سنڌي سهرن جي راڻي اميران بيگم ڪينسر آڏو زندگي جي جنگ هارائي وئي
سنڌي سهرن جي راڻي 52 سالن جي اميران بيگم 2 سال بيماري جي بستري تي زندگي جي جنگ وڙهندي گذريل ڏينهن شام جو هن فاني جهان کان لاڏاڻو ڪري وئي، ان ڏس ۾ ميرپور ماٿيلو ويجهو ڳوٺ صاحب لنڊ جي رهواسڻ سنڌ جي لوڪ فنڪار اميران بيگم گذريل ٻن سالن کان ڪينسر جي بيماري سبب بستري تي داخل هئي، سندس جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد کيس يارو لنڊ لڳ اباڻي قبرستان بهار شاهه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو، لوڪ فنڪاره جي وڇوڙي سبب پوري ضلعي ۾ سوڳ ڇانيل آهي، ڪالهه ڪيترائي ڳوٺاڻا ۽ عورتون تڏي تي پهتا، ان سلسلي ۾ اميران بيگم جي پٽ ممتاز علي ٻڌايو ته امڙ گذريل ٻن سالن کان ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا هئي، اسان پلاٽ ۽ گاڏيون وڪڻي ڪراچي جي آغا خان اسپتال کانسواءِ ڪيترين ئي اسپتالن مان علاج ڪرايوسين، لاهور جي شوڪت خانم اسپتال جي ڊاڪٽرن به 2 هفتا اڳ لاعلاج قرار ڏئي ڇڏيو هو، جنهن بعدکيس پنهنجي ڳوٺ کڻي آياسين.
اميران بيگم جو پروفائيل
سنڌي سهرن جي راڻي اميران بيگم 1960ع ۾ گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ يارو لنڊ ۾ الهڏنو مڱڻهار جي گهر ۾ اک کولي، هن ننڍپڻ ۾ والد کان ئي راڳ جي سکيا وٺي 18 سالن جي ڄمار ۾ گيت ڳائڻ شروع ڪيا، اميران بيگم جا هڪ سئو کان وڌيڪ البم رليز ٿيا، جن مان 90 سِهِرن ۽ 10 البم گيتن تي مشتمل هئا، اميران بيگم جي ڳايل ”لونگ ڦوٽا ٿالهي ۾ آئون کنيو پئي اچان“، تنهنجي هٿ ۾ آ فون، هيلو هيلو پيو ڪرين ۽ تازو رليز ٿيل جهڙو گهوٽ سهڻو، تهڙي ڪنوار آهي، تنهنجي واچ تنهنجي منڊي، سهڻا کل ته سهي سِهرن کي عوام وڏي موٽ ڏني، اميران بيگم سنڌي کانسواءِ سرائيڪي ۽ پنجابي ۾ به گيت ڳايا هئا، اميران بيگم پنهنجي آخري البم ۾چپڙي ۽ يڪتارو کڻي ڳايو، جنهن تي کيس ڀرپور داد مليو اميران بيگم پنهنجي پويان 4 پٽ فرمان، آزاد، ممتاز ۽ تصور ۽ 2 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن.
___________
سٽون محترم حميد ڀٽو جي ٿورن سان
__________