ذوالفقار آباد بابت گهڻي ڄاڻ نه هجڻ سبب ڪٿي به ، دوستن جي محفل ۾ يا ڪنهن بحث ۾ شامل ٿيڻ لاء گهربل ڄاڻ نه هجڻ سبب خاموش رهڻو پوندو هو۔ اڄ اختيار کوکر ڪاوش ۾ هڪ تفصيلي مضمون لکيو آهي، جيڪو اسان سڀني لاء ڄاڻ وارو ثابت ٿيندو۔
سنڌ حڪومت گذريل ڏينهن هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ٺٽي ضلعي مان چونڊيل خاتون صوبائي وزير سسئي پليجو کان ثقافت کاتي وارو قلمدان واپس وٺي کيس بغير کاتي واري وزير بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ سان لاڳاپيل مختلف اشوز تي پيپلز پارٽي جي اندر توڙي ٻاهر فعال مؤقف رکندڙ، عام چونڊن ۾ ٺٽي جي شيرازين کي شڪست ڏئي سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيل هن خاتون ميمبر هن ڀيري اهو ”ڏوهه“ ڪيو، جو صوبائي ڪابينا جي گڏجاڻيءَ ۾ جڏهن ٺٽي ضلعي ۾ ذوالفقار آباد نالي نئون شهر اڏڻ لاءِ هڪ چيني ڪمپنيءَ سان ڀائيواريءَ واري ٺاهه جي منظوري ڏني پئي وئي ته هن سوال ڪيو ته جنهن علائقي ۾ اهو نئون شهر اڏيو پيو وڃي، ڇا حڪومت ان علائقي جي ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو آهي يا انهن کان پڇيو آهي ته هو ان رٿا کي ڪيئن ٿا ڏسن؟ رٿا جي حوالي سان سندن ڪهڙا خدشا آهن؟ ٻيو اهو ته ذوالفقار آباد رٿا ڇا آهي؟ ۽ ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو خانگي چيني ڪمپنيءَ سان ڪهڙو ٺاهه ڪرڻ پيو وڃي؟ مان ٺٽي مان چونڊيل اسيمبلي ميمبر آهيان ۽ سنڌ ڪابينا جي ميمبر آهيان، مونکي به ان جي ڪا ڄاڻ ناهي ملي سگهي ته پوءِ ان رٿا جي حوالي سان مقامي ماڻهن جي ذهنن ۾ سندن اقليت ۾ تبديل ٿي وڃڻ ۽ ٻين موجود خدشن کي ڪيئن دور ڪري سگهبو؟!!!
ڪابينا جي گڏجاڻي ۾ صوبائي وزيرن کي معاملو سمجهائي اطمينان ڏيڻ بدران کيس وڌيڪ نه ڳالهائڻ لاءِ شٽ اپ ڪال ڏئي ويهارڻ جي ڪوشش ڪري اهو ثابت ڪيو ويو ته مٿان مليل حڪم موجب چيني ڪمپنيءَ سان ٺاهه ڪرڻ جو فيصلو پهرين ئي ٿيل هو. ڪابينا ۾ اهو معاملو ته صرف رسمي منظوريءَ لاءِ آندو ويو. جڏهن هڪ وزير ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت ۾ وڏي دلچسپي رکندڙ پارٽيءَ جي اعليٰ ترين قيادت جي ناراضگيءَ جي پرواهه ڪرڻ بنا گڏجاڻيءَ ۾ معاملن کي کولي بحث ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ پنهنجي ووٽرن جو حق ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته چونڊيل نمائندي کي به ڪابينا گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ٿي ملي سگهي. ڪابينا گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهائڻ جو حق نه ملڻ تي سسئي پليجو ڪابينا جي گڏجاڻي جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ انهيءَ تاريخ جي رات جو سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪري کيس مليل ثقافت کاتي جو قلمدان واپس وٺي ڇڏيو. اهڙي طرح سان هوءَ ذوالفقار آباد رٿا جي پهرين سياسي شهيد بڻجي وئي.
هاڻي اچو ته ڏسون ته ذوالفقار آباد رٿا ڇا آهي ۽ انهيءَ رٿا تي عمل ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين ڪهڙي رٿابندي ۽ سرگرمي ٿي رهي آهي؟ هن شهر جي اڏاوت کي عملي جامو پارائڻ لاءِ 23 نومبر 2010ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان مان ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي قيام وارو ايڪٽ منظور ڪرايو ويو.
زيڊ ڊي اي جي انتظامي حالت
سنڌ حڪومت قاعدن موجب صوبائي حڪومت جي ڪنهن به اداري ۾ ڪنهن ٻئي صوبي يا ملڪ جو ماڻهو ڀرتي ان وقت تائين نٿو ٿي سگهي، جيستائين سنڌ حڪومت جي مجاز اختياري وڏو وزير ان جي ڀرتيءَ لاءِ قاعدن کي نرم نه ڪري پر ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو قائم ٿيڻ وقت پنجاب جي گجرانوالا ضلعي جو ڊوميسائيل رکندڙ هڪ رٽائر جنرل ايس پي شاهد کي 3 لک رپيا ماهوار پگهار تي ايم ڊي طور رکيو ويو. کيس ڏيڍ ڪروڙ رپين جون وڏيون گاڏيون خريدڻ جي به اجازت ملي. هو ڏيڍ سال تائين مراعتون کڻندو رهيو پر ڪوبه ڪم نه ڪري سگهيو. جنهن کانپوءِ پنجاب سان تعلق رکندڙ سنڌ جي رٽائرڊ چيف سيڪريٽري چوڌري فضل الرحمان کي صلاحڪار ڀرتي ڪري ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جو ايم ڊي پڻ مقرر ڪيو ويو. کيس سرڪاري نوڪري ۾ ڀرتي ٿيندڙ ٻاهرين ماڻهن لاءِ وفاقي حڪومت پاران منظور ڪيل سڀ کان وڏو مالياتي پئڪيج ايم پي ون ڏنو ويو. جنهن هيٺ کيس ماهوار اٽڪل ساڍا ٽي لک رپيا روڪ ۽ ٻيون مراعتون ملي رهيون آهن. ان اداري کي هلائڻ لاءِ خاص اپائن وارو الڳ کاتو پڻ جوڙيو ويو ۽ ٽن مهينن اندر هن کي پڻ هٽايو ويو. پر پوءِ به هو اڃا تائين سنڌ حڪومت جو خاص اپائن وارو صلاحڪار آهي ۽ ساڳيون مالي مراعتون کڻي رهيو آهي. هن وقت ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي ٻن اعليٰ ترين انتظامي عهدن، مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) ۽ ڊائريڪٽر آپريشنز جي عهدن تي قاعدا نرم ڪرڻ بنا غير قانوني طور تي خيبر پختونخوا ۽ پنجاب صوبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا آهن. زيڊ ڊي اي جي ايم ڊي جي عهدي تي خيبر پختونخوا جي اڳوڻي گورنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) سيد افتخار حسين شاهه کي اخبارن ۾ ڀرتي لاءِ اشتهار ڏيڻ بنا اپريل 2011ع ۾ 6 لک رپيا ماهوار پگهار تي ٽن سالن لاءِ ڀرتي ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ کيس گهر جي مسواڙ لاءِ هڪ لک 40 هزار رپيا الڳ ڏنا ويا پر صاحب موصوف چيو ته سندس پگهار ۽ هائوس رينٽ مان ڏيڍ لک رپيا حڪومت جو ٽئڪس ڪٽجي ٿو وڃي، ان ڪري ان ٽئڪس جو بار به حڪومت پنهنجي مٿي تي کڻي. ان بعد سندس ماهوار پگهار ساڍا ست لک رپيا ڪندي کيس هڪ لک 40 هزار رپيا ماهوار هائوس رينٽ به جاري رکڻ جو نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح شهري رٿابنديءَ واري شعبي جي ڪابه مهارت يا تجربو نه رکڻ جي باوجود ذوالفقار آباد ترقياتي اداري جي 20 هين گريڊ جي ايم ڊي جي عهدي تي ڀرتي ڪيل رٽائر جنرل اڍائي لک رپيا ماهوار پگهار ۽ الائونس کڻندڙ سنڌ جي گورنر، وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽريءَ کان ٽيڻ تي وڌيڪ پگهار ۽ الائونس کڻي رهيو آهي. 8 لک 90 هزار رپيا روڪ ماهوار مالي مراعت کانسواءِ کيس بجلي، گئس، ٽيليفون سميت ٻيون يوٽيلٽي سروسز استعمال ڪرڻ جي اڻ کٽ سهولت حاصل آهي. هو سرڪاري پيٽرول ۽ ڊرائيورن سميت ٻه وڏيون گاڏيون پڻ ذاتي استعمال لاءِ رکي سگهندو. کيس گهر تي چيف سيڪريٽري سنڌ جيترا نوڪر رکڻ جي پڻ اجازت آهي. سندس ۽ سندس خاندان کي ميڊيڪل جي پڻ اڻ کٽ سهولت حاصل آهي. ان کانسواءِ زيڊ ڊي اي جي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري وڏي وزير جي چيئرمين شپ ۾ قائم ٿيل اداري جي گورننگ باڊيءَ جو وائيس چيئرمين سنڌ جي چيف سيڪريٽري بدران ايم ڊي ذوالفقار آباد ترقياتي اداري کي بڻائي، چيف سيڪريٽريءَ کي باڊي جو ميمبر بڻايو ويو آهي. هن سنڌ حڪومت کان پڇڻ بنا اداري جي ڊائريڪٽر آپريشن جي اهم ترين عهدي تي پنجاب جي فيصل آباد ضلعي جي ڊوميسائيل رکندڙ شوڪت علوي کي قاعدن جي برخلاف اڍائي لک رپيا ماهوار پگهار تي ڀرتي ڪري ڇڏيو آهي. ڊائريڪٽر آپريشن جي عهدي تي ٻاهرين صوبي جي ماڻهو جي غير قانوني ڀرتيءَ کي جڏهن ان ڀرتي لاءِ درخواست ڏيندڙ سنڌ واسي اُميدوار عدالت ۾ چئلينج ڪيو ته ايم ڊي ذوالفقار آباد سنڌ حڪومت کي خط لکي ڀرتي ڪيل پنجاب واسيءَ اُميدوار لاءِ ڀرتي وارا قاعدا نرم ڪرڻ جي درخواست ڪئي، پر جس هجي وڏي وزير کي، جنهن هن جي اها درخواست رد ڪري ڇڏي. پر آمريڪا ۽ پاڪستان جي ٻٽي شهريت رکندڙ پنجاب واسي شوڪت علوي 15 مئي 2012ع تي ڪراچيءَ جي ضلع اوڀر جو ڊوميسائيل ٺهرائي ورتو آهي. هتي اها ڳالهه ڪرڻ به مناسب ٿو سمجهان ته موجوده حڪومت سنڌ ۾ ٽي نوان وڏا ادارا ذوالفقار آباد ترقياتي ادارو، سنڌ روينيو بورڊ ۽ سنڌ بئنڪ قائم ڪيا آهن ۽ ڪمال اهو ڪيو آهي، جو ٽنهي ادارن جا سربراهه ٻين صوبن جا ڊوميسائل رکندڙ ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيا آهن. زيڊ ڊي اي جو ايم ڊي خيبر پختونخوا سان تعلق رکندڙ سيد افتخار حسين شاهه، سنڌ روينيو بورڊ جو چيئرمين لاهور جو ڊوميسائيل رکندڙ ۽ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جي الزام هيٺ آيل اڳوڻو ايس پي پوليس شڪيب احمد قريشي ۽ سنڌ بئنڪ جو سربراهه پنجاب واسي بلال شيخ کي بڻايو ويو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ جا ماڻهو ايتري اهليت رکندڙ نه آهن، جو اهي ادارا هلائي سگهن؟
ذوالفقار آباد رٿا ۽ قاعدن جو ”قتلام“
اختيار کوکر