غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
هڪ قيدي کي جيل ۾ هن سان پيش آيل تڪليفون جي باري ۾ سچي ڪهاڻي۔
هڪ قيدي جنهن پنهنجو نالو راز ۾ رکڻ جو وعدو ورتو آهي، پنهجي اسيري جي دوران پيش آيل تڪليفون جو ذڪر هيٺن الفاظن ۾ ڪري ٿو:_
”تقريبن چار مهينا پهريون جوڍيشل مجسٽريٽ ڪراچي ايسٽ جي حڪم سان هڪ ڪريمنل ڪيس ۾ مون کي جيل انتظاميه جي حوالي ڪرڻ واري آرڊر تي عمل ڪرڻ لاء منهنجي ڪيس جي تفشيشي آفيسر(جنهن کي قانوني زبان ۾ آئي آو) چيو ويندو آهي ،مون کي چيوته توکي جيل ۾ ڇڏي اچڻ جا ٻه طريقا آهن،هڪ هي ته” تون مون کي پندرهن سوء رپيا ،ٽيڪسي جو ڪرايو،منهنجي منهنجند جي ماني جو خرچ برداست ڪرين“ ته مان توکي سڌوجيل ڇڏي آچان،ٻيو رستو اهو اٿئي ته مان توکي سٽي ڪورٽ ۾ موجود لاڪپ جي عملدارن جي حوالي ڪيان،هو توکي جانوارن وانگر جيل جي وين ۾ زبردستي وجهي جيل ڇڏي اچن۔انهن ٻنهي طريقن مان جيڪو توکي پسند هجئي مان ايئن ڪيان۔مون پهريون طريقو استعمال ڪيو۽ تقريبن چار هزار خرچ ڪري ڪجه عزت واري انداز ۾ سينٽرل جيل ڪراچي پهچي ويس۔تقريبن شام جوپنج جو وقت هو،جيل جو مين گيٽ جنهن کي جيل جي زبان ۾ ماڙي چوندا آهن ته مون کي جيل جي پوليس پنهنجي حفاطت ۾ ورتو۔مين گيٽ(ماڙي) کان جيئن مان اندر پهتم ته مون پاڻ سان گڏ ڪجه ٻين نئون قيدين کي قطار ۾ بيٺل ڏٺو۔هڪ وڏي مونڇهن واري پوليس واري وڏي زور سان هڪ ٿپ منهنجي ڪنڌ تي هنيئن ۽ گالم گلوچ سان منهنجو استقبال ڪري مون کي لائين ۾ بيهڻ جو اشارو ڪيو۔خبر پئي ته هاڻي منهنجي تلاشي ورتي ويندي۔تقريبن اڌ ڪلاڪ کان پوء منهنجو ڦوٽو،فنگر پرنٽس،۽ ٽيلفون ڪانٽيڪٽ نمبر وٺي ،جيل سپرنٽنڊ ينٽ جي سامهون پيش ڪيو۔مون سميت ٻين تقريبن سٺ يا ستر نئون قيدين کي مخصوص بيرڪ جنهن کي ڪراٽين چيو ويندو آهي،موڪيلو ويو۔ڪراٽين بيرڪ ۾ به اسان جو استقبال گالم گلوچ ۽ مارپيٽ سان ٿيو،ڪجھ وقت کانپوء منهنجو تعارف ان بيرڪ جي بيٽر(پيسئا جمع ڪرڻ وارو) ،منشي (لکت پڙهت ڪرڻ وارو)،چوبدار(منشي کي رپورٽ ڏيڻ وارو) پٽيل (مارپيٽ ڪرڻ وارو) ۽ مقدم (نظر رکڻ واري) سان ڪرايو ويو۔انهن سڀني کي پنهنجي سڃاڻپ جي لاء ڳاڙهي رنگ جون ٽوپيون پاتل هيون۔
مون جيل ۾ سڄو مهينو موبائل فون استعمال ڪرڻ لاء جيلر کي 5000 (پنج هزار) رپياء ڏنا۔
مون جيل ۾ پراڻي ۽ استعمال ٿيل سرنجون کي هڪ کان وڌيڪ قيدي مريضن تي استعمال ٿيندي ڏٺو۔
مون جيل ۾ وهنجڻ جو پاڻي جو هڪ گيلن وٺڻ لاء 200 رپياء ڏنا۔
