21 جون جو ڏينهن مون لاءِ خوش نصيب پل کڻي آيو هو. زمين سج جي تيز ڪرڻن سان تپي رهي هئي. پگهر ۾ بڏل آءُ پرين جي پار نيٺ پهتس ، آءٌ صغيري ۾ هئس پيار جي ڪا ڪل نه هئي ته پيار ويار يا عشق وشق ڇا ٿيندو آ. ان ڏينهن آءٌ پرين جي گهر پهتس اندر داخل ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر آخر ڪار ڪامياب ٿي ويس، هوش وڃائڻ نه پئي چاهيس اڳتي وڌنڌي ئي منهنجي نظر ان حسين تخليق تي پئي ، پل ڀر لاءِ بلڪل سقوط واري حالت ۾ هليو ويس ، دل تيز ڌرڪڻ لڳي ۽ ان ڏانهن ڇڪجڻ لڳس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مونسان ڇا ٿي رهيو آ. خير سڀ گهر وارن سان مليس رسمي احوال ٿيا چانهه جي صلاح هنيائون نه آءٌ به ڪونه ڪئي ها ڪري پلٿي هڻي ويهي رهيس. انتظار چانهه جو ۽ خيال ڪنهن ٻئي طرف هئا. بهراڙي ۾ ائين اڪثر ٿيندو آ ته جڏهن ڪو مهمان ايندو آ ته پوءِ سڀ گهر وارا وڪوڙي ويهي رهندا آهن، هيڏانهن هوڏانهن جا حوال بس ئي ڪانه ڪندا هن.سچ پڇو ته انهن جو ڳالهائڻ ڪو نه وڻي پيو بس مجبوري مان گذارو ڪري رهيو هئس، منهنجيون اکيون ان ماڻهو کي ڳولي رهيون هيون خبر ناهين الاءِ ڪيڏانهن ويو اکين جي حرڪتن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪيم متان هي سمجهي نه وٺن. شڪر الحمدللله آخر ڪار مون مان گهڻو بور ٿيا ۽ پنهنجي ڪمن ڪارن لاءِ گهر کان روانا ٿي ٻنين ڏانهن ويا ، مون کي ڄڻ موقعو مليو جلدي ۾ شاهدان جي جهوپڙي واري ڪمري ڏانهن وڌيس دروازي تي جيئن ئي پهتس ته منهنجي اکين معجزو ئي ڏٺو شاهدان پنهنجي ڪاريهر نانگ جهڙي نرم وارن کي ڦڻي سان سڌو ڪري رهي هئي ، منهنجيون اڃايل نظرون هڪ جاءِ تي بت جيان بيهي رهيون ۽ خيالن ۾ گم ٿي ويس. جيئن ئي ان جي نظر مون تي پئي ڦٽ ۾ پڇيائين خير ته آهي بيٺا ڇو آهيو ، اچو اچو ويهو . آءٌ خوف ۾ اچي ويس ۽ وراڻيس نه نه اهڙي ڪائي ڳالهه نه آ بس هينئر ئي پهتو آهيان . مرڪندي مون ڏانهن ڏٺو ۽ ويهڻ جي صلاح هنيائون مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ گلاب جي گل بند ڪمري ۾ پنهنجيون پنکڙيون کوليون هجن ، آءٌ دير ئي نه ڪئي ٺهي ٺڪي ويهي رهيس، گهڙي کن ويٺس مون کي خاموش ڏسي ڳالهائڻ جي شروعات شاهدان ئي ڪئي. ان وقت مان ڏاڍو خوش ٿيس ۔ جاري آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ادا غلام مصطفا ڪنڌڪوٽي صاحب اوهان جي ڪهاڻي جي باقي قسطن جو انتظار آهي، خبر پوي ته هن پريم ڪهاڻي جو انت ڇا ٿو نڪري