دوستو سلام گهڻن ڏينهن کانپوء اڄ وري لطيف سائين جي سُر سارنگ مان هڪ بيت پيش ڪجي ٿو۔ بيت ڇا آهي نيهن وارن جي دل جي ترجماني آهي۔ مِينھان ۽ نِينھان، ٻَئي اَکَرَ ھيڪِڙي؛ جي وَسَڻَ جا ويسَ ڪَري، ته ڪَڪَرَ ڪَنِ ڪيِھان؛ بادَلُ ٿي بيِھان، جي آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَرِين. 90 اٽيچمينٽ ڏسو
بهترين چونڊ سان گڏ، اونهاري جي گرم موسم ۾ جڏهن اکيون مينهن کي ڳولهينديون آهن ۽ سگهارن سک ٿيندا آهن ان وقت سر سارنگ کي ياد ڪرڻ ۽ ڳائڻ به وقتائتو ڪم ۔۔۔ مينهن ۽ نينهن ۔۔۔۔ جي تشبيه ڪهڙي ته خوبصورت انداز سان ٿيل ۔۔۔ لطيف جا بيت پڙهڻ کان پوءِ سچ پڇو ته سڀ شاعر سيکڙاٽ ۽ گهت منزل تي لڳندا آهن ۔۔۔۔ جهڙا لفظ، تهڙي بيهڪ ۽ انکان وڌ نياپو۔ جيئن مينهن جي وسڪار ٿيندي آهي تينئن جڏهن نينهن جي وسڪار دل تي ٿيندي آهي ته ان وسڪار جي سگهه برداشت ڪرڻ ڪنهن عام دل جو ڪم ته ناهي ۔۔۔ سهڻي لطيف جا بيت نه هجن ها ته شايد آءُ ڪڏهوڪر دل هاري ويهان ۽ ڀاڙيو ٿي پوان ها پر لطيف کي پڙهندي اندر ۾ ايتري سگهه پئدا ٿي پوندي آهي جو پاڻکي رستم سمجهڻ لڳندو آهيان ۔۔۔ لک قرب مٺڙا سليمان
اکين جا اگم ، مون تان لاھ م سپرين ڪري ملار مينه جئن وسي لاھ وهم تو ڏٺي مون غم، ڏينهن جا ڏور ٿيا۔ ادا سليمان وساڻ اسلام عليڪم۔توهان شاه سائين جي سرسارنگ مان هڪ خوبصورت بيت کڻي هن اڳڻ جي زينت بنايو آهي،توهانجون مهربانيون۔ سر سارنگ:_ سر سارنگ ۾ سانوڻ جي مندائتي مينهن جو مانڊاڻ مندِل آهي۔مينهن جي پالوٽ سان اڃايلن جي اڃ لهي ٿي۔مال سکيو ٿئي ٿو ۽ سانگي سرها ٿين ٿا۔پرديس ويل پورهيت ديس ورن ٿا ۽ وڇڙيلن جا ميلا ٿين ٿا۔مينهن الله پاڪ جي رحمت آهي۔۽ ان حوالي سان شاه صاحب هن سر ۾ سنڌ جي سّڪار ۽ سڄي جهان جي سک ۽ آبادي لاء دعا گهري آهي۔ان مرڪزي موضوع سان گڏ،(الف) سارنگ جا رنگ سرنگن،اتران اٿندڙ ڪڪرن جي ڪوٽن ڪنگرن،۽ کنوڻين وڄڙين جي کيلن وارو ماحول ۽ مانڊاڻ(ب) ۽ سانوڻ جي فضا ۾ سوڀياوان سانگياڻين جي حسن ۽ جمال جا آهڃاڻ شاه صاحب جي شاعرانه اعجازجا نهايت ئي من موهيندڙ مثال آهن۔سارنگ جا رنگ سهڻا ۽ آگم جا انگ اعلئ،پر محبوب جو ديداراڃان ئي وڌيڪ ”مينه“ ۽ ”نيه“ ٻئي ساڳيء طرح ،ٻئي سهڻا،ٻئي آگم ڪري اچن ۽ ٻئي پنهنجي رضا سان اچن۔مينهن جو وڏو انتظار،پر جڏهن وسي،نيه ۾ محبوب جي ديدار لاء درماندگي،پر جڏهن اچي،،، آگم ڪئيو اچن،سڄڻ سانوڻ مينه جئن پاسي تن وسن ،جي سڀ ڄماندر سڪئا۔ _____ ___________ _________ ڪڪر منجھ ڪپار،جهڙ نيڻن_ئون نه لهي۔ رات منهنجي روح ۾ ،اّٺا پرين آپار آء ساٍن لھه سار،وره وڪوڙِ آهيان۔ (ڪڪر منهنجي ڪاپار ۾ ۽ جهڙ منهنجي اکين ۾ آهي جيڪي وڇوڙي ۾ پيون وسن،سڪ ساه پساء ۾ سمايل آهي۔جي ٻاهري ڪڪر ناهن ته به مينهن اندر مان پيو آّوتون ڏئي)
مهرباني اسان جي دوست مجروح ڀٽ شاهي جي ۔۔۔ سائين به ڀٽ شاهه جو آهي ۽ يقينن لطيف جي نگري جا ماڻهو سهڻا ۽ پُر خلوص ٿين۔