مون جيل جي اندر هڪ نسوار جي پڙي 25 رپئي ۾،مين پڙي 30 رپئي ۾،گٽڪو سوء رپئي ۾،۽ جي ايم 10 رپئي ۾ خريد ڪيو۔
مون ڏٺو ته جيل جي اندر ٽي وي ڪيبل جي لاء جيلر هڪ ٽي وي ڪنڪيشن جا 300 روپياء روزانه وٺندو هو۔
مون ڏٺو ته جيل ۾ جيڪو قيدي ڊپريشن جو شڪار ٿئي ويندو هو يا جيل جي عملي جي تشديد جي دانهن جج کا ياڪنهن ٻئي صاحب اقتدار کي ڏيندو هو ته ان کي جيل انتظاميه چريو چئي چريا وارڊ ۾ موڪلي ڇڏيندي هئي ۽ هن کي نشئه آورادويات ڏئي۔سن ڪري روبوٽ وانگر بنائي ڇڏيندي هئي ۽ چوندا هاء ته هاڻي هن کي جيئن اسان چونداسين تيئن ڪندو۔
ڪاش مون وٽ اهڙو ڪو رستو هجئي هان جو مان رشوت ۾ ڏنل سڄي رقم گورنمنٽ جي خزاني ۾ جمع ڪري باقائده قانوني طرح جيل ۾ سهولتون وٺي سگهان هان۔“
معزاز ميمبرس،قانون جي مطابق جيل هڪ باشعور معاشري ۾ قيدين جي لاء اصلاح جو ڪم ڏيندا آهن،پر جيڪڏهن قيدي جيل ۾ آسيري جي دوران مثين تڪليفن کي منهن ڏيندا ته هنن ۾ ڪهڙي قسم جي اصلاح ايندي،هو جيل مان معاشري جا سٺا ماڻهون نه پرمعاشري لاء ناسور بنجي ايندا۔جيل ۾ قيدي جي اصلاح جو مقصد مٿين رشوت واري ماحول ۽ سختين جي ڪري بي مصرف(فوت) ٿئي ويندو۔هڪ سڄڻ قيدي جو مٿون داستان جيل انتظاميه جي ظالمانه روايو جو کليل مثال اهي۔شل الله پاڪ اسان جي صاحب اقتدار کي همٿ ،حوصلو ۽ سمجه ڏئي تاڪي هو جيل جي اندر ضروري قدم کڻي جيل کي رشوت ڪلچر کان پاڪ ڪري ،جيل کي قيدين جي لاء اصلاح جو گهر ٺاهي ۽ نه هنن کي وڏو ڏوهاري بنائي ٻيهر جيل کان ٻاهر موڪليو وڃي۔

بيٽر(پيسئا جمع ڪرڻ واري) ٻين وانگر پهريائين منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي ڪڪڙ وانگر منهنجو ملھه لڳايو ۽ پوء مون کي جيل ۾ رهڻ جا ٻه طريقا ٻڌايا،هڪ عزت سان هر ڳاله جي سهولت وٺي جيل جي زندگي گذارجي،ٻيو ٻڪرين وانگر يا جانورن کان به بدترين سلوڪ سان قيد جي ڏينهن گذاريا وڃن۔مان بيٽر جي ڏنل پهرين آپشن تي عمل ڪرڻ لاء هن جي ڊيمانڊ وارا 20،000(ويھه هزارن) ڏيڻ جي هاڪار ڪئي ته مون کي ٻين نئون قيدين کان ٿورو پري ڪري ويهاريو ويو۔باقي قيدي جيڪي اهئي پيسئا ڏيڻ جي قابل نه هئا،انهن کي اوڪڙو ويهاري صفا ننڍڙا۔پنن جي سائزا جا ٻهارا ڏئي فرش کي ٻهاري ڏيڻ لاء مجبوري ڪيو ويو،جڏهن به ڪو قيدي ساهي پٽڻ لاء ڪجه وقت بيٺو پئي ته پٽيل ان کي پٺي تي زور سان لت پئي هنين۔مغرب جي اذان جي ٽائيم تي تمام قيدين کي جوڙي جي صورت ۾ ويهاريو ويو۔۽ اسان جي ڳڻپ جنهن کي جيل جي زبان ۾ ٽوٽل چيو ويندو اهي،ڪيو ويو۔ٽوٽل مان معلوم ٿيو ته ڪراٽين بيرڪ ۾ نئون ۽ پراڻا قيدي جو تعداد تقريبن ٻه سوء جي برابر آهي،جيڪا مذڪوره بيرڪ جي گنجائش کان تمام گهڻي هئي۔ٽوٽل کان پوء بيرڪ بند ڪئي ويئي۔ان کانپوء اهئي سڀ نئوان قيدي جن بيٽر جي رشوت واري ڳاله مڃڻ کان معذرت ڪئي هئي،انهن کان مغرب کان وٺي رات 11بجي تائين سخت مشقت جنهن ۾ بيرڪ جي وري ٻهاري ڏيڻ،ڪنا ڀاٿ روم ڌوئڻ۔پٽيل ؤ منشي کي زور ڏيڻ ،مالش ڪرڻ وغيره وغيره ورتي ويئي۔11 بجي رات کانپوء اسان سڀني نئون قيدين کي ڪپڙن جي ٿانن وانگري جيئن شليف ۾ رکيا ويندا آهن ،فرش تي هڪئي پاسي تي سمهڻ لاء سمهاريو ويو،ان کي جيل جي زبان ۾ تهپي لڳائڻ چيو ويندو آهي۔مان ان تهپي واري انداز ۾ سمهي نه سگهيس ۔مون ڏٺو ته پراڻا قيدي جن پيسئن جي عيوض سمهڻ جي لاء بسترا ورتا هئا۔اهيئ ننڍين ننڍين ٽولين جي صورت ۾ پنهنجي بسترين تي ويهي رهيا ۽ اسان جي بيرڪ جي پٽيل جي سرپرستي ۾ هڪ قيدي مقرر هئوجيڪو انهن پراڻن قيدين کي پيسئن جي عيوض هر قسم جي نشي واري شِي(چرس،هيروئن۔ايٽي وان جون گوريون وغيره) مهيا ڪرڻ تي مامور هئو۔ان قيدي انهن تمام بستري واري قيدين کي چرس جو سگريٽ 20 رپئي ۾،هيروئن جي پڙيا سوء رپئي ۾،اهڙي طرح ٻيون نشي آور شيون پيسئن جي عيوض مهيا ڪيون۔ان واپار ۾ حاصل ڪيل سڄي رقم منشي جي ذريعي بيٽر کي منتقل ٿئي ۽ بيٽر جي ذريعي بيرڪ کان ٻاهر سپاهي جي حوالي ڪئي ويئي۔رات جي ٿڪاوٽ جي ڪري مون کي ننڍ اچي ويئي۔صبح جو پنجي بجي پٽيل مون سميت سڀني قيدين کي اٿاري ٍجوڙين جي صورت ۾ ويهاري ڇڏيو۔جن قيدين نماز پڙهڻ چاهيوانهن کي نماز پڙهڻ ڏنو ويو۔صبح جو تقريبن ستين بجي ڌاري ،ڪراٽين بيرڪ جو دروازو کوليو ويو۔ان کانپوء مون ۽ مون جهڙن ٻين مراعات يافته قيدين کي بيرڪ کان ٻاهر وڃي ٽنگون سڌيون ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي۔تقريبن 9 بجي اسان جي بيرڪ جي پٽيل اسان کي ناشتو آڻي ڏنو۔ناشتي ۾ هڪ سڙيل ماني ۽ هڪ پاء واري خالي ملڪ پيڪ جي ڊٻي ۾ چانه جيڪا پيڻ جي لائَق نه هئي ڏني ويئي۔
ناسته کان اڌ ڪلاڪ پوء اسان سڀني قيدين کي بيرڪ مان ڪڍي مشقت ڪرائي ويئي۔تقريبن ٻه بجي مون کي منشي آواز ڏني ۽ مشقت کان گهرائي هن مون کي پٽيل سان گڏ ملاقات روم يعني گرل ڏي موڪليو،جتي وڃي مون کي معلوم ٿيو ته وڏي مڇين واري سپاهي رات جو ئي منهنجي گهر وارن سان ٽيليفون تي ڳالهائي انهن کي ويه هزار(20،000) ملاقات جي وقت کڻي اچڻ لاء چيو هئو۔ اچن۔گرل جي ٻئي طرف منهنجو والد ۽ ڀاء موجود هئو۔