نثارابڙو
نائب منتظم
شمسي توانائي جو استعمال
احسان احمد عرساڻي

ڪافي ڏهاڪن کان دنيا ۾ بين القوامي سياست توڙي جنگين جو محور معدني وسيلا رهيا آهن. هر ملڪ کي پنهنجي توانائيءَ واريون گھرجون پوريون ڪرڻ لاءِ معدني وسلين جي رسد گھرجي. دنيا ۾ معدني وسيلا شايد اڃا ڪثير مقدار ۾ موجود هجن، پر اهي هرگز به اڻ کٽ ناهن. ان کان سواءِ توانائي حاصل ڪرڻ لاءِ معدني ٻارڻ Fossil Fuel کي ساڙڻ سان دنيا جي ماحول تي منفي اثر پڻ پئجي رهيا آهن، جن سان سامونڊي سطح ۽ گرمي پد وڌڻ Global Warming جهڙا مسئلا سنگين کان سنگين تر ٿيندا وڃن. انسان جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڀياسي technological ترقيءَ انهن مسئلن کي جنم ڏنو آهي، ۽ اها ساڳي سائنسي ۽ ٽيڪنيڀياسي ترقي ئي انهن مسئلن جو حل به ڳولي ڏيندي. سج، جيڪو اڃا ڪروڙين سالن تائين اسان کي پنهنجي بي پناهه توانائيءَ سان نوازيندو رهندو، تنهن جي توانائي ۽ ان جي شدت مان اسان تمام گھٽ فائدو ورتو آهي. پر وڌندڙ ٽيڪنيڀياسي ترقي اسان کي اميد ڏي ٿِي ته اسين نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجون توانائيءَ واريون سموريون گھرجون اڪيلي سج مان ئي پوريون ڪرڻ جي لائق ٿي پونداسين ۽ اسان کي نه انهن ملڪن جي محتاجي هوندي جن وٽ معدني ٻارڻ جا ذخيرا آهن، نه ئي اسان کي ان لاءِ جنگيون وڙهڻيون پونديون. مطلب ته دنيا ۾ اهي قومون سڀ کان وڌيڪ سکيون ستابيون ٿي پونديون جن کي سائنس ۽ ٽيڪنيڀياسtechnology تي مهارت هوندي ۽ ڪا قوم محض ان ڪري مالي طور سکيو ڪي نه گذري سگھندي جو وٽس معدني ٻارڻ جا ذخيرا آهن.
گذريل ڪجھه سالن کان شمسي توانائيءَ Solar Energy مان بجلي پيدا ڪرڻ جا نوان ڪامياب طريقا دريافت ٿي چڪا آهن. ياد رهي ته شمسي توانائيءَ مان بجلي پيدا ڪرڻ جو برقياتي Electronic طريقو واپاري طور Commercially عملاَ ناڪام ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ شمسي گھرڙا Solar Cells استعمال ٿيندا آهن. جڏهن ته نئون ٽيڪنيڀياس سستو ۽ ڪامياب آهي. سيمينس Siemens نالي ڊچي ڪوٺيءَ German Companyجيڪو شمسي گرمل بجلي گھر Solar Thermal Power Plant جوڙيو آهي، سو ڪنهن به معياري بجلي گھر وانگر ئي آهي، جنهن منجھه توانائيءَ جو وسيلو، ٻاڦ، ۽ ٻاڦ جي زور تي هلندڙ هڪ توانائيهار Generator شامل هوندا آهن. توانائيهار جي ڦِرڻ سان برقي توانائي يعني بجلي پيدا ٿيندي آهي. عام گرمل بجلي گھرن Thermal Powerhouse ۾ توانائيءَ جي وسيلي طور معدني ٻارڻ Fossil Fuel جهڙوڪ ڪوئلو، تيل يا گيس استعمال ٿيندو آهي. مگر سيمينس جي بجلي گھرن ۾ توانائيءَ جي وسيلي طور ڪو معدني ٻارڻ نه پر سج جي روشني يعني اُس استعمال ٿيندي آهي، جنهن کي وڏن ونگيل موٽارن (آئينن) Parabolic Reflectors (Mirrors) جي مدد سان هڪ ليڪَ تي مرڪوز Focus ڪيو ويندو آهي. ان ليڪَ تي اُس جھٽيندڙ نالِي Pipe رکيل هوندي آهي. جيئن جيئن سج پنهنجي بيهڪَ Position تبديل ڪندو رهي ٿو، تيئن تيئن اهي ونگيل آئينا سج جي روشنيءَ کي اُس جھٽيندڙ ناليءَ تي مرڪوز ڪرڻ لاءِ پنهنجو رخ موڙيندا رهن ٿا.
