”ملڪ ۾ دهشتگردي“ رياست ڪٿي آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ميب طرفان آندل موضوعَ ‏6 جون 2012۔

  1. ميب

    ميب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 مئي 2012
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    35
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محمد عيسيٰ ڀٽو
    تعليم جي اهميت پنهنجي جاءِ تي جنهن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ۽ اها به هڪ عالمي حقيقت آهي ته تعليم کان سواءِ دنيا جو ڪوبه ڪار وهنوار هلي نٿو سگهي پوءِ مرد هجي يا عورت تعليم سڀني لاءِ لازمي قرار ڏني وئي آهي، پر عملي تجربي جي افاديت به پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت رکي ٿي. منهنجو اڄ جو موضوع دهشتگري ۽ انتهاپسندي تي آهي جنهن پوري دنيا جي رياستن کي هڪ پاسي ڪمزور بڻائي ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي حڪومتن جي رٽ کي مڪمل متاثر ڪري ڇڏيو آهي پوءِ اها سياسي دهشتگردي هجي يا مذهبي انتها پسندي ٻنهي عنصرن حقيقت ۾ دنيا جي رياستن کي خاصو ڪمزور بڻائي ڇڏيو آهي. دهشتگردي ۽ انتها پسندي تي سالن کان ريسرچ ڪندڙن جو چوڻ آهي ته علم جي آڌار تي معلومات رکندڙ ماڻهو گوريلا جنگ ۾ حصو وٺڻ واري هڪ عام ويڙهاڪ جي ڄاڻ ۽ تجربي جو اڌ حصو به ڀري نٿو سگهي، خاص ڪري جن ماڻهن افغانستان جي ٻنهي دورن 80 ۽ 90 جي ڏهاڪن دوران يا جن ڪشمير ۾ جهاد جي نالي تي ويڙهه وڙهي هجي انهن جي مهارت ۽ تجربو ڪنهن ريگيولر فوجي ڪمانڊوز کان به وڌيڪ ٿئي ٿو، اهوئي سبب آهي جو سابق ڪشميري تنظيمن جا سپ گروپ جڏهن پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز خلاف هٿيار کنيا ته پاڪستاني فورسز کي انهن ويڙهاڪ تنظيمن خلاف زير ڪرڻ ۾ تمام وڏيون ڏکيايون پيش آيون.
    ويڙهاڪ تنظيمن جا سمورا ڪردار چاهي سياسي هجن يا جهادي اهي سڀ کان پهريون رياست جي رٽ کي نشانو بڻائيندا آهن جڏهن رياست جي طاقت ڇڙوڇڙ ٿي ويندي آهي ته رياست جي انتظاميا جو مورال پاڻو ڄاڻي ڊائون ٿيندو ويندو آهي ۽ پوءِٰ پڪ سمجهيو وڃي ته دهشتگردن ۽ انتها پسندن جو غلبو رياستي مشينري کان وڌي رهيو آهي. عراق ۾ آمريڪي فوج جي خلاف القائده ۽ مقامي سني مزاهمت انهن جا چٽا مثال موجود آهن جن جي ويڙهاڪ تنظيمن تي گهري نظر رهندي هئي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته رياست ڇا آهي ۽ ان جي حفاظت جا ڪير ڪير ذميوار آهن؟ اسان صرف پنهنجي ملڪ جي ڳالهه ڪيون جيڪا ڳالهه عام فهم جي آهي ته فوج، پوليس، ايف سي، ضلعي انتظاميا، تاجر، سرمائيدار، دڪاندار ۽ ٻيا ڪاروباري ماڻهو، مقامي معززين ۽ طاقتور ماڻهو جهڙوڪ ملڪ، خان، سردار، جاگيردار، مخدوم، چوڌري رياست آهن اهڙي طرح وڏن شهرن ۾ رهندڙ داداگيرن جا گروپ ۽ ٻيون مختلف ڪميونٽيز يا الڳ الڳ زبانو ڳالهائيندڙ ماڻهو به رياست آهن ۽ هو ان رياست جو پائدار حصو هوندا آهن يا ائين به کڻي بيان ڪجي ته مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ مذهبي گروهه پر ايستائين جو قبائلي علائقن جي سطح تي سمگلر