نثارابڙو
نائب منتظم
اوڇڻ گهرجي آجڪو، جهوپو سهي نه سيءُ،
سڻائـــج سُـــوَڙَ کي، حال منهنجــي هـــــيءُ،
اڱڻ آيو ٿــــــيءُ، ته ڍوليا! ڪنهن ڍنــــگ ٿيان.
سر سارنگ
مونکي گرم ڪپڙو ۽ پناه گهرجي ۽ منهنجي جهوپڙي سيءُ نٿي سهي سگهي، منهنجي گڻائتي مڙس کي منهنجو هي حال ٻڌائج،
اي جاني! منهنجي اڱڻ ۾ پيهي اچ ته ڪنهن حال ۾ ٿيان
جن ونين جا مڙس پرديس ويل هوندا آهن ۽ انهن جي جدائيءَ ۾ سياري جي سرد راتين ۾ جيڪا ڪيفيت هڪ وفادار زال جي ٿئي ٿي انجو هڪ سهڻو اظهار۽ انتظار جي ڪيفيت