ڊاڪٽر آفتاب قريشيءَ جو قتل يا هڪ مسيحا جو قتل

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    ڊاڪٽر آفتاب قريشيءَ جو قتل!


    ٻه اڍائي هفتا کن اڳ اغوا ٿيل نيورو سرجن آفتاب احمد قريشي بازياب ته نه ٿي سگهيو، پر ڏوهارين جي قبضي ۾ رهڻ دوران قتل ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر آفتاب قريشيءَ کي 12 مئي ته ان وقت اغوا ڪيو ويو هو، جڏهن هو ڪراچيءَ کان حيدرآباد واپس اچي رهيو هو. رپورٽون اهي هيون ته ڊاڪٽر کي آزاد ڪرڻ عيوض ان جي پونئيرن کان وڏي رقم طلب ڪئي هئي. ڪراچي سي پي سي ايل سربراهه موجب جن ڌاڙيلن پاران ڊاڪٽر کي اغوا ڪيو ويو هو، انهن کي پوليس گهيري ۾ آندو ته مقابلو شروع ٿي ويو، جنهن دوران ڊاڪٽر آفتاب قتل ٿي ويو.


    جڏهن ڪير اغوا ٿيندو آهي، تڏهن اهڙن نتيجن اچڻ جو ئي گهڻو انديشو هوندو آهي، جنهن ڪري مغويءَ جا وارث پوليس کان مدد وٺڻ بدران پنهنجي ڪوششن سان مغويءَ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪنهن جي اغوا ٿيڻ کان پوءِ پهرين ته پوليس ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ٿيندي، پر جيڪڏهن ان مٿان ڪو زور بار پوندو آهي ته پوليس بنا ڪنهن پلاننگ جي ڪارروائي ڪرڻ لڳندي آهي. هن معاملي ۾ به بلڪل ايئن ئي ٿيو آهي. ڪراچي پوليس اهڙا ڪي به اپاءَ نه ورتا، جيئن مغويءَ کي محفوظ نموني سان بازياب ڪرائي وٺي. جيڪڏهن ڪو مغوي ڪنهن جي قبضي ۾ هوندو، ۽ پوليس اتي حملو ڪندي ته اغوا ڪندڙ ردِعمل ۾ پهريون ڪم اهو ئي ڪندا ته مغويءَ کي نقصان پهچائين. پر هيءَ جيڪا ڪارروائي ٿي آهي، ان ۾ اها ڳالهه به سئو سيڪڙو پير ٻڌي نٿي چئي سگهجي ته ڪو ڊاڪٽر آفتاب کي هروڀرو به ڏوهارين قتل ڪيو هوندو، ممڪن آهي ته خود پوليس پاران ڏوهارين ڏانهن اڇلائجندڙ گولين جو هو نشانو بڻيو هجي. ڊاڪٽر آفتاب جي اغوا کان پوءِ سندس شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو مسلسل احتجاج ڪندا رهيا، پر سرڪاري سطح تي ڪا به سنجيدگي نظر نه آئي. سامونڊي قزاقن هٿان اغوا ٿيلن جي بازيابيءَ لاءِ ته سموري سرڪاري مشينري پريشان هجي ٿي، پر هتي سنڌ اندر جيڪي ماڻهو اغوا ٿين ٿا، انهن لاءِ هو ڇو پريشان ٿين؟ جيڪو اغوا ٿيندو، سو پاڻهي ڀنگ ڀري آزاد ٿيندو. هتي ٿئي به ايئن ئي ٿو، جو اهڙا مثال تمام گهٽ آهن، جو ڪنهن مغويءَ کي پوليس پنهنجي ڪارڪردگيءَ تحت بازياب ڪرايو هجي. جيڪي سرنديءَ وارا هوندا آهن، اهي ڀنگ ڀري پنهنجي پياري کي بازياب ڪرائيندا آهن، ۽ جيڪي ڀنگ ڀري سگهڻ جهڙا ناهن هوندا، سي مغوي يا ته ڌاڙيلن هٿان مارجي ويندا آهن يا وري ڌاڙيلن وٽ تيستائين لوڙيندا رهندا آهن، جيستائين اهي مٿن رحم کائي کين پاڻ آزاد نه ڪن.


