• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنڊو محمدخان ۾ وڌندڙ ڪرپشن ، مهانگائي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊومحمدخان خلاف ايس ٽي پي جي ريلي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نثارناز
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نثارناز

سينيئر رڪن

سنڌ ترقي پسند پارٽي ٽنڊو محمدخان پاران ، مهانگائي، ڪرپشن ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمدخان جي ڪرپشن خلاف ريلي ڪڍي وئي: هزارين ماڻهن جي شرڪت:

رپورٽ ۽ تصويرون: نثارناز سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام 8 جون 2012

اڄ ٿوري دير پهرين ايس ٽي پي ضلع ٽنڊو محمدخان پاران مهانگائي، ڪرپشن ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان جي مبينه ڪرپشن خلاف ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ايس ٽي پي جي هزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي هنن جي هٿن ۾ بينر ، پلي ڪارڊ هُئا ۽ هو ضل...ع ٽنڊو محمدخان ۾ مهانگائي، ڪرپشن ۽ ڊي سي ٽنڊو محمدخان سيد برڪات رضوي خلاف ڳاٽي ڀڳا نعرا هڻي رهيا هُئا. هي ريلي ريلوي اسٽيشن ٽنڊو محمدخان کان شروع ٿي پريس ڪلب ٽنڊومحمدخان پهچي هڪڙي جلسي جو روپ اختيار ڪري وئي اتي ايس ٽي پي ضلع ٽنڊومحمدخان جي اڳواڻن ٽنڊو محمدخان ضلع ۾ ڪرپشن ، مهانگائي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ضلع ٽنڊو محمدخان جي مبينه ڪرپشن خلاف تقريرون ڪيون ۽ ڪرپشن ختم ڪري ڊي سي ٽنڊو محمدخان تي ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪري ان کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. تقرير ڪرڻ وارن ۾ ايس ٽي پي ضلع ٽنڊو محمدخان جو صدر، رضا خاصخيلي، ايس ٽي پي ضلع ٽنڊو محمدخان جو جنرل سيڪريٽري، سيد سارنگ شاهه ايس ٽي پي سنڌ هاري تحريڪ جو صدر محمد جمن سمون ، ايس ٽي پي ضلع ٽنڊو محمدخان جو استاد منظور سومرو ايس ٽي پي جو ڪارڪن اقبال حاجاڻو ، معظم علي ٽالپر ۽ منور سومرو نمايان هُئا۔ ان کان علاوه اڄ سموري ٽنڊو محمد خان شهر ۾ ڪامياب ٿيل استادن کي آفر آرڊر نه ڏيڻ خلاف مڪمل شٽر بند هڙتال آهي ، هن هڙتال جي حمايت ضلع جي سڀني کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ جماعتن ڪئي ۔
581206_10150960917383216_1940005791_n.jpg
 
Back
Top