• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لائيوِ ڪرڪيٽ اسڪور توهانجي موبائل تي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم دوستو!
جيئن ته اڄ پاڪستان جي ميچ سيمي فائنل ۾ نيوزي لينڊ سان آهي، آهيون ته اسان سڀ پاڪستان ڪرڪيٽ جا شوقين، شل نه ڪو ميچ هجي ۽ اسان چونداسين ڪم ڪار پيو ڌوڙ پائي اسان ته ڪرڪيٽ ڏسون۔۔۔پر ڪم خراب تڏهن ٿيندو آهي جڏهن لائيٽ ئي هلي وڃي هاڻي دانهن ڪنهن کي ڏجي۔۔۔۔
ته هاڻي هي ٽپ انهن موبائل يوزرس لاءِ ڪم واري آهي جيڪي فري جي پي آر ايس استعمال ڪن ٿا۔۔
هنن ويب سائٽس تي توهان ڪرڪيٽ جو لائيو اسڪور ۽ بال بائي بال انفارميشن پڙهي سگهو ٿا ۽ تمام جلدي اپڊيٽ ٿين ٿيون۔۔ مان ته انهن کي وزٽ ڪندو رهندو آهيان۔
m.cricinfo.com
cricketnext.com

sindhsalamatsaathsal
 
۔۔۔۔۔ شل نه ڪو ميچ هجي ۽ اسان چونداسين ڪم ڪار پيو ڌوڙ پائي اسان ته ڪرڪيٽ ڏسون۔۔۔پر ڪم خراب تڏهن ٿيندو آهي جڏهن لائيٽ ئي هلي وڃي هاڻي دانهن ڪنهن کي ڏجي۔۔۔۔
ته هاڻي هي ٽپ انهن موبائل يوزرس لاءِ ڪم واري آهي جيڪي فري جي پي آر ايس استعمال ڪن ٿا۔۔ هنن ويب سائٽس تي توهان ڪرڪيٽ جو لائيو اسڪور ۽ بال بائي بال انفارميشن پڙهي سگهو ٿا ۽ تمام جلدي اپڊيٽ ٿين ٿيون۔۔ مان ته انهن کي وزٽ ڪندو رهندو آهيان۔
m.cricinfo.com
cricketnext.com

sindhsalamatsaathsal

او ادا ڪن ته اورتي ڪر۔۔۔۔۔ مٿين شڪايت منهنجي ته نه ڪئي ڪنهن توهان سان۔۔۔۔۔ يار ٻيلي ڏاهو ٿي ڪرڪيٽ شوقين جي دل جو به حوال ڏس ته راند هجي ۽ بس ڪري ويهجي۔۔۔۔

مهرباني ڪري فري جي پي آر ايس استعمال ڪرڻ بابت آگاهي ڏيو ڪاٿي توهان اهو ته نه ٿا چوڻ چاهيو ته موبائيل تي مفت ۾ انٽرنيٽ هلندي آهي۔۔۔۔

توهان جي ٻڌايل انهن سڀني ڳالهين کان سواءِ مان دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته مان پنهنجي هڪ چائينز دوست جو ٿورائيتو آهيان جنهن منهنجي ڪرڪيٽ جي شوق کي ذهن ۾ رکندي مون کي چائينا جو هڪ اهڙو سيٽ موڪليو جنهن ۾ ٽيليويزن ڏسڻ جو آپشن موجود آهي۔۔۔۔

هن سيٽ جو نالو KE X INDA جنهن جو ماڊل K600 آهي گوگل ته لکي ڳولا ڪريو ته انهن جي مڪمل تفصيل ملي ويندي۔۔۔۔ ان باوجود هن جي خاص فيچرس ۾ ٽي وي پليئر، ٽي وي ريڪارڊ، ايف ايم پليئر بغير هيڊ فون استعمال ڪرڻ جي، ايف ايم ريڪارڊر، بلو ٽوٿ، پي ڊي ايف ريڊر ۽ عام موبائيل جي سڀني آپشنس کان سواءِ هن ۾ هڪ ئي وقت ۾ ٻه سمز کي فعال رکڻ، هڪ ئي وقت ۾ ٻن ميموري ڪارڊز کي فعال رکڻ، هڪ ڪارڊ 2 جي بي جو بلٽن، ٻه بيٽريز، ماسٽر چارجرز هُڪ جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي موبائيل جي بيٽري کي ڪنهن به چارجر ذريعي چارج ڪري سگهوٿا۔۔۔
انتهائي دلڪش لُڪ ۽ وزن ۾ انتهائي هلڪو ۽ ها قيمت توهان جي توقع کان به بلڪل گهٽ۔۔۔۔ ڇا توهان تصوير ڏسڻ پسند ڪندو۔۔۔ ته حاضر آهي۔۔۔۔۔

super_thin_tv_mobile_phone_K600_oliver_.jpg

آهي نه سنڌ سلامت جي موجوده ٽيمپليٽ جهڙو خوبصورت
 
نه ادا اهڙي ڳالهه نه آهي، مان ته پاڻ جهڙي شوقينن جي ساراهه پيو ڪيان۔۔ hall chari
فري جي پي آر ايس زونگ جي نيٽورڪ ۾ هلي پئي جيڪا پورو پاڪستان استعمال پيو ڪري۔ مان به مڙئي غريبن جي لٽ مار جو بدلو زونگ کان وٺان پيو۔
زونگ هاڻي چئي پئي ۔۔۔ سب لي لو۔ اسان چئون ٿا سب دي دو۔۔

باقي انهن چائينيز سيٽن جي باري ۾ مان ٻڌو آهي ته هاڻي پاڪستان ۾ به انهن فيچرز سان گڏ دستياب آهن۔ انهن جي پاڪستان ۾ قيمت ڇا آهي؟ خاص ڪري ڊبل ميموري ڪارڊ ۽ ٽي وي وارو فيچر ته زبردست آهي۔۔

باقي هن فورم جو ٿيم ڪلر جيڪڏهن ڳاڙهي مان هلڪو سائو رکيو وڃي ته بهتر ٿيندو۔۔ sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top