• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڃا نه ٿيو آ پنڌ هي پورو

اڃا ته وھ ھي وات آھي
اڃا ته ڪاري ھي رات آھي
اڃا نه پيرون پڪا پٽن تي
اڃا به تالا آھن چپن تي
اڃا اميدن ۾ آرا آھن
اڃا به بکيا سارا آھن
اڃانه ڪنهن وٽ لٽوڍڪڻ لئ
اڃا نه پاڻي ملي پيئڻ لئ
اڃا نه ٿيو آ پنڌ ھي پورو
اڃا نه ٿيو آ پنڌ ھي پورو
اڃا به مسڪين ماڻھو مرن ٿا
اڃا به ڏيھي ڏک ڏسن ٿا
اڃابه ظلمت ٿئي پئي زوري
اڃا ڊگهي ٿي ڪانه ٿوري
اٿو ته ھاڻي ڪو مچ مچايون
ڏاريون ڏونگر ڌاريا ڀڄايون
پياري سنڌ کي اچو بچايون
سچائي سان تنهن سان نينهن لايون
وفائن جا رخ سڀ ھن ڏانهن موڙي
ظلمت جا ڇڏيون زنجير ٽوڙي
اھا آس اڄ ڀي اٿي رھي آ
سگهاري سوچن لڇي رهي آ
اها آس اڄ ڀي اٿي رھي آ....
 
Back
Top