سائين مراد علي شاهه جا ڪارٽون، پنهنجو پاڻ هڪ ڪهاڻي هوندا آهن، مزاح سان گڏ چهنڊڙيون هونديون آهن۔ هي ڏسو سندس ڪالهوڪو ٺهيل ڪارٽون: 129 اٽيچمينٽ ڏسو
ته ان جو مطلب سنڌي قوم هاڻ ان تي ئي گذارو ڪري، شل مار پوي اهڙن وزيرن تي جو پنهنجي قوم جي ووٽن تي وزير ٿي ان ڪري پهچايا وڃن ٿا ته اهي ان قوم جي سڌاري لا ڪجهه ڪندا، پر اسان جي اهڙي بدقسمتي جو موالي وزيرن کي کڻي ڪرسين تي ويهاريو اٿسي، هاڻ ڀنگ جا ڪونڊا نه ملندا ته ڀلا ڪو ليپ ٽاپ ملندا۔۔
کل ته وڃي عامر جي ڳالهه تي آئي۔۔۔ هوئن به دادو جي گرمي ليپٽاپ سان ڪهڙي گهٽ ٿيندي۔۔۔ ٻڌو اٿم ته هاڻي خيبر پختونخواه حڪومت به ليپٽاپ ورهائيندي۔۔۔ اهو صحيح ڌنڌو هٿ ڪيو آهي انهن۔۔۔ خبرون اهي آهن ته ليپٽاپ اسڪيم ۾ به ڪروڙين روپين جو گهوٻيون ٿيون آهن۔۔۔ ان ڪري اهڙي شاندار منصوبي کي خيبرپختونخواه وارا به ڇونه آزمائي ڏسن جو هنن وٽ ته اڄ ڪلهه بس ٽرين وارو بلور ئي آهي جيڪو مال ميڙي پيو ڏئي۔۔۔ حقيقت اها آهي ته جڏهن خريدوفروخت واري سائيٽ تي وڃي ڳوليم ته شاگردن کي اهڙا ليپٽاپ کپائيندي ڏٺم ۔۔۔ جيڪي رقم حاصل ڪري پنهنجي تعليم جون جبلن جيڏيون فيسز ادا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن۔۔۔ ڪاش جو حڪومتون ان ڏانهن به توجا ڏئي سگهن۔۔۔
ابا سليمان! شاه صاحب ڀلا ڏنڊا ڪونڊا ڏيندو يا ڀنگ ۽ مصالو به ڏيندو، سائين شاه صاحب کي عرض آهي ته ڏنڊي ڪونڊي جو خرچ اسان پاڻ ڀرينداسون، صرف ڀنگ ۽ مصالو روزانه جي بنياد تي مهيا ڪيو وڃي ۔۔۔ ۽ قوم کي ڀنگ پيئاري ننڊ ڪرائي ۔۔۔۔ صحت سڌاري وڃي ۔۔۔۔ حق پير بابا! گرمين جي موسم ۾ بوبڪن جي ڀنگ جو مزو ئي پنهنجو جتان جون جهرڪيون به نشي ۾ هونديون آهن۔ حق پير بابا ۔۔۔
هههههههها سائين اهي جهرڪيون وري نشن ۾ ڪئين هونديون آهن۔۔۔اتي وڃي اهو نظارو ڏسڻو پوندو، پاڻ کي ته نشي کان ئي نفرت آهي۔
هاڻ جي ته خبر ناهي پر پراڻي زماني ۾ بوبڪن ۾ تمام گهڻي ڀنگ ٿيندي هئي، ڪڻڪن جي موسمن ۾ جهرڪيون ڀنگ جا ٻج کائي نشي ۾ پيون هونديون هيون ۽ ماڻهون وڃي کين هٿن سان پڪڙيندا هيا ۔۔۔ بلڪل جيئن هاڻ اسانجي قوم جي حالت آهي، ڌاريا اچن ٿا ڪروڙپتي ٿي سنڌ ۾ مزا ماڻن ٿا پر سنڌي سٻاجهڙا ۔۔۔؟؟؟؟؟
سائين سليمان واقعي ڪارٽون ٺاهڻ وارا به ڪيئ ڳالهيون هڪ ئي ڌڪ ۾ مطلب هڪ ئي تصوير ۾ ڪري ڇڏيندا آهن، جيئن هي ڏسو؛
سائين آءُ ته صرف ايترو عرض ڪري سگهان ٿو ته سائين ڀنگ جي پيئڻ سان عوام صرف کلڻ ۾ ئي پورو هوندو نه !!، پوء چاهي ڏنڊا کائن يا آنسوگيس جا گولا، سائو پاڻي پي ڪري وڃي هُنن کي ووٽ ڏئي کلندا ايندا..... هائي ويچارا اٻوجهه سنڌ جا سنڌي ماڻهو ڪڏهن ٿا ٻُوٽيل اکين کي کولن....... سائين سليمان وساڻ صاحب جي شئرنگ تمام پياري لڳي......مهربانيون سائين
سائين اهو به ڏي ته سهي!!!!!!!!!! مراد علي شاهه آهي بادشاهه ماڻهو، جيڪو ايڏي وڏي اميد ڪيو ويٺو آهي، هنن جي دل تان اهو ڏنڊو ڪونڊو به نه لهندو۔
يار هوڏانهن ليپ ٽاپ پيا ورجائجن۔ انهي مان وزير مشير ۽ انهن جا ڇاڙتا پيا ڌڪ وٺن۔ ته وري ليپ وڍندڙ اُهي انٽرنيٽ تي وڏي واڪي ويٺا وڪڻن ۽ پنهنجو جهان هلائين۔ پر هتي اسان جو مرشد سائين قائم علي شاهه ۽ سندس ساٿي سال جي بجيٽ ۾ رکيل رقم به پوري خرچ نه ڪري سگهيا۔ سنڌ واهد صوبو آهي جنهن جا پيسا ليپس ٿي۔ ڪٿي ڍور سڃا ڪٿي چور سڃا۔
رسول بّخش دائود پوٽا صاحب، اوهانجو هي جملو سمجهه ۾ نه آيو ۔۔۔ ڪنهن سان مخاطب آهيو؟ اسان ۽ توهان واضح ڪندا ۔۔۔۔؟؟؟؟
هي شهباز هي شهباز شريف وارن کي چوان پيو جيڪي سنڌ جو پيسو ۽ خون پيا پيراسائيت ٿي پيا پيئن هن رو؟ن وري ٻار کي ٻڌايان پيو
سائين رسول بخش دائود پوٽا صاحب ...... واقعي ۾ سائين توهان پهريان ته اهڙو جملو ٺاهي پيش ڪيو جو ڀائو پاڻ کي ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه آيو ليڪن توهان جي وضاحت کان پوء ڳالهه صاف ٿي سمجهه ۾ آئي...واه جو ڳجهارتن ۾ ٿا ڳالهايو سائين.....