ڇا سنڌي قوم سنڌ جي مالڪيءَ وارو فرض نڀائي پئي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏6 جون 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
    ڇا سنڌي قوم سنڌ جي مالڪيءَ وارو فرض نڀائي پئي؟

    سنڌي قوم مجموعي طور قومي وجود جو فڪر نٿي رکي ... جڏهن پاڻي سر کان مٿي چڙهي ٿو وڃي ته واويلا ڪري ٿي ... پر ٻين قومن جيئان آسمان تي هلڪي لالاڻ ڏسي احتياط نه ٿي ڪري ...

    اسانکي ڪراچيءَ سميت پنهنجن شهرن ۾، ڌارين جي آبادڪاريءَ تي سخت نظر رکڻ گهرجي ... ايتري حد تائين جو سعودي عرب ۽ دنيا ۾ ورسيل بهاري ۽ برمي پڻ ڪراچيءَ ۾ گهر وٺن ٿا ۽ آهستي آهستي پنهنجا ڪاروبار کولڻ جا جتن ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب کين شهريت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ....

    لکن جي تعداد ۾ برمي سعودي عرب ۾ رهنٿا ۽ سڀني کي پاڪستاني پاسپورٽ آهي ۽ سڀ جا سڀ ڪراچيءَ کي پنهنجو گهر سمجهندي، ايم ڪيو ايم جي مدد سان ڪراچيءَ ۾ سرمايه ڪاري ڪنٿا ... سنڌ جي حڪومت جون اکيون اهڙيون بند آهن جهڙوڪ سنڌ جي درياهه جي انڌي مڇي .... (ڊولفن)​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين توهان درست ٿا چئو، اسان سنڌي دنيا جي سڄاڻ قومن جيان اڃان اوترا ميچوئر نه ٿيا آهيون، اسان 7000 ساله تاريخ رکڻ جي ڳالهه وڏي واڪي ته ڪندا آهيون پر ايتري تاريخ رکندڙ قوم جهڙا افعال بنهه نه آهن، اڄ به ڳوٺن ۾ تعليم جو حشر ڏسو ته ڪهڙو آهي، اسان جا اٻوجهه هاري طبقي جا ماڻهو اڄ به ان ڳالهه کان اڻ واقف آهن ته قوميت ڇا ٿيندي آهي، انهن جا بنيادي حق ڪهڙا ٿيندا آهن، اهو ته پري رهيو انهن کي وزيرن جي وزارتن بابت ۽ انهن جي ڪم بابت به ڪا ڄاڻ نه اٿن، جيڪو ٿورو گهڻو پڙهيل لکيل طبقو آهي انهن شهرن جو رخ ڪري ڳوٺن مان ئي تڏا ويڙهه ڪري ڇڏي آهي، اسان دنيا جي مهذب قومن جي مقابلي ۾ محض هڪ ڪيولي جيترا به سگهارا نه آهيون، توهان جي ڳالهه موجب ته جڏهن پاڻي مٿي تان گذري ٿو ته واويلا ڪري نڪري ٿا اچون، وري ڪوئن وانگر ٻُرن ۾ لڪي ٿا وڃون پر پنهنجي مستقبل بابت ڪا به حڪمت عملي جوڙڻ لا جاکوڙ نه ٿا ڪيون۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين سلام

    سچ پڇو ته هرڪو ٻئي ڏي پيو ڏسي، قومپرست ڌرين ۽ وفاق پرستن به مايوس ڪيو آهي۔ دانشور لڏو به هن دفعي الائي ڇو الڳ الڳ موڙ تي بيٺو آهي۔ آواز اٿي ٿو ۽ تحريڪ به هلي ٿي پر الڳ الڳ۔ جنهن سبب هڪ ڀرپور آواز يا تحريڪ اڀري ناهي سگهي۔ اسان جا پنهنجا ماڻهو ادارن ۾ ويٺا آهن پر اهي ٽڪن تي وڪامجي پنهنجي ئي سنڌ کي وڪڻي رهيا آهن ۔۔۔۔۔۔۔ صرف حڪومت نه پر ان سان گڏ بيوروڪريٽس ۽ عام ماڻهو به هاڻي ذاتي مفادن ۾ جڪڙيل نظر پيو اچي۔ سچ پڇو ته پورو معاشرو ڪرپشن جي ور چڙهي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي ماڻهن کي وساري ويٺو آهي۔

