اسلام اليڪم مان آهيان ڪرن شڪيل منهنجي عمر 20 سال آهي مان ڪراچي ۾ رهندي آهيان پڙندي نه آهيان منهنجي ڪاسٽ آهي بلوچ منهنجي ڪاسٽ آهي مونکي سنڌي گهٽ ايندي آهي مان جهانداد سمون سان آفيس ۾ ڪم ڪندي آهيان مون کي سنڌي تمام گهٽ ايندي آهي ۽ مان ڪوشش ڪندس ته توهان سڀني دوستن جي لا۽ ڪجهه شيئر ڪندس مونکي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ڪجهه نه ايندو آهي صرف ويب سائيٽ open ۽ DOWNLOAD بس منهنجو پهريون فورم آهي هي توهان سڀني ڀارن سان ۽ ڀيڻن کي گذارش آهي ته مونکي سنڌي سيکارڻ ۽ سمجهائن جو موقعو ڏنو ويندو مونکي ڪافي شوق آهي سکڻ جو
مهرباني ادي جو توهان اسانجي هن اوطاق تي ڪهي آيا. بس ٿوڙي ئي دير ۾ اسان جا ڪجهه دوست توهان جي لاءِ گلن جا تحفا پيش ڪندا. هونئن ته اهي مٺايون پيش ڪن هان پر اڄ ڪالهه کنڊ مهنگي آهي پر چنتا (فڪر) نه ڪريو اجهو بس دوست پهتا....... باقي سنڌي سکڻ جي لاءِ هي وٺو هڪ سافٽويئر اميد ته توهان سنڌي سکي ويندا. http://www.sindhology.org/images/lets-learn-sindhi.zip ادي جهانداد عرف ڪنگ جي به لک مهرباني جنهن توهان کي هتي اچڻ جي باري ۾ ٻڌايو
ڪرن توهان اچي ويا سند سلامت تي هاهاهاههاهاهاهاههاها هلو موسٽ ويلڪم توهان کي چئو ٿا پر ها غلطي گهٽ ڪجو پليز
اسلام عليڪم ڀيڻ ڪرن سڀ کان پهريائين ته اسان ڪنگ آف سنڌ سلامت جا ٿورائتا آهيون مهرباني ڪنگ ادي سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ تي مان اوهان کي انتظاميه طرفان خوش آمديد چوان ٿو ڀيڻ باقي رهي ڳالهه سنڌي سکڻ جي ته ادا رنجيت توهان کي سافٽ ويئر جي لنڪ ڏني آهي ۽ باقي توهان ٿورو لکندو ته توهان جي سنڌي درست ٿئي ويندي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي توهان جس لهڻو ۽ هي گلن جو تحفو قبول ڪجو sindhsalamatsaathsal
ڀلي ڪري آيا سنڌي لکڻ واقعي ڏکيو ڪم آهي پر سکڻ سان هر شئ اچي ويندي آهي مان پاڻ سکان پيو اميد ته اوهان سان سٺو وقت گزرندو اوهان کان گهڻون ڪجه سکڻ لاء ملندو سدائين خوش هجو آباد هجو
ويلڪم ڪرن ڪرن مان به هت توهان وانگر نئون آهيان ۔ هي جيڪو به مون ٽائپ ڪيو آهي هاف ڪلاڪ لگو آهي لکڻ ۾ هي هي هي هي هي هي مزو به آچي ٿو لکن ۾sindhsalamatsaathsal
موسٽ ويلڪم ۔۔۔ پِلَس ڀليڪار۔۔۔ توهان سنڌي لکڻ ۾ غلطيون ڪيون آهن پر ايڏيون به نه۔۔۔۔ انشاءَ الله سکي ويندو۔۔۔ اسان جهانداد سمون جا شڪرگذار آهيون، جيڪي نَون ميمبرن کي هن فورم تي اچڻ جي دعوت ڏين ٿا۔۔۔سندن اهو ڪم تحسين جي لائق آهي۔۔