امتحان جو ڊپ ويو ۽ نتيجن جو ڊپ شروع ٿئي ويو۔ پيارا معزاز ميمبرس ،اسان جي ننڊي صاحبزادي بلال مصطفي ميمڻ انگلش زبان ۾ مٿين ٽاپڪ تي والدين کي سمجهائڻ لاء هڪ ليک لکيو آهي،ان جو سنڌي ورزن (ترجمو) اوهان جي نظر ڪرم لاء:_ اڄ اسان جي سيونيٿ اسٽينڊرڊ جي رزلٽ اسڪول ۾ ٻڌائي ويئي،الله پاڪ جي مهربانين ۽ پنهنجي ؤاستادن جي محنتن سان اسان ٽيئن پوزيشن ڪلاس ۾ ۔جنهن ۾ پنجونجه (55) شاگرد هئا،ماڻين سين،اسان کي ڪپ به ڏنو ويو،جڏهن اسان اهو ڪپ کڻي خوشي خو شي گهر آيا سين ۽ بابا سائين کي پنهنجي ڪاميابي جي خبر ٻڌائسين ته بابا سائين اسان کي مبارڪ ته ڏني پر انهن جي چهري تي اهئاء بي اختيار خوشي نظر نه آئي،جيڪا ان موقعي تي والدين جي منهن مان ظاهر ٿئي ويندي آهي۔جڏهن اسان بابا سائين کان ان جو سبب پڇو ته هنن فرمايو ته هو وڌيڪ خوش تڏهن ٿين هان جڏهن اسان پهرين پوزيشن کڻو هان۔بابا سائين جي ان جواب اسان کي هيٺيون ڪجه سٽيون لکڻ تي مٍجبور ڪيو تاڪي حد ادب جي اندر رهندي اسان پنهنجون تڪليفون جنهن جي ڪري پهرين پوزيشن نه کئينسين ٻڌائي سگهون۔ ”والدين اولاد کان مستقبل جون ڪئي اميدون وابسته ڪن ٿا،پر تعليمي ادارن جو حال اهو آهي ته امتحان جي ٽائيم تائين ڪورس مڪمل نه ٿا ڪرائين،ان جا سبب شهر جي حالتون،هڙتالون ۽ ٻيون گهڻيون آهن۔طالب علم امتحان شروع ٿيڻ کان پهريائين ڪورس ڪمپليٽ نه هئڻ جي ڪري خوف ؤدهشت جو شڪار نظر ايندو آهي۔جيستائين اسڪول ۾ ماهانه ٽيسٽ ۽ مڊ ٽرم ٽيسٽ جو سلسلو جاري رهندو آهي شاگرد پر سڪون هوندو آهي پر جڏهن ساليانه امتحان جو سلسلو شروع ٿئي ويندو آهي،هن جي اندر هلچل مچي ويندي آهي،هن کي اندر ۾ ادهم اٿيندا آهن ته الائي منهنجي رزلٽ ڪهڙي ايندي،مان سٺن نمبرن سان پاس ٿئي سگهندس يا نه،مان پنهنجي والدين ۽ استادن جي معيار۽ اميدن مطابق ڪاميابي ماڻيندس يا نه۔جڏهن اهئي سڀ ڳالهيون هن جي ذهن ۾ گردش ڪنديون آهن ته هو پريشر ۾ اچي ويندو آهي،بظاهر ڏسڻ ۾ ته هو پرسڪون نظر ايندو آهي پر اندرني طورهو پنهنجي رزلٽ کان ڊڳل(خوفزاده) هوندو آهي مطلب ته امتحان جو ڊپ(ٽينشن) ختم ٿيندو آهي ته رزلٽ جو ٽينشن شروع ٿئي ويندو آهي۔ جڏهن امتحان ختم ٿئي ويندو آهي ته رزلٽ اچڻ تائين ڊپ ؤخوف جي ڪري ٻار کائڻ پيڻ حتائڪي پنهنجي پسنديد مشغلن ۾ به دلچسپي نه وٺندو آهي ۽ نتيجي جي انتظار ۾ پريشر ۽ ٽينشن ۾ رهندو آهي۔هو اهو سوچيندو رهندو آهي ته جيڪڏهن رزلٽ هن جي والدين جي توقعات مطابق نه آئي ته،هن سان گهر ۾ گهر ڀاتين جو روايو ڪهڙو هوندو؟ اڪثر شاگرد نتائج ۾ سوء فيصد ڪاميابي جي لاء پنهنجا روزمره جي معمولات تبديل ڪري ڇڏيندا آهن۔هو صبح جو سوير اٿئي عبادت ڪندا آهن ۽ پوري يقين سان پنهنجي ڪاميابي لاء دعائون ۾ مشغول رهندا آهن۔