• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

Con جي نالي سان فولڊر ٺاهيو ۽ ڊاهيو.....

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم دوستو!
اميد ته توهان سڀ الله جي رحمت جي سائي ۾ هوندو۔
هڪ بهترين ٽپ توهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان۔۔ اميد ته پسند ايندي۔۔
عام طور تي اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته con جي نالي سان فولڊر ڪمپيوٽر ۾ نه ٿو ٺاهي سگهي. ڳالهه ته صحيح آهي پر اسان به ته ان جو پيڇو نه ڇڏينداسين.
اهو دراصل آپريٽنگ سسٽم جي هڪ مين فائل جو نالو آهي جنهن جي مدد سان ونڊوز بوٽ اپ ٿيندي آهي، ان جي ڪري توهان اهو نالو ڪنهن به فولڊر تي نه ٿا رکي سگهو.. پر اڄ اسان به پڪو پهه ڪيو آهي ته فولڊر ضرور ٺاهينداسين سو به انهيءَ نالي سان.
اچو ته سکون..
سڀ کان پهرين ڪمانڊ پرامپٽ يعني ڊاس کي اوپن ڪريو.
پوءِ اهڙي طرح ڪمانڊ ڏيو...
md \\.\\c:\con
هاڻي هي فولڊر اسان جو ٺهيو سي ڊرائيو ۾ توهان ٻئي ڪنهن ڊرائيو ۾ به ٺاهي سگهو ٿا. هاڻي اچو ته ان کي ڊليٽ به ڪريون... توهان هن فولڊر کي عام طرح سان ڊليٽ به نه ٿا ڪري سگهو. ۽ نه وري ڪمانڊ پرامپٽ مان ڊليٽ واري ڪمانڊ ڪم ڪندي...
بس ريمووِ ڊائريڪٽري واري ڪمانڊ ڪم ڪندي.
rd \\.\\c:\con
اهڙي طرح توهان ٻين نالن سان به فولڊر ٺاهي سگهو ٿا..
مثال طور PRN وغيره
sindhsalamatsaathsal
 
بهترين ادا
اهڙي شيئرنگ جاري رکجو

ادا ڪو ٽائيم هو ادا رشيد ڪون فولڊربابت سوال ڪيو هيو جنرل سڀني دوستن کي ڪنهن فورم تي مان اصل اهڙو ته جواب ڏنومانس جو ادو هٿ ئي کڻي ويو سوال جواب کان:D:D:D:D


shal judy hujeen
 
واه ڙي فقير واه اصل اهڙو جواب ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔suhnan saan
shabashshabashshabashshabashshabash
sindhsalamatsaathsal
 

asul mattasul mattlajwab-sharingshabash

ادا ڪنهن دوست ڳالهه هڪ پوسٽ ڪئي هئي ان ئي موضوع متعلق سص الله جي قدرت 'کي بيان ڪيو هئائين
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=1659
ادا اتمام بهترين پر ادا ڪنهن دوست ڪون لفظ نه لڪجڻ جو سبب ٻڌايو هو ته اهو لفظ الله سان مخصوص آهي انسان جو لفظ ڪون چوڻ درست نه آهي ان ڪري ڪمپوٽر جي وس کان ٻاهر آهي
مون 'ي تمام گهڻي 'کل آئي ۽ خاص ڪري انهن دوستن تي جن اکيون ٻوٽي ان پوسٽ ۾ سبحان الله ، ماشاء الله ڪئي ۔
ادا اوهان جي پوسٽ انهن لاء لمحه فڪريه آهي ته انڌي تقليد جائز نه آهي بلڪه سوچ سمجهه کان ڪم وٺڻ لازمي آهي

 
تمام دوستن جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ننڌڙي شيئرنگ جي ساراهه ڪئي۔
 

asul mattasul mattlajwab-sharingshabash

ادا ڪنهن دوست ڳالهه هڪ پوسٽ ڪئي هئي ان ئي موضوع متعلق سص الله جي قدرت 'کي بيان ڪيو هئائين
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=1659
ادا اتمام بهترين پر ادا ڪنهن دوست ڪون لفظ نه لڪجڻ جو سبب ٻڌايو هو ته اهو لفظ الله سان مخصوص آهي انسان جو لفظ ڪون چوڻ درست نه آهي ان ڪري ڪمپوٽر جي وس کان ٻاهر آهي
مون 'ي تمام گهڻي 'کل آئي ۽ خاص ڪري انهن دوستن تي جن اکيون ٻوٽي ان پوسٽ ۾ سبحان الله ، ماشاء الله ڪئي ۔
ادا اوهان جي پوسٽ انهن لاء لمحه فڪريه آهي ته انڌي تقليد جائز نه آهي بلڪه سوچ سمجهه کان ڪم وٺڻ لازمي آهي


ادا بس ڇا چئجي ۔ هر ڪو بنا تصديق جي عالم ٿو ٿيڻ چاهي۔۔ اڻپوري معلومات صحت لا مضر آهي۔۔۔ وزارتِ معلومات asul matt
 
Back
Top