اسلام عليڪم۔۔۔ محترم.... مهرباني ڪري مون کي اهو ٻُڌائيندا ته آءُ پنهنجو ٺهيل ايڊٽ ڪيل وڊيو پنهنجي ڪمپيوٽر مان سنڌ سلامت تي ڪيئن اپ لوڊ ڪيان...... مهرباني ڪري هينئر جواب ڏيڻ جي تڪليف ڪندا ته اوهان جي مهرباني ٿيندي......
سائين جئين ته مان پنهنجن سينيئر دوستن سان رابطي ۾ آهيان جئين ڪا معلومات ملي ٿي ته اوهان سڄڻن کي آگاهي ڏيون ٿا، جئين ته سنڌ سلامت نئين سوفٽويئر تي منتقل ڪئي وئي آهي ته ٿورڙيون ڏکايون پيش اچن ٿيون، هوئن ته توهان هن ئي خاني جي هيٺان ڏسندا ته فائيل اپلوڊ ڪريو جو بتڻ آهي اتان اپلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔
ادا سائين اها به ڪوشش ڪري ڏٺي آهي مگر برائوزنگ ڪرڻ ۾ منهنجا فائل شو ڪونه ٿا ٿين انهيء لاء اوهان کان ڪجهه معلومات وٺڻ ٿي چاهيم ۔۔۔۔۔ شايد اڃان ڪو ٻيوطريقو آهي وڊيو کي اپ لوڊ ڪرڻ جوسائين۔۔۔۔۔۔۔ جواب ڏيڻ جي مهرباني۔۔۔۔۔
سائين هڪ ٻيو طريقو اهو به آهي ته جيڪڏهن توهان جهو يو ٽيوب تي اڪائونٽ آهي ته ان تي آساني سان پنهنجي فائيل اپلوڊ ڪيو، پوءِ صرف انجو لنڪ ڏيو جيڪو هن ئي خاني ۾وڊيو اپلوڊ ڪرڻ جو بٽڻ آهي ان ۾ صرف لنڪ ڪاپي ڪري ڪلڪ ڪيو ته توهان جي اها وڊيو سنڌ سلامت تي آساني سان ڏٺي ويندي جيئين منهنجون وڊيوز شامل آهن، تصويرون ۽ وڊيوز ۾
ادا سائين اها ته مون کي به ڄاڻ آهي ته يوٽيوب تان شيئرنگ ڪيئن ٿيندي آهي هتي ته ڀائوڳالهه پنهنجي وڊيو پنهنجي ڪمپيوٽر تان اپ لوڊ ڪرڻ جي آهي......
جي منهنجا سائين مون به پنهنجي وڊيوئي پنهنجي ڪمپيوٽر تان اپلوڊ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ته جيڪڏهن توهان جو يو ٽيوب تي اڪائونٽ آهي ته اها پنهنجي وڊيو پهريان يو ٽيوب تي اپلوڊ ڪيو جيڪا تڪڙي ۽ آساني سان اپلوڊ ٿي ويندي آهي، پو بس لنڪ شيئر ڪيو سنڌ سلامت تي۔۔مون به پنهنجيون ڪافي وڊيوز جيڪي سنڌ سلامت تي ڊائريڪٽ اپلوڊ ٿيڻ ۾ ڏکائي ڪري رهيون هين ته پو پنهنجي يو ٽيوب واري اڪائونٽ تان اپلوڊ ڪري شيئر ڪيم۔۔
وڏيون فائل هجڻ ڪري وڊيوز سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪرڻ وارو سلسلو شروع ناهي ٿي سگهيو۔ تنهنڪري پهريان وڊيو يو ٽيوب تي اپلوڊ ڪريو ۽ پوء اها لنڪ سنڌ سلامت تي شيئر ڪريو۔ يوٽيوب تي وڊيو اپلوڊ ڪرڻ لاء ضروري آهي ته پهريان اوهان يوٽيوب تي رجسٽرڊ ٿي پنهنجو اڪائونٽ کوليو ۽ پوء وڊيو اپلوڊ ڪيو۔ اهو ڪم ڪو ڏکيو ناهي پر وقت طلب ضرور آهي۔
سائين توهان صاحبن جون مهربانيون۔۔۔۔۔ سليمان وساڻ صاحب منهنجو ته سائين پهريان کان يوٽيوب تي اڪائونٽ آهي ليڪن ادا سائين منهنجي اها خواهش هئي ته پنهنجي وڊيو پهريان پنهنجي سنڌ سلامت تي شيئر ڪيان پوء بعد ۾ ڪنهن ٻي جاء تي ونڊ ڪيان ۔۔۔۔۔ ليڪن افسوس ته ائين نه ٿي سگهيو۔۔۔ خير ڪا ڳالهه ناهي. جيڪا صاحبن جي صلاح..... مهربانيون اوهان سڀني دوستن جون جو مُفيد مشوري سان اوهان اسان کي نوازيو.......
محترم سلمان وساڻ صاحب !!، مون پنهنجي يوٽيوب جي اڪائونٽ تان ڪافي ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجي وڊيو کي اپ لوڊ ڪريان ليڪن افسوس جو يوٽيوب تي به اپ لوڊ ڪو نه ٿو ٿئي حالانڪ سائز کي به گهٽ ڪري صرف 9 ايم بي ڪئي آهي ليڪن انهيء جي باوجود به وڊيو اپ لوڊ ڪو نه ٿو ٿئي۔۔۔۔۔ سائين جيڪڏهن ڪو نئون فارمولو هُجي ته مهرباني ڪري ضرور عنايت ڪندا۔۔۔۔۔ مهرباني