    ڊاڪٽر آفتاب قريشيءَ جو اغوا ۽ قتل هڪ اهڙو ڏوهه آهي، جيڪو بظاهر کڻي ڌاڙيلن ڪيو آهي، پر ان معاملي کي جهڙي نموني پوليس اختيارين هينڊل ڪيو، سو به ڪنهن ڏوهه کان گهٽ نه هو. هڪ هاءِ پروفائيل ماڻهو، جنهن جي بازيابيءَ لاءِ آپريشن ڪيو پئي ويو، ان لاءِ نه حيدرآباد پوليس کي ڪو اطلاع ڏنو ويو، نه وري انهن کي آپريشن ۾ شريڪ ڪيو ويو. اها به خبر ناهي ته اهڙي آپريشن لاءِ صوبي جي اعليٰ اختيارين کي اعتماد ۾ به ورتو ويو هو الائي نه! اسان سمجهون ٿا ته هن آپريشن جي سنڌ سرڪار جاچ ڪري ته ان ۾ ڪٿي مس هينڊلنگ ٿي آهي، جو هيڏو وڏو نقصان ٿي ويو.
    اغوا جي حوالي سان سنڌ ڏوهارين جي گهيري ۾ آيل آهي، ان گهيري مان سنڌ کي نجات ڏيارڻ لاءِ ڇا پوليس ايئن ئي ڪردار ادا ڪندي رهندي؟



    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مسيحائي اڄ به معتوب آهي
    ڊاڪٽر اسد جمال پلي

    [​IMG]اها 1990ع جي سال جي شروعات هئي، جو ڄامشورو ۾ نيورو سرجري جو وارڊ ڊاڪٽر عبدالستار ايم هاشم ميمڻ شروع ڪيو ۽ مون وارڊ جي پهرئين رجسٽرار طور چارج سنڀالي. ان زماني ۾ اهو جنون هوندو هو ته ڪنهن به طرح اسين وارڊ سنڀالي وڃون ته جيئن مستقل طور سول اسپتال ۾ نيورو سرجري جو وارڊ قائم ٿي سگهي. پهرين آئون اڪيلو رجسٽرار هئس ۽ منهنجا ڏينهن ۽ راتيون وارڊ ۾ گذرندا هئا ۽ ذاتي زندگي ڄڻ منهنجي لاءِ بچي ئي ڪانه هئي. ٿوري وقت لاءِ ڪو ٻيو رجسٽرار ايندو هو پر ڪم جي سختيءَ سبب بدلي ڪرائي ويندو هو، جڏهن ته مون پير پختا جهليا هئا. سال ڏيڍ بعد ڊاڪٽر علي بخش سهتو ۽ ڊاڪٽر مبين ميمڻ به اچي رجسٽرار طور منهنجو ساٿ ڏنو ۽ اسان ٽنهن جي رفاقت وارڊ لاءِ سٺو سنئوڻ ثابت ٿي.