    نفرتون جنم وٺي رهيون آهن، طبقاتي نظام مضبوط ٿي رهيو آهي ، قبيلائي جهيڙن تباهي آندي آهي اهوئي سبب آهي جيڪو اسان جي شناس ۽ شناخت وڃائڻ لاء ڪافي آهي۔

    پر پوء به اڃان مايوس ناهيون، ڪا چڻنگ ضرور اٿندي ۽ اها چڙنگ هڪ ڀڀڙ بڻجي ويندي ۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    نفرتون جنم وٺي رهيون آهن، طبقاتي نظام مضبوط ٿي رهيو آهي ، قبيلائي جهيڙن تباهي آندي آهي اهوئي سبب آهي جيڪو اسان جي شناس ۽ شناخت وڃائڻ لاء ڪافي آهي۔



    پر پوء به اڃان مايوس ناهيون، ڪا چڻنگ ضرور اٿندي ۽ اها چڙنگ هڪ ڀڀڙ بڻجي ويندي ۔۔۔۔۔۔۔۔



    توهان جي اهي ڳالهيون سپ سيڪڙو درست آهن، طبقاتي نظام شروع کان ئي قابض رهيو آهي، مان سمجهان ٿو ته انگريزن به هتي اهڙن وڪائو وڏيرن کي ڪيترين ئي مراعتون ڏئي پنهنجي دلالي وارو ڪم پئي ورتو آهي، ۽ هاڻ به فارمولو اهو ئي ساڳيو آهي، ماڻهو به اهي ئي نسل در نسل ساڳيا آهن، ڇوته اهي نسلي وڪائو آهن، جنهن ڪري اڄ به سنڌ يرغمال بڻيل آهي۔ ۽ ان ئي طبقاتي بالادستي سبب نفرتون وڌي رهيون آهن۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    پر پوء به اڃان مايوس ناهيون، ڪا چڻنگ ضرور اٿندي ۽ اها چڙنگ هڪ ڀڀڙ بڻجي ويندي

    ڪير ٿو چئي ته سنڌين جي باري ۾ انگريزن جو اهو رايو غلط آهي ته سنڌ ۽ سنڌي هميشه سُتل آهن ۔ سليپنگ ويلي
    ڪا چڻنگ ضرور اٿندي ۽ ڀڀڙ ٿيندو !!!!!!!! واه واه ، وساڻ صاحب شل سدائين وَسندو رهين ، اها چڻنگ آسمان مان ايندي من و سلوى جيان ؟؟؟
    سائين قبلا اهو منهنجو مسئلو حل ڪيو ته چڻنگ ڪٿان دُکندي ۽ ڀڀڙ ڪيئن ٿيندو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ئ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چين جو مثال اوهان سامهون آهي، اها قوم جيڪا آفيم جي نشي ۾ ڌت هئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اها ڪيئن معاشي طور دنيا جي مّبوط ترين قوم ٿي آهي۔ جڏهن حالتون انتها کان به اڳتي وڌنديون آهن ته تبديلي پنهنجو پاڻ ايندي آهي ۔۔۔۔۔۔۔ مايوسيون ضرور آهن پر پوء به نا اميديون ناهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اوهان دوستن جو بحث تمام ڪارائتو آهي، انهن بحثن ۽ خيالن جي ڏي وٺ سان ڪافي ذهني مونجهارا ختم ٿين ٿا ۽ ڪافي ڳالهيون کلن ٿيون ۔۔۔
    پاڪستان ٺهڻ گذريل صديءَ جو تمام وڏو حادثو آهي، جنهن سبب سنڌ هڪ ٻڌي ٻانهيءَ جي حيثيت سان شامل ٿي پاڻ ڦاسايو آهي، هاڻ ان ايتري وڏي حادثي مان نڪرندي ضرور ڪجهه عرصو لڳي ويندو، پر وري به شابس آهي سنڌي ڏاهن کي جن غلطين کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪندي سنڌين کي حقيقت کان واقف ڪندا رهيا ۽ محترم جي ايم سيد تي پنهنجي ڪيل غلطيءَ جو نه فقط اعتراف ڪيو بلڪ پنهنجي سگهه ۽ سياڻپ آهر ان غلطيءَ جي ازالي جا جتن به ڪيا ۔۔۔ پر افسوس جو جيستائن هن جدوجهد جي گاڏيءَ کي ٺاهي تيار ڪيو ته پاڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا۔