مان اڃان انهن سان ڳالهائڻ مس شروع ڪيو هئو ته منهنجي بيرڪ جي پٽيل جيڪو منهنجي پٺيان بيٺو هئو،ان مون کي چنبه ڪنڍي (مارڪٽ) شروع ڪري ڇڏي ۽ آهستي سان چيوته هنن کي چئو ته پيسئا ڄاري جي ٻئي طرف بيٺل سپاهي کي ڏين۔منهنجي چوڻ تي منهنجي والد ۽ ڀاء 20،000 هزار ان سپاهي کي ڏنا۔ هڪ ٻن منٽن جي ڳالهائڻ کانپوء پٽيل مون کي واپس بيرڪ ۾ منشيء ڏئي وٺي ويو۔ان پيسئا ڏيڻ کانپوء مان به مراعات يافته قيدين جي لسٽ ۾ پڪو ٿئي ويس۔مون سان هر معاملي ۾ نرم رويو رکيو ويو۔پوئين ڏينهن جي روٽين وانگر ٻيهر ٽوٽل ڪرڻ کانپوء بيرڪ جو دروازو لاڪ ڪيو ويو۔مون تي نرمي ڪئي ويئي هئي مون کي تهپي لڳائي سمهڻ وارن قيدين کان الڳ ڪري بسترو(هنڌ) ڏنو ويو۔پهريون ته مان تمام گهڻو خوش ٿيس پر ان بستري تي سمهڻ کانپوء فورن معلوم ٿئي ويو ته ان بستري کي جيل جي زبان ۾ خارش وارو بسترو چيو ويندو آهي۔ان سان خارش جي بيماري لڳي ويندي آهي۔مان هي رات به تڪليف ۾ جسم کي کنهدي کنهدي گذاري۔ٻيا بستري وارا قيدي مون تي ٺٺلون ڪندي،نشو واپرائيندي سمهي پيا۔ٻيو ڏينهن مان مرات يافته قيدين وانگرگهمندي ڦرندي گذاريا،رات جو ٽوٽل ٿيڻ ۽ بيرڪ جو دروازو بند ٿيڻ کانپوء،مان ڪرائي تي موبائل فون حاصل ڪري پنهنجي گهر وارن کي صاف بستر ۽ ٻيون ضروري شيون آڻڻ لاء چيون۔اڳين ڏينهن اهئي سڀ شيون مون کي گهروارن مهيا ڪري ڏنيون۔
مان هڪ مهيني ۾ تقريبن چار دفعا جيل کان ڪورٽ پيشيء تي آندو ويس،هر دفعي ڪورٽ جي لاء جيل کان ٻاهر اچڻ لاء 200 رپياء ۽هٿڪڙي هلڪي انداز ۾ ٻڌڻ لاء سو رپيو جيل پوليس کي ڏيڻو پوندو هو۔جيل مان ڪورٽ وٺي وڃڻ واري گاڏي ۾ آرام داه طريقي سان وڃڻ لاء،۽ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ لاء ڪورٽ پوليس سان بارگين ڪرڻو پوندو هو ۽ مرضي جي تاريخ يا ڪورٽ مان جلدي فراغت حاصل ڪرڻ لاء ٽي چار سوء رپياء خرچ ڪرڻا پندا هئا۔اهڙي طرح هر ڪورٽ پيشي تي مون کي تقريبن پنجويه سوء (2500) خرچ ڪرڻا پوندا هئا۔مان تقريبن ساڍا ٽي مهينا جيل ۾ رهيس،مون جيل ۾ اهو سکي ڇڏيو هئو ته جيل ۾ عزت سان رهڻ لاء جيل انتظاميه کي منهنجي کيسي ۾ نئون نئون نوٽ ڏسڻ ۽ اهئي منهنجي کيسي مان هنن جي کيسي ۾ وڃڻ ضروري آهن۔مان پنهنجي قيد جي دوران تقريبن ٻه لک رپياء رشوت جي طور تي جيل جي عملي کي ڏنا۔مون موبائل فون جيل ۾ في ڪلاڪ جي حساب سان ڪرا۔ئي تي به استعمال ڪئي۔مون جيل ۾ سڄو مهينو موبائل فون استعمال ڪرڻ لاء جيلر کي 5000 (پنج هزار) رپياء ڏنا۔