    نيورو سرجري جو شعبو تمام حساس شعبو آهي. جڏهن حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ دماغ ۽ ڪرنگهي جي شعبي (نيورو سرجري) جو وارڊ نه هوندو هو ته ايمرجنسي ۾ جيڪو ايڪسيڊنٽ يا جهيڙي جهڳڙي ۾ دماغ جو ڌڪي ايندو هو ته ان کي مٿي تي پٽي ويڙهي جناح اسپتال ڪراچيءَ جو ڏس ڏبو هو. ان زماني ۾ اڃا ڪراچيءَ جو سپر هاءِ وي ڊبل نه ٿيو هو ۽ رات جي وقت حادثا به گهڻا ٿيندا هئا. ٻئي طرف قانوني مونجهارن سبب نوري آباد کان اوڀر طرف وارا سپرهاءِ وي جا سڀ ايڪسيڊنٽ ٿيل مريض پهرين ڄامشوري يا حيدرآباد آڻبا هئا ۽ بعد ۾ وري ڪراچي اماڻبا هئا. سنڌ جي ٻهراڙي جا اٻوجهه ماڻهو ويچارا حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ به پيا منجهندا هئا، سو ڪراچيءَ جو نالو ٻڌي ويچارن جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويندي هئي. ڪي ويچارا پئسا نه هئڻ سبب واپس ڳوٺ ورندا هئا ته ڪي اتي ئي پيا هوندا هئا. ڪي نوري آباد کان دنبا ڳوٺ وچ ۾ پساهه پورو ڪندا هئا ۽ جيڪي وڃي ڪراچيءَ پهچندا هئا، انهن لاءِ اتي وري ڪئين ٻيون مصيبتون هونديون هيون. اسپتال جي گرد ۽ نواح ۾ موجود ”دهليءَ جا ٺڳ“ هنن کي ڪئين بهانن سان ٺڳي ويندا هئا. ويچارن جا پاڻيءَ لاءِ ورتل ڪولر به چوري ٿي ويندا هئا. مطلب ته ڊاڪٽريءَ جي هن شعبي ۾ ٻهراڙيءَ جي غريب ماڻهن جو ڪوبه حال پڇڻ وارو ڪونه هوندو هو.