    اسانجي ڪيترن ئي ڏاهن، جن ۾ ڪيترائي نالا اچي وڃن ٿا انهن، پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ جڏهن اهو محسوس ڪيو ته مورڳو سنڌ جي وجود کي ئي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته، هنن سنڌ کي هڪ قوم جي هجڻ واري احساس کي سگهارو ڪيو ۽ هن وقت الله جي مهرباني سان پاڪستان ۾ قومن جي انفرادي سڃاڻپ ٿيڻ لڳي آهي ۽ پاڪستان قوم جو تصور پنهنجي موت پاڻ مري رهيو آهي۔ هن وقت دنيا جو هر سياستدان اها ڳالهه مڃي پيو ته پاڪستان قومن جو اتحاد آهي نه ڪي هڪ قوم۔

    بنگلاديش جي انقلاب ۽ ٻين انقلابي اڳواڻن جي ان نظرئي سبب هاڻ قومن جي حقن کي مڃڻ هر حڪومت جي مجبوري ٿي پئي آهي۔ جيڪا پنهنجي جاءِ تي ڪاميابي آهي، ڇاڪاڻ ته جهڙي انداز سان لياقت علي خان يا ايوب آمريت ڪم شروع ڪيو هو جنهن ۾ سڀني قومن جي وجود جو ئي انڪار ڪيو ٿي ويو سو ڪڪر هاڻ ڇڊو ٿيڻ لڳو آهي ۔۔۔ الحمد الله

    باقي هاڻ جيڪي قومون ڦاٿل آهن، انهن کي پنهنجي ڳيچي ان ڦاهي مان ڪڍائڻي آهي،،،،، ڪيئن؟ اهو وقت ۽ قومن جي جدوجهد تي دارومدار رکي ٿو ۔۔۔ تنهنجي ۽ منهنجي گڏجڻ جو عملو ۔۔۔ جڏهن تون ۽ مان، اسين ٿي وينداسون۔

    ادي سليمان چواڻي ته قوم اڃان موجود آهي ۽ جدوجهد واري عمل مان گذري رهي آهي، انڪري اميد آهي ته اٺ ڪنهن پاسي ضرور ويهندو۔ انشاء الله
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    چين جو مثال اوهان سامهون آهي۔
    ادا برابر چين جو مثال آهي ۔ چين جو هڪ اڳواڻ هو مائوزي تنگ ، اوهان به اهڙو اڳواڻ ته پيدا ڪيو !! جيڪو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڏنل پروگرام سان ته سچو هجي ۔ هت ٻه ٽن ڏينهن لاءِ نئون جهنڊو نئين پارٽي نئون نظريو تيار چوٿين ڏينهن تي دشمنن جي پارٽي ۾ ضم !!!
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ضرور هڪ ڏينهن ايندو جڏهن مائو جهڙا اڳواڻ اسان مان ئي پيدا ٿيندا ۽ سچ جو علم کڻي نڪرندا ۽ اسان ۽ اوهان جهڙا سندن ساٿ ۾ شامل هوندا۔

    اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي
    متان ايئن سمجهو مئا مور سارا
     
  10. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ضرور هڪ ڏينهن ايندو جڏهن مائو جهڙا اڳواڻ اسان مان ئي پيدا ٿيندا ۽ سچ جو علم کڻي نڪرندا ۽ اسان ۽ اوهان جهڙا سندن ساٿ ۾ شامل هوندا۔

    اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي
    متان ايئن سمجهو مئا مور سارا
    اچو ته گڏجي دعا ڪريون ته اي پروردگار اي مالڪ و خالق اسان سنڌين کي به امام آيت الله روح الله خميني رحه عليه جهڙي اڳواڻ جي عنايت عطا فرما ، تاڪِ سُتل سنڌي به جاڳي پون ۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ادا انقلاب هميشه قربانين سان ايندو آهي، جنهن ۾ ڪجهه حقيقي ماڻهون مرندا آهن ته ڪي وري ويچارا بي ڏوهي به مرندا آهن، خميني صاحب جو جڏهن ايران ۾ انقلاب آيو هو ته ڪجهه تاريخي حوالن ۾ اهيو به اچي ٿو ته ان ۾ خاص انهن ماڻهن کي به نشانو بڻايو ويو هو، جيڪي سندن مڪتب فڪر جا نه هئا، ۽ انهن جو صرف اهيو ئي ڏوهه هو، هون به اسان هميشه ٻين ليڊرن ۽ شخصيتن جي تعريف ڪندا رهيا آهيون، جڏهن ته اسان وٽ به ڪيترائي اهڙا ليڊر هئا، جن جو اگر اسان ساٿ ڏيون هان ته اڄ اسان کي اهڙا ڏينهن نه ڏسڻا پون ها، جو جيڪي ٽانڊو کڻڻ آئي هئي اها گهر ڌياڻي ٿئي ويهي رهي آهي، باقي عيب ثواب دنيا جي هر ليڊر م آهن، سواء منهنجي مرسل حضرت محمد مصطفه صلي الله واله وسلم جي۔۔۔۔۔۔۔ هت هڪ ليڊر پيدا ٿيو ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ،( مان ائين ڪڏهن به ڪو نه چوندس ته ڀٽو صاحب ڪو اصل فرشتو صفت انسان هو، ان ۾ به ڪي خاميون هيون مگر اهيا به حقيقت آهي ته موجودهه صدي ۾ سنڌ ڪو اهڙو ليڊر پيدا ناهي ڪيو)، پر افسوس جو اسان جي سنڌ جي ڪن ماڻهن ان ليڊر جي شهرت ۽ عزت جي ساڙ ۾ موجوده صدي جي هڪ وڏي ڊڪٽيٽر جنرل ضياء کي ته شريف النفس جو لقب ڏنو، پر ڀٽو سان سياسي دشمني نڀائي، موجوده دور ۾ به ڏسو ته هڪ اسان جي ئي پنهنجي صرف پنهنجو ساڙ نڀائڻ لاء پنهنجي سالن جي محنت کي ڌوڙ ۾ ملائي ۽ پنهنجي پارٽي جو نالو ئي ختم ڪري هڪ سنڌ مخالف پارٽي ۾ پاڻ کي ضم ڪيو آهي، ادا ساڙ به ته وڏي بيماري آهي جيڪا اسان ۾ عام آهي، ساڙ ئي ته هر برائي جو بنياد آهي۔ بس دعا ڪريو ته ڪو الله جو بدو مرد قلندر ماڻهون اچي، باقي ته پاڻي مٿي کان ڪجهه وڌيڪ ئي مٿي ٿئي ويو اهي،
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ان ۾ خاص انهن ماڻهن کي به نشانو بڻايو ويو هو، جيڪي سندن مڪتب فڪر جا نه هئا، ۽ انهن جو صرف اهيو ئي ڏوهه هو،
    واه سائين واه ساڙ ۽ حسد جي انتها ٿي وئي ، مٿين جُملي لاءِ ڪهڙو جواب لکجي ، جي جواب ڏبو ته سائين اوهان بوڇڻ ڇنڊي چئو ٿا ته اسان هليا سين ۔ امام آيت الله روح الله خميني رحه عليه جو وڏو دشمن امريڪا آهي اُهو به اِها ڳاله ثابت نه ڪري سگهيو اوهان وٽ ڪهڙي تاريخ آهي ؟؟؟؟؟؟؟ اهو توهان ئي بهتر ڄاڻي سگهو ٿا !!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو