن جو پير ٿجي، يا رھزن ڌاڙيل. ٻئي ڌنڌا ھڪجھڙا آھن. ٻنهي ۾ ھڪ جيتري ڪمائي آھي.“ ”ڪفر ٿو بڪين ڀوڪ.“ ”مان پير آھيان. ياد رک.“ کلندي چيائين، ”ڌاڙيل لاءِ قانون آھي، پر ڪاني ڪرامتن جي پيرن لاءِ ناھي.“ ”توسان پڄڻ، شيطان سان پڄڻ برابر آھي.“ ”ان جملي لاءِ ڪن سڪي ويا ھئا رحمان. پراڻا ڏينهن ياد ڏياري ڇڏيئھ.“ ”ھلندين نه.“ ”نه.“ جواب ڏنائين، ”اڃا ملڪيت ھٿ ڪرڻي اٿم.“ ”پڪڙجي نه پوين.“ ”ماھر ٿي چڪو آھيان. ھن ڌاڙي ۾ ڊپ آھي نه ڊاءُ. اٻوجھ پنهنجو گھر ٻڌي نذرانو ڏيڻ ايندا آھن.“ ٻاھر خلق ۾ بيچيني وڌندي ٿي ويئي. سندن آواز اندر اچي رھيا ھئا. ھلچل زور ٿي ويئي ھئي. مان اٿي بيٺس. کانئس پڇيم، ”ھتي رھڻ جو فيصلو ڪيو اٿئي ڇا؟“ ”ھا. جيستائين راز، راز رھندو، پير رھندس. نه ته توسان اچي ملندس.“ ”مان تنهنجو انتظار ڪندس، سائين الله بخش مست.“ ھن ٽھڪ ڏنو، ”سنڌ ۾ چرين کي پير، ۽ ديوانن کي پھتل سڏيندا آھن.“ ”چڱو عاربو، مان وڃان ٿو. خوش آھيان، جو توکي ڳولي لڌو اٿم.“ ”ترس،“ منهنجي سامھون اچي بيٺو. چيائين، ”منهنجو ڪم خراب ڪيو اٿئي. مان ٻاھر ھلي ٿو بيھان. تون سڀني جي سامھون، منهنجي پيرن تي ھٿ رکي، ھڪ طرف ھليو وڃجانءِ.“ ڳراٽڙي پائي موڪلايوسين. چيومانس، ”ڏنڊو ٿي پيو آھين.“ وراڻيائين، ”سچي گيھ ۽ جوانڙين جي مھرباني آھي.“ عارب ماڇي ڪوٺيءَ جو در کولي ٻاھي اچي بيٺو. ماڻھن جي زبان تارونءَ سان لڳي ويئي. ٻاھر آيس. عارب جي قدمن ۾ ويھي، سندس پيرن تي ٻئي ھٿ رکيم. خلق جو اعتقاد پختو ٿي ويو. آواز آيو، ”واھ واھ، الله بخش مست، تو عبدالرحمان جھڙي ڌاڙيل کي جھڪائي ڇڏيو.“ اٿي بيٺس. ڪنڌ جھڪائي اڳتي نڪري ويس. ڪنهن چيو، ”سائين جي ڪرامت ته ڪو ڪوٺيءَ ۾ ڏسي.“ ماري کان ڦري اروڙ جي ڦٽل قلعي جو رخ ڪيم. سج لھي ويو ھو. کنڊرن ۽جبلن تي اونده ڪاري چادر وڇائجي ويئي ھئي.
اسلام عليڪم سائين محترم سليمان وساڻ صاحب.... مون ته جيڪا اٽيچمينٽ ڪئي هُئي شايد مون کان اُها ٺيڪ طرح سان نه ٿي سگهي انشاءالله ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاء وري ڪوشش ڪنداسين..... ليڪن سائين توهان جون مهربانيون جو سائين امرجليل صاحب جي مڪمل ڪهاڻي سنڌ سلامت تي شيئر ڪئي ۽ تمام سٺي نموني ۽ عمده طريقي سان پيش ڪئي جا پڙهي ڪري ڏاڍي خوشي ٿي.....