    نيورو سرجري وارڊ جي کلڻ تائين حيدرآباد ۾ ٻين شعبن جا ماهر ڊاڪٽر ته موجود هئا پر نيورو سرجري جي دنيا ۾ ماٺ لڳل هئي. ساڳئي وقت پروفيسر ڊاڪٽر ارشاد احمد مورياڻي جي ڪوشش سان سي ٽي اسڪين (C.T.Scan) جي مشين پڻ لڳي. هنن سڀني ڪوششن سان ملتان کان وٺي ڄامشوري تائين هيءَ واحد ”دماغ جي آپريشن“ جو وارڊ کليو هو. ابتدائي مشڪلاتن مان ڊاڪٽر عبدالستار ايم هاشم ميمڻ جهڙو باهمت شخص اسان جهڙن سيکڙاٽن کي گڏ کڻي پار پئجي ويو ۽ ٿورن مهينن ۾ حيدرآباد شهر جي ”لال بتي“ واري حصي ۾ به دماغ جو وارڊ کلي ويو. سنڌ جي ماڻهن لاءِ دماغ جو هي وارڊ وڏو سهارو ٿي پيو ۽ ماڻهن کي ڪراچيءَ جي ڳالهه وسري وئي. وري جڏهن 1993ع ۾ ڊاڪٽر عبدالستار ايم هاشم ميمڻ کي واپس جناح اسپتال گهرايو ويو ته وارڊ لوڏن ۾ اچي ويو. ڇهن مهينن تائين مون پروفيسر جان محمد ميمڻ جي خواهش ۽ سرپرستيءَ ۾ وارڊ جا آپريشن ٿيٽر کولي رکيا ۽ پوءِ منهنجي بدلي به عمرڪوٽ ٿي ويئي. هي ٻه ٽي سال وري به سنڌ جي عام ماڻهوءَ لاءِ ڏکيا سال ٿي پيا. هنن تڪليفن جي عرصي ۾ 1995ع جي پوين مهينن ۾ ڊاڪٽر آفتاب احمد قريشيءَ اچي ڪنسلٽنٽ نيورو سرجن طور وارڊ سنڀاليو. قريشي صاحب جنهن کي ”مرحوم“ لکندي منهنجو قلم رڪجي وڃي ٿو ۽ دل ۽ دماغ قبول ئي نٿا ڪن ته هو اسان سان گڏ ناهي، تڏهن صرف اهو جملو سهارو ٿو ڏئي ته هو ”مرحوم“ نه آهي، پر هو شهيد آهي ۽ شهيد هميشه زنده رهندا آهن. آفتاب احمد قريشي صاحب ڍڳ ڊگرين جا ماڻي ٻاهرين ملڪن مان به تربيت وٺي اچي ٻهراڙيءَ جي سنڌ جي عوام جي خدمت لاءِ حيدرآباد وسائي. هو تمام ذهين ۽ محنتي انسان هو. جيترو جسماني طور ٿڪل ڏسڻ ۾ ايندو هو، ايترو ئي ٿڪاوٽ سندس ڪم ۾ وري بلڪل ڪانه هئي. هو سدائين پنهنجي ڪلاس ۾ به پهريون نمبر رهيو ته ڪم ۾ به پهريون نمبر. مون ڪجهه وقت لاءِ 1996ع ۾ اچي سندس شاگردي قبول ڪئي هئي. ٻيهر جڏهن نيورو سرجري وارڊ کلي پيو ته سنڌ جي عام غريب ماڻهوءَ جي ڄڻ الله ٻڌي. شهيد ڊاڪٽر آفتاب احمد قريشيءَ وڏي محنت سان هن وارڊ کي وري آباد ڪيو. هن پنهنجي ڏينهن رات جي محنت سان وڏو نالو ڪمايو. نه صرف نالو ڪمايو پر هن فيلڊ ۾سنڌ جي عوام جي جيڪا خدمت ڪئي، ان جو ڪو مثال ئي ڪونهي. پروفيسر ڊاڪٽر آفتاب احمد قريشي نه صرف وارڊ سنڀالي عوام جي خدمت ڪندو رهيو پر هن نوجوان ڊاڪٽرن جي ٽيم پڻ تيار ڪري ورتي ۽ وارڊ ۾ ٻيا به ڪنسلٽنٽ نيورو سرجن تيار ڪري ورتا ته جيئن هن وارڊ جو مستقبل به محفوط ٿي سگهي. انهن ڊاڪٽرن ۾ ڊاڪٽر رياض احمد ميمڻ، ڊاڪٽر واشديو، ڊاڪٽر حامد علي ۽ ڊاڪٽر عبدالرئوف ميمڻ اهم آهن. آفتاب صاحب اها ٽيم تيار ڪري سنڌ جي عوام لاءِ وڏو تحفو ڇڏيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته نوجوان نيورو سرجنن جي هيءَ ٽيم، جيڪا پنهنجي ڇپر ڇٽ کان محروم ڪئي وئي آهي، تنهن ٽيم کي ڊاڪٽر آفتاب صاحب کانسواءِ جيڪي ڏکيائيون پيش اينديون، انهن کي هو ڪيئن منهن ڏيندا ۽ سنڌ جي غريب عوام لاءِ پروفيسر آفتاب احمد جي آباد ڪيل هن اجهي کي ڪيئن روشن رکندا؟

    ڊاڪٽر آفتاب احمد قريشي ”خانواهڻ“ جو هئو. هي اهو ئي خانواهڻ آهي، جنهن جي هڪ پرائمري ماستر جي زندگيءَ تي نارائن داس ڀمڀاڻيءَ ”غريبن جو ورثو“ نالي ناول لکيو. سنڌي ادب ۾ هن ناول وڏي مڃتا ۽ مشهوري ماڻي. خانواهڻ جي هن غريبن جي ورثي مان شهيد ڊاڪٽر آفتاب احمد قريشيءَ جهڙو صوفي منش انسان سنڌ جي غريب عوام لاءِ هڪ وڏو سهارو ٿي اٿيو ۽ 16 سال بحيثيت نيورو سرجن جي سنڌ جي خدمت ڪيائين. سندس سماجي خدمتون به لاتعداد هيون. هن نه صرف مسجدون تعمير ڪرايون ۽ رمضان شريف ۾ مريضن جي رشتيدارن لاءِ وارڊ ۾ سحري ۽ افطاري جو بندوبست ڪيو، بلڪه ڪيتريون چلهيون سندس مالي اعانت سان ٻرنديون هيون. اڄ جڏهن پنهنجي دماغ ۾ حسد ۽ بربريت جون گوليون سمائي هي بهادر شخص خانواهڻ ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي هنج ۾ آرامي ٿيو آهي، تڏهن هيءَ نقصان صرف آفتاب صاحب جي خاندان ۽ دوستن ۽ خانواهڻ رهواسين جو نه آهي پر لکين غريب سنڌين جو آهي، جيڪي هاڻي ڄامشوري جي نيورو سرجري وارڊ ڏانهن بي يارو مددگار نهارين ٿا. اهو ئي وارڊ اڄ اداس آهي ۽ وارڊ جا در ۽ ديوارون به سڏڪا ڀرين ٿا. آفتاب صاحب جي شهرت تي حسد مان کڄندڙ اهي سڀ آڱريون حيرت ۽ شرمندگي کان جهڪيل آهن ته هي ڇا ٿيو؟

    گهڻو وقت اڳي جڏهن امر جليل صاحب قاسم آباد تي لکيل پنهنجو مضمون ”اعتراف جي شام“ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ پڙهيو هو ته قاسم آباد جي سول سوسائٽي کي ڇرڪائي ڇڏيو هو ۽ اڄ جڏهن ”علمدار چوڪ“ تي شهيد آفتاب احمد قريشيءَ جو قيمتي رت وهي هليو ته سنڌ جي باشعور ۽ گهڻگهرن اڳيان اهو سوال به اٿي پيو آهي ته، ”سنڌ جي سهارن تي راتاهو هڻندڙ اهي ڪير آهن؟ سڄي سنڌ جا سڄڻ جڏهن هن وقت سنڌ جي جاگرافيائي بقا جي لاءِ فڪر مند آهن ته اهڙي نازڪ وقت ۾ اهو ڪير سنڌ جي عوام جو دشمن سنڌ کي هيڏو وڏو نقصان ڏئي ويو؟ اڃا ته شهيد بشير قريشي لاءِ وهندڙ لڙڪن جون لارون جاري آهن ته وري هيءَ لڙڪن جي ٻي برسات شروع ٿي آهي. هاڻ ته سنڌ ۾ نه ڪو ارغون، نه ڪو ترخان، نه مير بجار خان تي وسندڙ جوڌپور جا زهريلا خنجر، نه خراسان جو ابدالي- پوءِ به سنڌ ۾ هيءَ مدد خان جي ظلم ۽ زيادتين واري ”گهوڙا ڙي گهوڙا“ ڇو؟ هن سوال جو جواب تاريخ جي صفحن ۾ جواب جو متلا شي ضرور آهي.

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ميب

    ميب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2012
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڊاڪٽر آفتاب قريشي منهنجي ڳوٺ کان صرف پنج ڪلوميٽرن جي فاصلي ڳوٺ خان واهڻ جا رهواسي هئا، ڊاڪٽر جو سمورو خاندان انتهائي شريف ۽ مذهبي ماڻهو آهن، ڊاڪٽر قريشي پاڻ به انتهائي شريف ۽ نيڪ مرد هو، هن جي اغوا کان پوءِ هن جا عزيز انتهائي پريشان هئا، پر پوليس جي ناقص ڪارڪردگي ۽ ناقص پلاننگ جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر آفتاب قريشي جو قتل ٿي ويو نه ته اهڙي صورتحال ۾ پوليس پهريون پنهنجي حڪمت عملي جوڙيندي آهي پر ڊاڪٽر صاحب جي معاملي ۾ پوليس اٻهرائپ جو مظاهرو ڪيو جنهن ڪري هڪڙي فرشتي صفت انسان جو قتل ٿي ويو جيڪو وري به سنڌ ڌرتي جي هڪ پڙهيل گهراڻي جو نقصان ٿيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو