مڙس : هپناٽزم ڇا آهي؟ زال : ڪنهن به ماڻهو تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ انهي کان پنهنجي مرضي جو ڪم ڪرائڻ کي هپناٽزم چئبو آهي. مڙس : اڙي چري ۔۔۔ !!! انهي کي ته شادي چئبو آهي.. هپناٽزم نه ۔۔۔ !!
ياد اٿم ته شاديءَ کان اڳ ته اهڙا لطيفا اوهان ڪڏهن ڪون ونڊ ڪيا ... ۽ جڏهن اسان ونڊ ڪندا هياسون ته اوهان اهو چئي کلندا هيا ته ” مونکي ان جو تجربو ناهي“ .... هاڻ ڏي خبر ... ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي نه ... مايون زور آهن بابلاهههههههههه
هاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔ سائين هپناٽزم جي صحيح معنى ڳولي هٿ ڪئي اٿئو، هاڻي ته عملي تجربو به ڪيو اٿئو اسان به نثار صاحب سان سهمت آهيون ته ” مايون زور آهن ادا“!
سليمان کي شادي مان ڪيترو تجربو ٿيو آهي اهو ته هو ئي بهتر ڄاڻي ٿو پر مون کي ته ڪو به فرق نه ٿو لڳي. ها اهو ضرور آهي جو هن اهڙا پوسٽ هرو ڀرو ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته ماڻهو تفريح وٺن. اهو به سٺو ته سليمان سان ڀوڳ ڪري هڪ پل لاءِ ماڻهن جي چهري تي مُرڪ ته اچي ٿي. سليمان ڇڪي رکو. ضرورت پوڻ تي ڪٿي اهو به لکي ڇڏيو ته زال پهرين سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي دفعا مار به ڪڍندي آهي. (اهو آئون پنهنجو تجربو ((نه)) پيو لکان)
ها ها ها ها ادا سليمان اڄان ترسو اهو ٻيلو ئي پري جتي ڪاٺيون ڪرڻيوڻ آهن خوبصورت ونڊ آهي تجربا جاري رکجو سدائين گڌ
دوستن جي منهن تي مرڪ آئي ۽ سندن جوابن مان اهو لڳو ۔۔۔۔۔۔۔ منهنجو مقصد دوستن جي چهري تي مسڪراهٽ آڻڻ ئي هو۔ باقي زندگي روان دوان آهي ۽ هلندي رهندي ۔۔۔۔۔ مسئلا ايندا آهن ۽ سلجهي ويندا آهن، اهائي زندگي آهي ۔۔۔۔
ادا سليمان وساڻ صاحب،سياڻا چوندا آهن ڦاٿي کان پوء ڦٿڪڻ ڪهڙو۔ ماشاالله هاڻي ته تجربو ڳالهائڻ لڳو آهي۔اڳتي اڳتي ڏسو ڇا ٿو ٿئي نينگر ننڊڙي جمع به گهڻا۔(هههههههههههه هههههههههههههههههههههه ههههههههههههههههههههههههههه)