فِطري حُسناڪي جا انڊلٺي رنگ ۽ اتهاس جا عظيم حوالا رکندڙ ننگرپارڪر، هن جديد ٽيڪنالاجي جي دور م به تعليمي معيار جي بهتر نه هئڻ ۽، شعور جي اڻاٺ سبب، پٺتي پيل علائقو سمجهيو وڃي ٿو. شعور ۽ سجاڳي، اٽي ۾ لوڻ برابر هئڻ ڪري، هتان جون سياسي ۽ سماجي حالتون به منفرد آهن. هتي اڄ به رئيس وڏيرن جي رحم ڪرم تي غريب ڌرتي ڌڻين جون زندگيون سڏڪن ٿيون. هتي پوليس بااثرن جي ونگار وهڻ کي پنهنجي فرض جو حصو سمجهي ٿي، هتي سگهاريون ڌريون، سماجي معاملن ۾ مداخلتون ڪري پنهنجو رعب قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. بنيادي سهولتن جو فقدان، شعوري پسماندگي، وڏيرا شاهي جي وحشت ۽ سماجي ستم ظريفين جو درد، جتي هن علائقي ۾ آزاد ۽ شفاف صحافت جي ضرورت بڻيل آهن، اتي حالتن جي سنگيني، ساڳي قوت سان آزاد صحافت جي راهه ۾ رنڊڪ آهي. انهن ڏکين حالتن باوجود، ڌرتيءَ جو درد رکندڙ، قلم جي آئيني سان انهن وحشتن ۽ بي واجبين جي پت وائکي ڪندڙ، ننگرپارڪر جو نوجوان کاهوڙي صحافي قربان کوسو گذريل ڇهه مهينن کان گُڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هئڻ سبب، سخت پريشانين جو شڪار آهي. کيس گُڙدن ۾ پٿري هئڻ سان گڏ هيپاٽائٽس سي به ٿي چڪي آهي. ڊائيلاسز جي عارضي سهاري تي موت جي راڪاس سان وڙهندڙ هن بي باڪ شخص جي زندگي جي پورهئي ۽ جرئتمندي سان قلم سان نڀائڻ کي ڏسبو ته سچ ته هي طبيعت ۽ ظاهري جسماني طور تي ڪومل انسان ڪارونجهر جبل وانگر ارڏو نظر ايندو. ننگرپارڪر جو اهڙو ڪوبه مسئلو ناهي، جنهن تي هي فقير تن انسان تڙپيو نه هجي ۽ قلمي جنگ جوٽڻ کان لنوائي ويو هجي. اليڪشني وڏيرن جون ارهه زورايون هجن يا اقتداري ڌر طرفان انتقامي ٻڌ ڇوڙ هجي. نياڻين جي بند پيل اسڪولن جو مسئلو هجي يا ٻي ڪنهن بنيادي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪا سوچيل سمجهيل دير هجي، پوليس پاران اقتداري وڏيرن جي چرچ تي، ڪاسٻي جي مسڪين مينگهواڙ ”ارجڻ“ سان انسانيت سوز تذليل جو مسئلو هجي يا ڪنهن نفيس ڇوڪريءَ کي بنا ڏوهه جي ڪوڙي الزام هيٺ گهٽا ڏيئي مارڻ جو معاملو هجي. هن ڀرپور نموني اصل حقيقتن کي سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ناياب جهنگلي جيوت جي شڪار ۽ ڪاونجهر جي وجود تي بسنتي رت ۾ مخمور مهڪارون هاريندڙ قيمتي وڻ ”گگرال“ جي ڪيميڪل ٽڪي خلاف قربان جي قلمي مزاحمت ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿي سگهجي. جيڪڏهن رات آڌيءَ جو ڪنهن فون ڪري ٻڌايو هوندو ته فلاڻي ڳوٺ وٽ شڪارين، هرڻ يا روجهه ماريو آهي ته ٻڌڻ کانپوءِ ننڊ حرام هوندس. ننگرپارڪر ويجهو جڏهن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار کهڙي هرڻ ماريا هئا، هن اها خبر بريڪ ڪرڻ کان به نه گهٻرايو. اهو ئي سبب هو جو سچائي جو ساٿ نڀائڻ ۽ دليري سان ماروئڙن جا درد لکڻ جي ڏوهه ۾ کيس، ڪوڙي ۽ من گهڙت ڪيس ۾ ڦاسائي جيل ياترا ڪرائي وئي، پر پنهنجي عزم جو جهنڊو ساڳي بيباڪي سان بلند رکيو ۽ رکندو اچي. بقول ايوب کوسي جي ته، زبان پنهنجي اها ئي ساڳي متان تون سمجهين ٺري وئي آ... اڃا ته دل آ اها ئي چنچل متان تون ليکين مري وئي آ...! افسوس ته هن وقت پنهنجي قلم سان ڪميٽيڊ اهو بي باڪ صحافي ”مسڪين جهان خان کوسي“ ۽ ”روپلي“ جي ڌرتي جو رهواسي قربان کوسو سول اسپتال مٺي ۾ علاج هيٺ آهي. اڄ تائين سرڪاري سطح تي سندس ڪا به مالي سهائتا نه ڪئي وئي آهي. جڏهن ته هي مڊل ڪلاس ماڻهو پنهنجي هڙان وڙان 3 لک کان مٿي خرچ ڪري چڪو آهي ۽ مسلسل علاج جي ڳري خرچ سبب پنهنجي زرعي زمين به وڪڻي علاج تي خرچ ڪري چڪو آهي. پاران سيد عبدالجبار شاھ راشدي
رب العالمين قربان کوسي کي پنهنجي امان ۾ رکندو ۽ صحت ڪامله عطا ڪندو ۔۔۔ مرد مجاهد جون تڪليفون به مجاهدانه هونديون آهن ۔۔۔ وس وارن کي ۽ علائقي جي انتظاميا وارن کي سندس سار سنڀال رهڻ گهرجي ۔۔۔ سهڻا راشدي صاحب، سنڌ سدا جيئي ۔۔۔ کير پيئي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا سائين اسان جي الله پاڪ جي در تي نماڻو عرض آهي ته پنهنجي حٻيب جي صدقي قربان کوسي صاحب کي صحت عطا فرمائي۔هنن جي دوان کي حڪم ڏئي ته هن جي مرض جي ترياق ٿئي پوي۔الله سائين پهنجي رحم وڪرم سان صاحب اقتدار جي دل ۾ سنڌ ڌرتي جي هن ڏاهائي لاء نرمي پيداڪري تاڪي هن جي علاج جو سڄو خرچ ڀرين۔انشاالله ،الله پاڪ جي اجهو مدد آئي ۔قربان کوسو کي گذارش آهي ته الله سائين جي رحمت مان مايوس نه ٿين۔