شيخ سعدي رحه فرمائن ٿا۔ جيڪو اوهان کي ڏُک ڏئي ان کي ڇڏي ڏيو پر جنهن کي ڇڏي ڏيو ان کي ڏُک نه ڏيو۔ ڏينهن جي روشنيء ۾ رزق تلاش ڪيو ۽ رات ۾ ان جي تلاش ڪيو جيڪو اوهان کي رزق مهيا ڪري ٿو۔ بُري صحبت وارن دوستن کان ڪنڊا بهتر آهن جيڪي صرف هڪ دفعو زخم ڏين ٿا۔ آسمان تي نظر ضرور رکو پر اهو نه وساريو ته اوهان جا پير زمين تي آهن۔ جيڪڏهن توهان الله جي عبادت نه ٿا ڪري سگهو ته پوء گناهه ڪرڻ به ڇڏي ڏيو۔ تعجب آهي ته هيڏين مخلوقاتن هوندي به منهنجو رب مونکي نه ٿو وساري ۽ منهنجو ته هڪ ئي الله آهي، مان ان کي به وساري ويهان ٿو ۔۔۔!!! دولت ڪمائڻ لاء پنهنجي صحت وڃائي ٿا ڇڏيو ۽ وري ساڳي صحت کي حاصل ڪرن لاء سموري دولت وڃائي ٿا ڇڏيو۔ مستقبل کي ڏسي پنهنجو حال وڃائين ٿو ۽ وري حال ۾ پنهنجو ماضي ياد ڪري حال کي وڃائين ٿو۔ سٺين عادتن واري نيڪ ۽ پرهيزگار عورت جيڪڏهن فقير جي گهر ۾ به هجي ته ان کي به بادشاه بڻائي ڇڏيندي آهي
اي سير ترا نانِ جوين خوش ننمايد معشوقِ منست آنڪه بنزديڪ تو زشت است حوران بهشتي را دوزخ بُودَ اعراف از دوزخيان پُرس ڪه اعراف بهشت است ( شيخ سعدي رحه ) اي پيٽ ڀَريل توکي جَوَ جي ماني سٺي نظر نه ٿي اچي ۔ منهنجي لاءِ مرغوب آ جيڪا تنهنجي لاءِ خراب آهي ۔ حُورنَ لاءِ ته اعراف ( جنت ۽ دوزخ جي وچ واري جڳهه) دوزخ آهي ۔ پر دوزخين کان پُڇ ته اعراف انهن لاءِ بهشت آهي ۔