بيوقوف بڻائڻ سنڌي دوستن جو ڪم آ

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ ممتاز حسن ڪيهر طرفان آندل موضوعَ ‏8 جون 2012۔

  1. ممتاز حسن ڪيهر

    ممتاز حسن ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 جنوري 2012
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    منهنجي ڪمپيوٽر ڄاڻ وارا سنڌي دوستو۔۔
    السلام عليڪم سدا سلامت خوش هجو۔۔۔۔
    دوستو۔۔
    منهنجي جهيڙا ڄٽوڙ توهان استادن جا محتاج هوندا آهن توهان جيڪر سٺي سکيا ڏيندا ته اسان جيهڙا شاگرد استادن جو
    نالو روشن ڪندا۔۔۔۔۔پر جي ۔۔۔۔۔استاد ئي غلط رستو ڏيکاريندا ته پو۽ ڪنهنجو قصور آهي۔۔
    سنڌ سلامت هميشه منهنجي استاد رهي آهي۔۔۔پر اڄ هي شاگرد مات کائي ويو آهي۔۔۔۔
     
  2. عامرضياء چارڻ

    عامرضياء چارڻ
    ٻانهن ٻيلي
    انتظامي رڪن سيڪورٽي انچارج

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    246
    ورتل پسنديدگيون:
    180
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    اڪائونٽس مينيجر
    ماڳ:
    دادو سنڌ
    سائين ٿورو ڳالهه کي واضح ڪريو، توهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو ؟ ؟ ؟؟
     
  3. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    منهنجا دوست پهرين ڳالهه ته توهان جو جيڪو عنوان آهي اهو پڙهي ٿورو افسوس به ٿيو ته توهان وٽ ايتري احساس محرومي ڪئين ٿي سگهي ٿي جو توهان اهڙو عنوان پيش ڪيو آهي، پر جئين ته ان عنوان جي عيوض توهان جي ڪنهن به ڳالهه مان ڪٿي به ڪا ڳالهه ان عنوان سان لاڳاپيل نٿي لڳي تنهنڪري منهنجا ڀاءِ مايوس نه ٿيو بس پنهنجي ڳالهه واضح ڪيو ته هن محبتي اڱڻ تي گهڻا ئي دوست سڄاڻ آهن ضرور توهان جي مسئلي جو حل نڪري پوندو، ڪا به شئي مشڪل نه آهي توهان پنهنجي ڳالهه چٽي ڪيو۔۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان سمجهان ٿو اوهان هن موضوع جي ڳالهه ڪئي آهي۔

    ڪاش اوهان ان تي ڪيل دوستن جا ڪمينٽس پڙهو ها ۽ پوء ڪو عمل ڪيو ها۔
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين غالبا اهوئي موضوع ٿي سگهي ٿو جنهن جي ڪري ادا ممتاز ڪيهر کي شڪايت آهي بهرحال اهڙي ڪوڊنگ ڪڏهن غلط به هوندي آهي ان ڪري اهڙن تجربن کان پاسو ڪرڻ گهرجي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا ممتاز اوهان جو عنوان ته واقعي به ڏکوئيندڙ آهي. اها منهنجي ذاتي راءِ به آهي ۽ يقينن سڀ دوست به متفق ٿيندا ته ڪڏهن ڪنهن فردِ وحد جي ڪنهن عمل تي مجموعي راءِ نه ڏجي. ڇو ته وڏڙا بي وقوف نه هئا جيڪي چئي ويا آهن ته “پنج ئي آڱريون برابر ناهن”. هن فورم تي آئي اوهان کي اڃان ڇهه مهينا ٿيا آهن. اوهان پراڻن موضوعن ۾ وڃي ڏسو ته جن سنڌين کي اوهان بي وقوف بڻائڻ وارا چيو آهي انهن اسان جي رهنمائي ۾ ڇا ڇا ناهي ڪيو. اوهان کي سڀ سيڪشن ته ڇا پر “پُڇڻا نه منجهڻا” ۾ ئي اهو سڀ ڏسڻ لاءِ ملي ويندو جنهن کان پوءِ اوهان کي پنهنجي انهي راءِ تي پڇتاءُ ٿيندو. ۽ براءِ مهرباني تحرير جو عنوان 100 دفعا سوچي پوءِ ڏيندا ڪريو ڇو ته اها واحد شئي آهي جيڪا اڃان ته ترميم نه ٿيڻ جوڳي آهي.
    رهي ڳالهه اوهان جي گوگل ڪروم خراب ٿيڻ جي ته ڪمپيوٽر جي دنيا ايڏي ته غير محفوظ آهي جو وڏي کان وڏا ڄاڻو به ڪنهن اهڙي حملي جو شڪار ٿيو وڃن. اوهان جو ته گوگل ڪروم ويو پر ڪيترن ماڻهن جي سڄي جو سڄي ڊيٽا ئي هلي وئي. پر دوست هي ته هڪ اهڙو ڪم هو جو ڪمپيوٽر ۾ هلڪي ڄاڻ رکندڙ به احتياط ڪري ها. ڇو ته نوٽ پيڊ ۾ ڪيل ڪوڊنگ کان پوءِ اهڙن فارميٽس ۾ ٺاهيل فائلون سوچي سمجهي هلائبيون آهن.
    ليجينڊ جو مقصد ڇا هو؟ ۽ هُن اهو ڇو ڪيو اهو پُڃاڻو ڪرڻ انتظاميه تي فرض آهي. شايد اها تحرير ڪنهن انتظامي رُڪن جي نظر مان گذري نه هوندي نه ته ضرور انهي جا نقصان ٻڌايا وڃن ها ۽ ليجينڊ کي تنبيه ٿئي ها. پر هتي ڪنهن کي پنهنجي ڪا به تحرير (سواءِ اسلامي سيڪشن جي) موڪلڻ جي منع ڪانهي. جي انتظاميه اهو شرط هر تحرير تي رکي ته پوءِ ته هي فورم هلي ئي نه سگهي.
    سو قصو ڪوتاهه ته ماڻهو پنهنجي احتياط ڪري. ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته مشورو ڪجي. (اهڙي ڪنهن جادو ڏسڻ کان اڳ به ته جهان هليو پئي نه. جي ڪنهن سان مشوري ڪري وٺجي ته ڪهڙو ڪو شئي هٿن مان نڪري وڃي ها. مطمئن ٿي پوءِ شروع ڪجي ها). ۽ جي ٿورو (سو به قابلِ تلافي) نقصان ٿي به وڃي ته انهي تي ايترو وڏو الزام سو به سنڌين تي.........ڏک ته ٿئي ٿو نه ادا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    چوندا آهن ته ”جت لوڀي هجن ات ٺوڳي بک نه مرن“ ۔۔۔ مون ته ليجينڊ جو ليک ڏسي ئي دوستن کي خبردار ڪيو هو ۔۔۔ پر پوءِ به تجربي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ هر چمڪندڙ شئي سون ناهي هوندي ۔۔۔۔۔

    دوستن جي ڳالهين مان خبر پئي ته ليجينڊ جو ونڊ دوستن کي نقصان ڏي ٿو ۔۔۔جن دوستن اهو تجربو ڪيو آهي ته تصديق ڪن ته ان ليک کي ختم ڪيو وڃي ۔۔۔

    لک ٿورا
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو