اڄ جي عورت سان مسئلا

اهي مهراڻ جون ڄايون
اهي سرهاڻ جون مايون
سدان آهن صعوبت ۾
ائين غمن جي شدت ۾
پناهن جي سي ڳولا ۾
وحشي تن جي ڳولا ۾
ڪتا هي ڪمينا هن
بزدل هي ڀڙواهن
نياڻين جي پٺيان لڳندي
اڳيان انهن سدان لنگهندي
سدان پورن ۽ سورن ۾
وهي جن جي ته گذري ٿي
ائين جيئن ڪا پڄري ٿي.....
اهي وحشي وڏيراهن
نچائين ٿا نياڻين کي
اهي سيٺيون به سور هن
وڃائن هوش وسڪن ۾
وڏا چالاڪ چستن ۾
ڪرن ٿا ڪيس ڪيڏا ه
 
مطلب ته اوهان اندر جي باهه کي لفظن جو روپ ڏئي ڇڏيو آهي ۔۔۔۔ هميشه جڏهن سماج جي بازار ۾ ڪو دڪان کولبو آهي ته ان ۾ سودي سان گڏ اخلاقي پهلو ساڻ رکڻ ضروري هوندا آهن ۔۔۔۔ هون عام دوستن سان ڳالهه ٻولهه ۾ گاريون به ڏنيون وينديون آهن پر شاعري يا ڪهاڻي ۾ اهي لفظ ناهن وجهبا ۔۔۔ سبب سماج ۾ اهڙي شئي وڪڻجي جنهن جو اثر گهڻو ٿئي ۔۔۔ لک ٿورا ڳالهه سمجهي وڃڻ جا ۔۔۔۔
 
Back
Top