• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ تنظيم جي مرڪزي باڊي جون ساليانه چونڊون۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نثارناز
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ جي اداڪارن ، فنڪارن ۽ ليکڪن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ جي مرڪزي باڊيءَ جو چونڊون تنظيم جي سرپرست اعلي جڳ مشهور اداڪار شهباز ڌراني جي نگراني ۾ واپڊا ليبر هال کوکر محلا حيدرآباد ۾ ٿي گُذريون.
رپورٽ: ۽ تصويرون: نثاراحمدناز
ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ جي مرڪزي باڊيءَ جون چونڊون ، جڳ مشهور اداڪار شهباز ڌراني جي صدارت ۾ ٿي گُذريون جنهن ۾ تنظيم جو صدر سنڌ مشهور فنڪار ۽اداڪار رفيق عيساڻي، نائب صدر اختر رند ۽ الطاف سومرو، عورت نائب صدر لاءِ روبينه قريشي، جنرل سيڪريٽري لاءِ مولابخش مستوئي جوائينٽ سيڪريٽري لاءِ خالد ڪليار ، آڊيٽر لاءِ آزاد گوپانگ ۽ محمدعلي مئڪش، خزانچي واري عهدي لاءِ دليپ ڪوهستاني ۽ پريس سيڪريٽري واري عهدي لاءِ غلام مصطفي سولنگي سال 2012 لاءِ چونڊيا ويا. پيش آهن ان عهديدارن جي آجياڻي جون چند تصويرون جيڪي خالص سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پنهنجي پيشڪش آهن۔
181830_10150950184238216_648198586_n.jpg
582417_10150950901888216_211066860_n.jpg
ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ پاران سڀني مهمانن لا آجياڻي وارو بينر ۽ نئون چونڊيل صدر رفيق عيساڻي صاحب
392565_10150950149868216_445835521_n.jpg
577487_10150950147443216_2069792588_n.jpg
سنڌ جي پري چهرو اداڪاره مُرڪ شاهه مرڪزي باڊي جي اليڪشن کان پو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهي آهي۔
303529_10150950163733216_1580830300_n.jpg
چونڊن جي نگراني ڪندڙ جڳ مشهور اداڪار شهباز ڌراني پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي
552952_10150950882003216_1513297690_n.jpg
سنڌ جو ڀلوڙ اداڪار اسرار لغاري پنهنجا ويچار ونڊي رهيو آهي۔
294934_10150950912483216_231153533_n.jpg
ناميارو سنڌي اداڪار قاضي صاحب پنهنجا ويچار ونڊي رهيو آهي
560722_10150950132888216_985645611_n.jpg
سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز کي اعزازي مهمان جي حيثيت سان اسٽيج تي جا ڏني وئي شهباز ڌُراني ۽ رفيق عيساڻي صاحب سان ساٿ ساٿ۔
600073_10150950898043216_923742236_n.jpg
پٿر دنيا جي وڏيري سڪينه پنهنجي ساٿي فنڪاره سان گڏ هن چونڊن واري تقريب ۾ شريڪ ٿي
255583_10150950899378216_818241453_n.jpg
ننڍڙن ٻارن کان سوا دنيا جي ڪابه تقريب سجندي ئي ڪانهي۔
 
ھميشه وانگي تما م خوبصورتي سان تصوير نگاري ٿيل آھي۔ جس ھجي سائين نثار احمد ناز صاحب جن کي جيڪو ايڏي گرمي ھوندي به اسان کي اھڙين سرگرمين کان آگاھ ٿو رکي۔
 
Back
Top