ماڻهو به پنهنجي طاقت جي زور تي انهيءَ ڪيٽاگري ۾ اچي وڃن ٿا جيڪي سڀ جو سڀ رياست آهن. جيتوڻيڪ انهن ماڻهن ۾ تمام گهڻا مجرم به هوندا آهن پر تنهن هوندي به هو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ رياست جي عملداري حاصل ڪرڻ ۾ مصروف عمل رهندا آهن، قانون جي پڪڙ بلڪل به انهن جي دائري ۾ نٿي اچي ۽ هو قانوني پڪڙ کان ايترو ته پري هوندا آهن جيترو زمين آسمان کان ۽ انهن طاقتور ڌرين جي ايتري ته گرفت مضبوظ هوندي آهي جو رياست جو قانون به انهن تائين پهچي نٿو سگهي. اهو ٺيڪ آهي ته تاجر، دڪاندار، سرمائيڪار، ڪاروباري ماڻهو، مقامي معززين ۽ طاقتور ماڻهو جهڙوڪ ملڪ، خان، سردار، جاگيردار، مخدوم، چوڌري يا شهرن ۾ رهندڙ داداگيرن جون تنظيمون وغير سڌو سئون رياست ناهن هونديون پر هو رياست جو ڪاپر ضرور هوندا آهن، جڏهن به رياست انهن ۾ موجود ڏوهارين کي هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته خود رياست پاڻ ڪمزور ٿي هلي ويندي آهي پر انهن جي وار کي به تئو ناهي ايندو. ان لاءِ سدائين ويڙهاڪ تنظيمون انهن سڀني رياستي ادارن کي نشانو بڻائينديون آهن جن کان هو خوف کائينديون آهن. جڏهن انهن ويڙهاڪ گروپن پاران سيڪيورٽي فورسز، پيراملٽري فورسز يا پوليس فورسز تي حملا ڪري انهن کي نشانو بڻايو ويندو آهي ته قانون نافظ ڪرڻ وارا اهي ادارا جارهيت اختيار ڪرڻ بدران دفاعي پاليسي تي عمل ڪندا آهن اڪثر اهي پنهنجو پاڻ کي حملن کان محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن. ٿاڻن ۽ چيڪ پوسٽن جون چئوديواريون مضبوط بنائي ڇڏيندا آهن يا جڏهن انهن جي موبائل وين يا ڪانوائين کي نشانو بڻايو ويندو آهي ته اهي فورسز مجبور ٿي پنهنجي چر پر کي محدود ڪري ڇڏيندا آهن پر جڏهن رياست پنهنجي سچائي تي اچي انهن ويڙهاڪ گروپن کي سبق سيکارڻ لاءِ آپريشن ڪندي آهي ته چاهي اهي گروپ ڪيترا به طاقتور ڇونه هجن آخرڪار رياست ئي انهن مٿان غالب پوندي آهي. اهڙي طرح انهن شهري داداگيرن پاران تاجرن، دڪاندارن ۽ سرمائيدارن کي نشانو بڻائي انهن کي اغوا ڪري انهن کان ڀُنگ طلب ڪيو ويندو آهي جن جي وارڌاتن کان هڪ طرف اهي سرمائيدار ۽ امير ماڻهو خوفزده ٿي ويندا آهن ته ٻئي طرف انهن ويڙهاڪ هٿيار بندن کي مالي مدد حاصل ٿي ويندي آهي جنهن ڪري هو بي خوف ٿي رياست اندر دهشتگردي جون وڌيڪ ڪاروايون ڪندا آهن. گذريل 25 سالن کان ڪراچي اندر به اهڙي صورتحال قائم ٿيل آهي جتي رياست جي رٽ کي هر وقت چئلنج ڪيو ويو آهي ۽ رياست جي ڪمزور پاليسين سبب طاقت جو سمورو توازن ويڙهاڪ گروپن جي حق ۾ وڃي ٿو. رياست جي اها به ڪوشش هوندي آهي ته مقامي ماڻهن کي گڏ کڻي انهن جي حمايت سان ويڙهاڪ گروپن جي خلاف لشڪر سامهون آندا وڃن ۽ ويڙهاڪن جا ٻيا دستا ٺاهي انهن کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ ٻين ويڙهاڪ تنظيمن تي حملا ڪري ڏيندا آهن جيڪي سدائين حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪندا آهن پوءِ جن جي حڪمت عملي وڌيڪ بهتر هوندي آهي اهي وڌيڪ ڪاروايون ميثر طريقي سان ڪري جنگ جيتي ويندا آهن. عراق ۾ به آمريڪين سني قبائلي سردارن کي گڏ ملائي القائده جي خلاف ميثر مزاهمت ڪري ورتي هئي ۽ القائده کي اتان پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. پاڪستاني قبائلي علائقن ۾ مليل جليل رجحان رهيو آهي پر ڪٿي ڪٿي اهي امن جا لشڪر ڪامياب به ويا پر ڪيترن ئي جڳهن تي سيڪيورٽي فورسز کي نقصان پهچايو ويو. اهڙي طرح ويڙهاڪ تنظيمن جي هڪ ٻي وڌيڪ ڪوشش اها هوندي آهي ته اڪليتن کي نشانو بڻائي نه فقط اڪليتن ۾ عدم تحفظ پيدا ڪيو ويندو آهي پر عالمي سطح تي به منفي پيغام پهچايو ويندو آهي ته جيئن اهي هتان جا علائقا خالي ڪري وڃن، اهڙو مثال سنڌ جي مختلف شهرن اندر ڏسڻ ۾ آيو جتي هندو برادري کي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. اهائي صورتحال مختلف ملڪن جي به آهي جڏهن مذهبن جي بنياد تي هڪ ٻئي تي حملا ڪيا وڃن ٿا ته قتل عام ٿئي ٿو جيڪو متاثر ڪميونٽي ۾ شديد رد عمل پيدا ڪري ٿو. ظاهر آهي جڏهن ڪوئي گروهه مسلسل لاشون کڻندو رهندو ته تلخي به وڌندي ۽ رياست ۽ ملڪ جي خلاف بيزاري ۽ ناپسنديدگي به وڌندي ۽ حڪومت خلاف پڻ نفرت جنم وٺندي آهي. اهوئي سڀ ڪجهه ويڙهاڪ تنظيمون چاهينديون آهن جيڪا سندن جي ڪاميابي ليکبي پوءِ انهن ۾ سياسي لڪ هجي يا انهن مٿان جهادي چولو پيل هجي پر اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن عوام ۽ رياست جي وچ ۾ رابطن جو رشتو مضبوط رهي ٿو ته ڪڏهن به ويڙهاڪ تنظيمون ڪامياب ناهن ٿينديون ۽ انهن ويڙهاڪ تنظيمن جي جيت صرف ۽ صرف ان رشتي کي ڪمزور ڪرڻ ۽ حڪومتن ۽ عوام جي وچ ۾ غلط فهميون پيدار ڪرڻ تي منحصر ٿئي ٿي جيڪا ڳالهه حڪومتن کي سمجهڻ گهرجي.
    مٿي ذڪر ڪيل نقطن مان ظاهر ٿئي ٿو ته دنيا جون مختلف گوريلا تنظيمون تامل ٽائيگر کان وٺي چچنيا ۽ اتر آئرلينڊ کان وٺي فلپائين جي مورو گوريلا تحريڪن تائين تقريبن سڀني جڳهن تي اهي ئي حربا استعمال ڪيا ويا ۽ عراق ۾ به اهوئي عمل دهرايو ويو. چيو وڃي ٿو ته افغانستان ۾ نيٽو جي خلاف طالبانن حد درجي جي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪري ڏيکاريو ۽ انهن نسلي يا فرقي وارانه بنيادن تي حملا نه ڪيا پر انهن رياستي انتظاميا تي پنهنجا حملا جاري رکيا. اسان جي ملڪ اندر تحريڪ طالبان پاڪستان اهي حربا تمام گهڻا استعمال ڪيا. سوات تي انهن جو قبضو به انهي سبب ڪري ممڪن رهيو. وزيرستان ۽ باجوڙ وغيره ۾ اهي ساڳيائي حربا استعمال ڪيا ويا. بلوچستان ۾ جيڪا ويڙهه وڙهي پئي وڃي ان کي ڪنهن حد تائين روڪي سگهجي ٿو جيڪڏهن رياست چاهي ته پنهنجي سياسي حڪمت عملي سان ان باهه کي وسائي سگهي ٿي پر اتي ڏينهون ڏينهن ڳالهه انتهائي خراب ٿيندي پئي وڃي، بلوچ مزاحمت ڪار رياست جي موجوده ڍانچي کي مڃڻ کان هن وقت انڪاري آهن ۽ ڪنهن به سياسي ڳالهه ٻولهه ۾ حصو نٿا وٺن، بلوچستان جو مسئلو هن وقت رياست جي ڳچي ۾ آهي، هاڻي اهي ايف سي ۽ پوليس تي حملا ڪرڻ، پرو حڪومت مري ۽ بگٽي بلوچن جو قتل عام اغوا برائي تاوان جون ڪاروايون ميڊيا کي ڌمڪيون ڏيڻ وغيره اهو سڀ ڪجهه پوري دنيا ۾ هلندڙ مسلح جدوجهد جو ايڪشن ريپلي ئي ٿي سگهي ٿو.
