Abdul Wahid Soomro
سينيئر رڪن
غزل
سوا تنھنجي مٺا منھنجي نڪا دارون دوا ٿي آ،
ڏني مونکي جدائي تو نه توکان ڪا پڇا ٿي آ.
جڏھن کان تون جدا ٿيو آ تڏھن کان بي قراري آ،
صنم تنھنجي جدائي ۾ خوشي وئي ھرخفا ٿي آ.
فراقِ حجر جا ڳوڙھا ھي دامن ۾ سميٽيندي،
وري اڄ ياد ھن جي ۾ صفا دل ھي فنا ٿي آ.
ويون خوشيون ختم ٿي ۽ ڪيو گھيرو غمن آھي،
ڪيان مان عيد ڪھڙي جو ويو جاني جدا ٿي آ.
وکيريازلف آھن ڪنھن فضا ۾ اڄ وري يارو،
لڪي وئي چنڊ جي چانڊاڻ ۽ چوڏس گھٽا ٿي آ.
وڃي بادِ صبا ھن کان حقيقت پيار جي پڇجان،
ويو مونکان ڇو منھن موڙي ڏسيو ڪھڙي خطا ٿي آ.
ٿيو جيون سمورو بي مزا ھن جي جدائي ۾،
فراقِ يار ۾ ھي زندگي ڄڻ ڪا سزا ٿي آ.
ويا"مجروح" جذبا ٿي، ٿيو مضطر جسم منھنجو،
۽ شايد ھي محبت جي اڃا ڪا ابتدا آھي.
"مجروح ڀٽ شاھي
"