انهي دوران هو پنهنجي سڀني دوستن کان به پرتي رهندا آهن ،هنن جي سوچ اها هوندا آهي نتائج جي حوالي سان هو ٻين ماڻهون جون دل ڏکائيندڙ ڳالهيون ڪيئن برداشت ڪري سگهندا۔هو چڙ چڙا ٿئي ويندا آهن۔ٻار(شاگرد ) جو ذهن ايڏو مضبوط نه هوندو آهي ته ان قسم جا پريشر کڻي سگهي،انڪري ٻار ڪڏهن ڪڏهن ڊپريشن جو شڪار ٿئي ويندو آهي،جنهن جي ڪري ڪمزور سوچون هن جون ساٿي ٿئي وينديون آهن ۽ انهن جي آڌار تي هن جو ذهن باغي ٿئي ويندوآهي پڙهڻ کان،، جيڪا شي هن جي ذهني ؤ جسماني نشوء نما لاء خطرناڪ آهي۔شاگرد کي امتحان ۽ ان جي نتيجي تائين پنهنجي والدين ۽ ٻين همدردن کان محبت،نرم روايئي،۽ خوش اخلاقي جي ضرورت هوندي آهي تاڪي هو ان ٽينشن ؤ پريشر واري وقت ۾ پنهنجي پاڻ کي سنڀالي وٺي۔ان ڪري والدين کي گهرجي ته ان وقت پنهنجي اولاد کي وڌيڪ توجھ جو مرڪز بڻائن۔هن ۾ پنهنجي محبت ؤ گفتار سان اعتماد پيدا ڪن ۽ جيڪڏهن ان ٻار جو امتحاني نتيجو هنن جي اميد کان گهٽ آيو آهي ته بار کي همٿائن ۽ ان گهٽ نتيجي اچڻ جا وجھ ڳولهين ،نه ڪئي ان شاگرد سان ڪاوڙ واري انداز ۾ پيش اچن يا هن کي گهٽ وڌ ڳالهائين۔هر ٻار جي دل ۾ الله پاڪ رهندو آهي جيڪڏهن هڪ دفغو به ٻار پنهنجي والدين جي سخت روايئي جي ڪري دلبرداشت ٿيو ته الله سائين ناراض ٿئي ويندا۔“
ننڍڙي جا خيال سٺا لڳا ۽ بلڪ ايئن سمجهو ته منهجي دل وٽان لڳا ۔۔۔۔۔۔۔۔ شاگر پاڻ گهڻي ڪوشش ڪندو آهي ته مان بهتر نمبر کڻي پاس ٿيان ۽ والدين، دوستن ۽ استادن اڳيان سرخرو ٿيان۔ ظاهر آهي هر شاگرد اها ڪوشش ڪندو آهي ۽ ڪنهن هڪ کي پهرين پوزيشن ملڻي هوندي آهي، تنهنڪري اهڙي صورت ۾ ٻارن لاء اهڙو تصور پيدا ڪيو جو هو خوش به ٿين ۽ ايندڙ سال پهرين پوزيشن جي ڊوڙ ۾ لڳي وڃن۔ هميشهه ٻار کي پنهنجو دوست ته ڪڏهن پيء سمجهي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو ۔۔۔۔۔۔ اڄ جي بهترين لکڻي آهي
سائين الله ننڍڙي جي لا ترقين جون راهون آسان ۽ وسيع ڪري، انتهائي سٺا ۽ ذميوارانه خيال اٿس۔۔۔۔ اسان سندس خيالن سان سئو سيڪڙو سهمت آهيون پر گڏوگڏ غلام مصطفى ميمڻ صاحب کي به آفرين چئون ٿا جن پنهنجي صاحبزادي کي لکڻ لا همٿايو اهڙي عمل سان نه فقط ٻار جي همٿ افزائي ٿيندي آهي پر ان جون تخليقي صلاحتيون به نروار ٿين ٿيون۔۔۔۔۔ واقعي هڪ زبردست تحرير آهي۔
الله سائين ڪِڪي کي هميشه خوش و خرم رکي آمين ثم آمين ۔ ننڍڙي جا لفظ اهي ته منهنجا لفظ آهن ، اسان کي اسان واري وقت ۾ ايتري همٿ نه هئي جو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍون ۔ ننڍڙي جيڪي مشورا ڏنا آهن ،سڀني والدين کي عرض ڪبو ته ڌيان ڏين ۔ آخر ۾ وري به معصومڙي پِتڪڙي لاءِ کوڙ ساتريون دعائون ۔
تمام خوبصورت خيال ننڍڙي جا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هن عمر ۾ اهڙا خيال ء بهترين تحرير ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هرڪنهن جي دل جي ڳالهه ڪئي اٿئين
سهڻا سائين! اسانجي ننڍڙي ڀائٽيي بلال مصطفيى کي اسان پاران مٿي تي چميون ۽ کيس اندر جي اظهار کي قلم جي ذريعي ظاهر ڪرڻ تي واڌايون چوندا ۔۔۔ ٻار ڪيترا حساس هوندا آهن هن ليک مان اندازو ٿئي ٿو، انڪري اسان وڏڙن کي انهن سان تمام گهڻي احتياط سان پيش اچڻ گهرجي ۔۔۔ تازو اوهان سليمان جو ليک ته پڙهيو هوندو ته ٻار پنهنجي والدين جي سبب انتهائي قدم کڻڻ تائين سوچيندا آهن ۔۔۔ انڪري انهن جي ناڪميابي تي يا ڪاميابي تي ڏاهپ سان پيش اچڻ گهرجي۔ ٻار پنهنجي والدين جي فطرت کان واقف هجن ٿا انڪري هو پڻ ڏاهپ وارو فيصلو يا رويو رکندا آهن ۔۔۔۔ پاڻ ته جڏهن پڙهياسون انوقت پنهنجي گهر ۾ پهريان ٻار هياسون انڪري ڪنهن پڙهائي بابت سوال ئي نه ڪيو، بلڪه اسانجي والدين لا اها ئي خوشي جي ڳالهه هئي ته پاڻ پٽي ۽ سليٽ کڻي اسڪول ويندا هياسون۔۔۔۔ پياري بلال جو تمام سهڻو ۽ سمجهداري وارو ليک ۔۔۔۔ هڪ سوال ته هي ليک اسانجي ڀائٽي، انگلش ۾ لکيو يا اردو ۾ يا سنڌي ۾ ؟ ٻولي ڪو به مسئلو ناهي اظهار ڪرڻ ضروري آهي، پر آ پنهنجي اندر۾ پئدا ٿيل سوال کي اوهان آڏو رکيو آهي ۔۔۔!!!
بلال مصطفي جي طرفان پنهنجي سڀني معزاز چاچن کي ادب سان مهربانيون هن جي ليک کي پيار ڀري موٽ ڏيڻ تي ۽ التجاء ته مهرباني ڪري پنهنجي اولاد سان تعليم واري معاملي ۾ هڪ شفيق،محٻت ۽ نرم روايئي رکڻ واري والد وانگر حصو وٺي ،ٻار جي نشو نماء ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو۔توهان ڏسندا ته موٽ ۾ اهو ٻار اوهان کي مايوس نه ڪندو پرتوهانجي اميدن تي پوري لهڻ لاء تمام گهڻيون ڪوششون ڪندو۔هڪ دفعو وري توهان سڀني جون تمام گهڻيون مهربانيون۔
ميمڻ صاحب،ننڍڙي بلال مصطفي جن ته پنهنجي ليک ۾ اسان سڀني جي خيالات جي ترجماني ڪئي آهي۔اسان به امتحانن جي ڏينهن ۾ انهن ساڳين پريشيرن مان گذارياسين۔آئي ٽي دور جي سڀني کان سٺي ڳالھ اها آهي ته اڄ ڪلھ جو ٻار پنهنجي دلي ڪفيت ليک جي صورت ۾ يا زباني پنهنجي والدين کي ٻڏائي ٿو جڏهن ته اسان والدين جي سامهون ان قسم جي ڳالھ ڪرڻ جي جرت به نه ڪري سگهندا هئاسين۔اسان کي پنهنجي ۽ ٻارن جي وچم ۾ موجود نام نهاد خلاء کي ڀري( Bridge the gap)، انهن سان نزدڪيون قائم ڪرڻ گهرجن تاڪي هو پنهنجا هر مسئلاء اسان سان شيئر ڪرڻ لاء نه ڪيٻائي۔بلال مصطفي کي هن ليک لکڻ واري جرت ڪرڻ تي اسان جي طرفان تمام گهڻا پيار۽ سلام۔هيء ليک سڀني کي پڙهڻ گهرجي ۽ والدين جون اکيون کولڻ لاءتمام سٺي ڪوشش آهي ننڍڙي ٻالڪ جي۔
محترم سائين غلام مصطفى جن جي فرزند جو مضمون تمام بهترين لکيل آهي سندن مضمون نويسي جي انداز مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن ذهن اعلى درجه جو آهي پوزيشن نه به اچي ته ڪو مسئلو نه آهي ڇو ته ڪڏهن هڪ ٻن مارڪن جي فرق سان پهرين پوزيشن ڪو ٻيو کڻي وٺندو آهي ان جو مطلب اهو نه هوندو آهي ته هاڻ فقط پهرين پوزيشن وارو ئي هوشيار هوندو باقي ٻيا نه ، بلڪ ٿي سگهي ٿو استاد جي موڊ (طبيعت) جي ڪري چيڪ ڪرڻ وقت هڪ ٻن مارڪن جو فرق آيو هجي جو استاد به ته انسان آهي بهرحال سندن مضمون مان ته ائين معلوم ٿئي ٿو پاڻ پهرين پوزيشن ماڻي چڪا آهن۔ سائين جن کي عرض آهي ته سندن انگريزي مضمون به پي ايم ڪندا ته مهرباني ٿيندي ۔
جنهن وقت مان هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ ٽيچر هيم۔۔۔ ته هڪ ڳالهه ۾ سدائين الجهيل رهندو هيم۔۔ جيڪا هئي ته هڪ ئي ماحول ۾ هڪ ئي استاد کان هڪ ئي اسڪول جي هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگردن جي ذهني صلاحيت ۾ ايترو فرق ڇو آهي۔۔ ان ڳالهه کي گهرائي سان سمجهڻ لاءِ هڪ دفعي مون ڪلاس کي ٻن حصن ۾ ورهايو۔۔۔ جيڪي شاگرد پٺتي رهجي ويندا هئا انهن کي الڳ سيڪشن ڏئي خاص توجا ڏيندي جڏهن نتيجا ڏٺم ته ڪافي ڀلا لڳا۔۔۔ ايسيتائين جو گڏيل ڪلاس ۾ خاموش رهندڙ اهي شاگرد الڳ سيڪشن جي هر تعليمي سرگرمي ۾ هڪ جذبي سان نظر آيا۔۔۔ تجربي ثابت ڪيو ته استاد هجي يا والدين جيڪڏهن انهن مان بهتر توقعات رکن ٿا ته کين مناسب وقت ۽ خاص توجا به ڏين ته نتيجا مختلف ٿي سگهن ٿا۔۔۔ ادڙي بلال مصطفى جي هن ليک مون کي هڪ انڊيا جي فلم ”تاري زمين پر“ ياد ڏياري ڇڏي۔۔۔ موڪلن دوران پنهنجي ٻارن سان گڏ تعليمي ۽ تفريحي وقت گذارڻ جو موقعو ملندو آهي۔۔ ان دوران جڏهن پنهنجي ننڍڙن سان گڏ اها فلم ڏٺي ته احساس ٿيو ته جڏهن ٻار مان توقعات وڏيون رکجن ۽ کين مناسب وقت ۽ خاص توجا نه ملي ته هو سوچيندي سمجهندي جڏهن به ڪنهن خاص نقطي تي اٽڪندا آهن ته الجهي ويندا آهن۔۔ ۽ پوءِ هو بس اهو سوچيندا آهن ته ”جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه کائن نه ٿو ٿئي ته هو ڇاٿا ڪري سگهن۔۔۔ والدين ۽ استاد هميشه کين ئي دڙڪا ڏيندا آهن ۔۔ صحيح حل هو ڇو نه ٿا ٻڌائين۔۔۔ ذهن جي ڳٿي هو ڇو نه سمجهن يا سمجهائين۔۔۔۔ آخر جيڪو ڪجهه انهن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ان لاءِ رڳو هوئي جوابدار ڇو آهي۔۔ ؟۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔“ ۽ پوءِ جڏهن حل جي تلاش ۾ ننڍي سوچ الجهندي الجهندي جهنجهلائجي ويندي آهي ته ذهن باغي ٿي پوندو آهي۔۔۔ ۽ هر نصيحت کي واڌو سوچ سان وٺڻ کان انڪار ڪرڻ شروع ڪندو آهي۔۔ ان فلم ۾ اهڙن مسئلن جي حل کي سلجهائڻ جا ڏس به ڏنل آهن جيڪي ڪنهن شاگرد لاءِ نه پر صرف ۽ صرف والدين ۽ استاد لاءِ آهن۔۔۔ ان ڪري مان هر استاد ۽ والدين کي مشورو ڏيندس ته ان فلم کي يڪسانيت سان ضرور ڏسن۔۔۔