    ڪجهه عرصو پوئتي جي ڳالهه ڪجي ٿي ته فرقي واريت جي بنياد تي قتل جو هڪ خوف ناڪ سلسلو شروع ڪيو ويو هو ۽ تازو ڪوئٽا ۾ هزاره ڪميونٽي کي هڪ سفاڪ طريقي سان مسلسل نشانو بنايو پيو وڃي، هڪ ٻئي پٺيان ڪاروين ۾ درجن ماڻهو ماريا ويا آهن. اهڙي طرح گلگت ۾ به پيدا ٿيل صورتحال انتهائي خراب رهي. گلگت ۾ گذريل اٺن ڏهن سالن دوران فرقي واريت ڪشيدگي جا مختلف واقعا پيش آيا پر هن ڀيري ته ائين لڳي رهيو هيو ته رياست ڪٿي به نظر نه اچي رهي هئي. انهن سڀني ڳالهين کي ملائي حساب ڪجي ٿو ته رياست ڪٿي به پنهجي رٽ کي برقرار نه رکي سگهي آهي، پنجاب جتي مرڪزي حڪومت کي پير به رکڻ نٿو ڏنو وڃي امن امان جي حوالي سان انتهائي خراب صورتحال رهي آهي روزانو جي بنيادن تي سوين قسم جون وارڌاتون ٿي رهيون آهن پر هڪ ئي رياست اندر ٻن حڪومتن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ رياستي ميشنري کي ڪمزور کان ڪمزور تر ڪري رهيو آهي. وفاق چوي ٿو ته صوبي جي ذميوري آهي جڏهن ته صوبو چوي ته اها وفاق جي ذميواري آهي، وڙهن سانهه لتارجن ٻوڙا جي مثال جيان وچ ۾ عوام متاثر ٿي رهيو آهي، اهڙي طرح سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ ان کان به وڌيڪ صورتحال خراب رهي آهي جتي هڪ ئي وقت وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪيو ويو آهي، جنهن سڌو سئون سنڌ ۽ وفاق جي انتظاميا کي متاثر ڪيو آهي، اهي ويڙهاڪ ڌريون جيئن چاهن پنهنجون ڳالهيون مڃرائي وٺن ٿيون پر رياست ڪٿي به انهن کي اٽڪاءُ نٿي ڏيکاري. هن وقت به ڪراچي اندر ماڻهو مارڻ روز جو معمول بڻيل آهي پر اهي قاتل هٿ ڪون ٿا اچن پر جي هٿ اچن به ٿا ته الاءِ ڪٿي غائب ڪيا وڃن ٿا جن جي ڪابه خبر ناهي ڏني ويندي ته آيا انهن مجرمن کي سزا ملي يا ڪنهن سياسي مفاهمت تحت آزاد ڪيا ويا. حقيقت اها آهي ته ان ۾ ميڊيا جو وڏو ڪردار هوندو آهي ڇو ته اڄ ڪلهه ماڻهو ميڊيا تي آيل خبرن ۽ اسٽورين تي وڌيڪ اعتبار ڪن ٿا پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ميڊيا جتي ڪيترن ئي رازن تان پردو کڻي ٿي پر ڪراچي ۾ دهشتگري جي معاملي تي سدائين خاموشي جو مظاهرو ڪيو آهي، بس ايترو ضرور ٿئي ٿو ته سمجهن سڀ ڪجهه ٿا پر ٻاڦ ٻاهر نٿي نڪري صرف مٿاڇريون ڳالهيون ڪيو پنهنجي پروگرام جو وقت پورو ڪيو وڃن ٿا پر ڪراچي ۾ هلندڙ دهشتگردي تان پردو نٿو کنيو وڃي. هن وقت به انهن دهشتگردن رياستي مشينري ۽ ميڊيا جي چرپر کي ايترو ته ڪمزور بڻائي ڇڏيو آهي جو انهن خلاف نه رياست ٿي قدم کڻي نه ميڊيا ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي ويتر ڪجهه مخصوص ميڊيا جو ٽولو انهن دهشتگردن کي وڌيڪ هٿي ڏئي پنهنجي صحافتي پيشي کي گاريون ڏئي رهيو آهي. هاڻي عوام به انهن کي سڃاڻي ورتو آهي ته اهي فرد صحافت جي نالي تي ڪارو داغ آهن جن جي حرڪتن سبب پوري صحافي برادري کي لڄايو آهي. اهڙي صورتحال جي پيش نظر ائين کڻي چئجي ته پوري آوي جو آوي خراب لڳي پئي آهي جنهن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪٿان به ڪا اميد جي ڪرڻ نظر نه پئي اچي تنهن ڪري هن رياست جو الله ئي محافظ ٿي سگهي ٿو باقي رياست کي ڪمزور ڪرڻ جا اسان سڀ حربا استعمال ڪري چڪا آهيون.

    meb_110@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين تمام بهترين ليک آهي ۔۔۔۔۔

    نه ته حڪومت ۽ نه ئي وري اپوزيشن ڪنهن به مسئلي تي سنجيدهه آهن، بس پيا سياست ڪن ۽ پاڻ کي بيوقوف بڻائين۔ عوام ته اڳ ئي بيوقوف آهي جو وري به کين ئي ووٽ ڪندو۔ ميڊيا به ماڻهن کي الجهائي رهي آهي ۽ من گهڙت رپورٽون ۽ الائي ڪهڙا پروگرام ڪري مون جهڙن کي ته مورڳو ٽي وي کان ئي پري رکيو اٿن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو