اسلامي ڊاڪيومينٽريز ۽ موويز موضوع ۾ سنگت جي دلچسپي کي ڏسي هالي ووڊ ڊاڪيومينٽيز ۽ موويز بابت توهان جي ۽ پنهنجي پسنديدگي پڇڻ ۽ ٻڌائڻ جو به شوق جاڳيو۔۔ اڪثر وڏي جي موڪلڻ اچڻ تي سندس ليپ ٽاپ مان هالي ووڊ موويز ڪاپي ڪري وٺندو آهيان۔ هڪ دفعي انگريزي فلم 2012 ڏسڻ جو اتفاق ٿيو۔ ڇا ته ڳالهه هئي انگريز اسان کان ڪيترو اڳتي آهن؟ خبر پئجي وئي۔ پوري شهر جو شهر تباه ٿي ويو۔ سمورن نيٽ ورڪن جي ايسي جا تيسي ٿي وئي پر همراه جو موبائيل آ جو هلي پيو مجال آ جو ڪو سگنلن ۾ فرق آيو هجي ۔ توهان به ڏسو ۽ اندازو ڪيو ته ڇا واقعي هن سال قيامت ايندي؟
Barfi ڏٺم ۔۔۔ هڪ دوست جي فرمائش هئي ته ضرور ڏس۔۔۔ سٺي فلم هئي۔۔۔ اداڪارن جي اداڪاري به ڀلي هئي۔۔ ڏسي مزو به آيو۔۔ پر مسئلو اهو هو ته سموري فلم هالي ووڊ جي مختلف فلمن مان چوري ڪيل هئي۔۔ ڪو سين ڪهڙي فلم مان ته ڪا سچويشن ڪهڙي فلم مان ۽ وري ڊائلاگ ڪنهن الڳ فلم مان۔۔۔ جيڪڏهن برفي تي اوريجنل ڪم ٿيل هجي ها۔۔ ته آسڪر ايوارڊ وٺڻ جهڙي هئي۔۔ خير جيڪي هالي ووڊ جون فلمون نه ٿا ڏسن اهي ضرور ڏسن ۔۔۔ سٺي فلم آهي۔۔۔
وڏا پنهنجو ته هڪ نه ٻي ڏينهن هاليوڊ جي فلم ڏسڻ جو اتفاق ٿيندو آهي جيڪي مونکي وڻيون آهن سي آهن۔ Ocean's Eleven, Ocean's Twelve, Ocean's Thirteen, Argo, Django Unchained, ايئن ته لسٽ تمام وڏي آهي جنهن ڪري اسڪرين شاٽ لڳايان پيو۔
توهان جي آندل لسٽ مان 35 کن ڏٺل آهن۔۔۔ باقي تڏهن ڏسندس جڏهن ڊسڪرپشن لڳايو هر فلم بابت ۔۔۔ ڀلا اها سنڌي جوڪر ڪهڙي فلم آهي۔۔۔؟
ادا رنجيت اوهان ته وڏي لسٽ ڏني آهي۔ بهرحال 2012 ۾ جِن فلمن مزو ڏِنو اُهي برفي ۽ جب تک هي جان هُيون۔ برفي ته اٺ دفعا ڏِٺي اٿم۔ پر هر دفعي نئون مزو ڏي ٿي۔
مونکي جيڪا فلم پسند آئي اها هئي او ما گاڊ ۔ ڏه ڀيرا ڏٺي اٿم ، هر ڀيري الڳ مزو اٿس ۽ هالي ووڊ ۾ مين ان بليڪ مونکي پسند آئي۔۔
برفي مون به ڏٺي پسند آئي اسلامي حضرت يوسف رح تي بهترين هئي اها بار بار ڏٺم رشيد کي چيو اٿم ته حضرت عمر رضه تي ٺهيل ڊاڪيو مينٽري اردو ترجمي سان هٿ ڪري ڏي