ونگيل شمسي موٽار Solar Reflector تي ٻڌل گرمل شمسي بجلي گھر
اُس جھٽيندڙ ناليءَ اندر هڪ پاڻياٺ، عموماَ هڪ هٿرادو تيل وهندو آهي، جيڪو گرميءَ جي منتقليءَ لاءِ وسيلي جو ڪم ڏيندو آهي. ناليءَ اندر وهندڙ اهو تيل ان تپش کي جذب ڪري گرمي مٽاسٽاڪار Heat Exchanger وٽ کڻي ويندو آهي، جيڪو تيل ۾ موجود گرميءَ کي پاڻيءَ ڏانهن منتقل ڪندو آهي. پاڻيءَ جي تپڻ سان ٻاڦ پيدا ٿيندي آهي، جنهن جو زور برقي توانائيهار Electric Generator کي ڦيرائي ٿو.
پر جديد ترين شمسي گرمل بجلي گھر، سج جي روشنيءَ کي تيل سان ڀريل ناليءَ تي مرڪوز ڪرڻ لاءِ ونگيل موٽار آئينن بدران سَٿيل سڌر فريسنل موٽار Compact Linear Fresnel Reflector (CLFR) استعمال ڪن ٿا، جيڪو سڌر فريسنيل موٽارLinear Fresnel Reflector (LFR) ٽيڪنيڀياس Technology جو هڪ مخصوص جو هڪ قسم آهي. فريسنيل موٽار Fresnel Reflector يا فريسنيل بلور Fresnel Lens، 1818ع ڌاري فرانسيسي طبعياتدان اوگيوستَن جان فريسنيل Augustin Jean Fresnel، مينارن lighthouses ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ ايجاد ڪيو هو. تنهن کان پوءِ فريسنيل موٽارن ۽ بلورن جو استعمال ٽي وي، اوورهيڊ پروجيڪٽرس، گاڏين جي هيڊلائيٽس ۽ ٽريفڪ لائيٽس ۾ استعمال ٿيندو رهيو آهي.
سِڌِر فريسنيل موٽار، آئينن جي اهڙين ڊگھين پٽين تي ٻڌل ٿيندا آهن، جن جي هڪڙي مشترڪه مرڪوزي نقطي Focal Point تي گرمي جاذب Heat Absorber رکيل هوندو آهي. انهن آئينن ۾ اسَ کي مرڪوز Focus ڪرڻ جي ايتري صلاحيت هوندي آهي جو مرڪوزي نقطي Focal Point تي اسَ پنهنجي عام شدت کان 30 ڀيرا وڌيڪ شديد ٿي پوندي آهي. ايتري ساري شدتَ سان مرڪوز ٿيل گرمل توانائي Thermal Energy هڪ گرمي جاذب ذريعي هڪ خاص پاڻياٺ ۾ جذب ڪرائي ويندي آهي. اها پاڻياٺ اهڙو تيل هوندي آهي، جيڪو تمام وڏي گرمي پد تي به ناهي ٻاڦجندو ۽ پاڻياٺ واري حالت برقرار رکندو آهي. پوءِ اها پاڻياٺ هڪ گرمي مٽاسٽاڪار Heat Exchanger وٽ ويندي آهي، جتي اها گرمي ٻاڦ سرجڻهار Steam Generator کي هلائيندي آهي. ٻاڦ سرجڻهار ذريعي تيل جي گرمي پاڻيءَ ۾ منتقل ٿيندي آهي ۽ نتيجتاَ پاڻي ٻاڦجي ويندو آهي. روايتي LFR ۾ هڪ ئي گرمي جاذب استعمال ٿيندو آهي، پر ان جي ڀيٽ ۾ CLFR اندر ڪيترا ئي گرمي جاذب استعمال ٿيندا آهن.
هڪ جاذب تي ٻڌل هڪ روايتي سِڌِر فريسنيل موٽار
جاذب Absorber
موٽار پٽين يعني آئينن جي مرڪوزي نقطي تي ۽ آئينن سان پور وڇوٽ، جاذبAbsorber رکيل هوندو آهي. جاذب اندر هڪ ڪارائتي گرمل پاڻياٺ Thermal Liquid ڊوڙي ٿي، جنهن جو ڪم گرميءَ کي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي منتقل ڪرڻ آهي. CLFR سرشتي واري جاذب جي بنيادي جوڙجڪ ۾ شيشي جي خول اندر هڪ ابتو خال ٿيندو آهي، جنهن منجھه ٻاڦ جون نلڪيون ٿينديون آهن. جاذب جي اهڙي جوڙجڪ نه رڳو سادي ۽ سستي ٿيندي آهي، بلڪه انهن جي چشمياتي Optical ۽ گرمل Thermal ڪارڪردگي به سٺي ٿيندي آهي.
پوئين پاسي کان انسيوليٽيڊ ٻاڦي نلين اندر موجود گرمل پاڻياٺ کي گرمائڻ لاءِ پوندڙ شمسي ڪرڻن کي انهن نلين تي مرڪوز ڪيو وڃي ٿو.