اڄ جڏهن آءُ شام جي وقت ٻارن کي ٽيوشن پڙهائي رهيو هوس ته هڪ عورت جيڪا عام لفظن ۾ ته فقير معنيٰ پنڻ واري هئي پر آءُ ان کي پنڻ واري نه پر مجبور عورت چوندس جيڪا پنهنجن جي هٿان مجبور ڪئي وئي آهي ان پيشي لاءِ جڏهن هن مونکان ڪجهه ڏيڻ جي التجا ڪئي ته مون هن کان ڪجهه سوال ڪيا موکي خبر ناهي ته اهي سوال ڪرڻ گهرجن ها يا نه سوال هن ريت هئا سوال_ اوهان ڪير آهيو؟ جواب_ آءُ اها عورت آهيان جيڪا ٻوڏ دوران پنهنجي ڪٽنب سان گڏ هتي لڏا آئي هيس ۽ اوهان سان ملاقات گورنمنٽ اسڪول ۾ ٿي هئي ٿي سگهي ٿو اوهان کي ياد نه هجي سوال_ اوهان ڪٿان کا لڏي آيا هئا؟ جواب_ مان رجهان کان لڏي آئي هئس ۽ هاڻ اتي ئي غازي ڳوٺ ۾ رهان پئي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ سوال_ اوهان جا پٽ ڇا ڪندا آهن؟ جواب_ هن ڏک ڀريل صاف ۽ چٽن لفظن ۾ چيوته منهن ڪارو ڪرائيندا آهن مون پڇيو مطلب!!!!!!!!!!!!!!!!!!! جواب ڏنائين ته جوئا کيڏندا آهن ۽ پوءِ هو منهنجي ذهن ۾ الئي ڪيترا سوال اڀاري هلي وئي مونکي صرف اهو ذهن ۾ رهيو ته هڪ ماءُ اولاد کي جنم ڏيڻ کان مرڻ گهڙي تائين انهن لاءِ ڪيترا ڏک ڏسي ٿي ۽ ٻاهرين دنيا جا طعنا برداشت ڪري ٿي
اهائي ته بد نصيبي آهي ۔۔۔۔۔۔۔ اسان جا نوجوان بي راهه روي ۽ گندي صحبت ۾ اچي ڀٽڪي وڃن ٿا۔ ڪراچي ۾ رهندي روزگار جا اڻ کُٽ ذريعا آهن پر ان لاء هڪ شرط آهي اهو آهي محنت ڪرڻ جو۔ ان ماء جي ڇا حالت هوندي جنهن جي نوجوان اولاد ڪجهه نه ڪري ۽ ماء کي ٻين اڳيان هٿ ٽنگڻو پوي۔
ها ڪيترائي مرد آهن جيڪي صرف عورتن جي ڪمائي تي ڀاڙيندا آهن، پوءِ ڳوٺ هجن يا شهر ۔۔۔۔ آڱريون سڀ برابر نه ٿيون هجن ۽ اهو مرض ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ترقي يافته ملڪن ۾ به موجود آهي، مونکي ڪنهن دوست ٻڌايو ته هت سعودي نوجوان به اهڙي ڇوڪري شاديءَ لاءِ ڳولهيندا آهن جيڪا ڪنهن حڪومتي نوڪريءَ ۾ هجي، انجو سبب ته جيئن هوءَ ڪمائي ته هي کائن ۔۔۔ پر جيئن ته سنڌ جون حالتون معاشي ۽ معاشرتي طور ترقي يافته ته ٺهيو ترقي پذير به ناهن ته اها حالت ٿيڻ ” اوش“ آهي مطلب ٿيڻي ئي ٿيڻي آهي ۔۔۔ حساس ماڻهون اهڙيون ڳالهيون سوچي سگهي ٿو، باقي بي احساس ماڻهون جي آڏو رت پيو وهندو به کيس ڪو قهڪاءُ ڪون ٿيندو ۔۔۔لک ٿورا،