• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ننڍڙي غلطي..........

رنجيت

سينيئر رڪن
مانوارا وس وارا سائين........... معاف ڪجو......

توهان سوچيندا هوندا ته هي رنجيت الائي ڇا ڪو صفا واندو آهي جو رڳو بس اوطاق تي غلطيون پيو ڪڍي..... ڇاڪجي سائين پنهنجي اوطاق کي دنيا جي بهترين اوطاق تي رتبي تي جو پهچائڻو آهي. سو سائين ايئن ئي مڙڻي پنهنجي اوطاق تي ڪنڊن ۾ چڪر ڪٽيندي ديد اچي هن ٽائيم تي پئي. سو سائين ٽائيم ته شايد GMT Greenwich Mean Time هوندو آهي پر هتي اسان واري اوطاق تي ته DST Dubai state time يا وري اسان وارو دادو اسٽيٽ ٽائيم آهي.

مهرباني ڪري ان کي GMT ڪريو يا وري خلاصو ڪريو ته اهو DST وري ڪهڙي بلا آهي. (خير مونکي اهو حق ته ڪونهي ته مان توهان کان ڪجهه پڇي سگهان) پر مان هن اوطاق جو اوطاقي هجڻ جي سبب اهو پڇان پيو............
24308760.jpg
هڪ دفعو ٻيهر معافيءَ جو طلبگار
 
ادا رنجيت هي فورم رڳي منهنجو يا تنهنجو ناهي پر هر سنڌي ڳالهائيندڙ جو آهي ان ڪري سوال پڇڻ ۾ حق ڇاجو توهان هڪ اهم سوال پڇيو آهي ۔۔۔۔
مٺا GMT جي ته هر دوست کي خبر آهي پر DST جو ٿي سگهي ٿو ڪجهه دوستن کي خبر نه هجي۔۔۔
ادا DST مان Daylight Saving Time بڻجندو آهي ۔۔۔۔ دنيا ۾ اهڙا کوڙ ملڪ آهن جيڪي اونهاري جي مند ۾ بجلي کي بچائڻ خاطر پنهنجي ملڪ جي وقت کي ڪلاڪ اڳتي يا پٺتي ڪندا آهن۔۔۔۔ پاڪستان به انهن مڙني ملڪن مان هڪ آهي۔۔۔۔ جتي 15 اپريل کان 1 نومبر تائين DST لاڳو ڪيو ويندو آهي جيئن سج جي روشني مان وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگهجي۔۔۔۔۔
DST ۽ انهن ملڪن بابت وڌي تفصيل هتي ڪلڪ ڪري حاصل ڪري سگهجن ٿا ۔۔۔ ان سائيٽ تي ان ملڪ ۾ ڪيتري عرصي کان ڪيتري عرصي تائين DST لاڳو ڪيو ويندو آهي پڻ لکيل آهي۔۔۔۔
رهيو سوال فورم تي DST لڳائڻ جو ته اتفاق سان فورم به 15 اپريل تي لانچ ڪيو ويو هو ۽ پاڪستان ۾ DST به ان ئي تاريخ تي لڳايو ويو هو۔۔۔ ان ڪري فورم تي هيٺين پاسي DST لکيو ويو آهي ۔۔۔ ياد رهي ته سنڌ سلامت تي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنگت لاگ ان ٿيندي آهي ۽ رجسٽريشن جي عمل جي دوران کائين پڇيو ويندو آهي ته وقت جي چونڊ ڪيو ان ڪري هر رڪن پنهنجي پنهنجي ملڪ جو وقت چونڊي سگهي ٿو۔۔۔۔ رجسٽريشن جي عمل ۾ جيڪڏهن بي خيالي ۾ ان عمل کي نظر انداز ڪيو ويو هجي ته هاڻي به رڪن جي ڪنٽرول پينل ۾ وڃي پنهنجي لاءِ صحيح وقت چونڊي سگهي ٿو۔۔۔۔
ها البته مهمان طور جڏهن به ڪو رڪن فورم تي موجود هوندو ته ان کي پاڪستان جو لوڪل DST وقت ئي نظر ايندو ۔۔۔۔

اميد ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هوندي ۔۔۔۔۔ ٻي صورت ۾ توهان ٻيهر به سوال ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔
 
اسلام عليڪم،
ادا سائين اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو توهان سمجهايو ۽ اسان کي سمجهه ۾ نه اچي۔
تمام بهترين سمجهاڻي۔
 
Back
Top