ڪتو مالڪ جي خوشيءَ ۾ خوش، غميءَ ۾ ڏکيارو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اسانجا وڏڙا چوندا هيا ته گهوڙي ۽ ڪتي کي جيڪڏهن زبان/ٻولي هجي ها ته هو انسان سان ڳالهائي ها، ڪتي ۽ گهوڙي کي انسان جو وفادار جانور سمجهيو ويندو آهي ۽ ڪتي جي وفا ڏيهان ڏيهه مشهور آهي؛ ڪتي کي عقلمند ۽ سياڻو جانور به سمجهيو ويندو آهي.

    تازو لنڊن يونيورسٽي جي تحقيق مطابق ڪتا انسان جي ڏک واري حالت ۽ خوشيءَ واري حالت کي خوب سمجهندا آهن ۽ جڏهن مالڪ ڏک ۾ هوندو آهي يا روئيندو آهي ته ڪتا به مايوس ۽ ڏکيارا ٿيندا آهن، بلڪ ڪوشش ڪري مالڪ کي ريجهائڻ جي پڻ ڪوشش ڪندا آهن .... روئڻ واري حالت ۾ ڪتا تمام افسرده ٿي ويندا آهن ۽ ڪيترن ڪتن جي ته اکين مان پاڻي وهڻ شروع ٿي ويندو آهي ...

    مونکي ياد آهي ته جڏهن مون هڪ موتي ڪتو پاليو هيو، جڏهن آءُ ڪاوڙبو هيس ته هو لڪي ويندو هو يا ڀڄي وڃي پري کان مونکي رحم وارين نظرن سان ڏسندو هو ۽ آءُ جڏهن پيار جي نظر سان ڏسندو هيم ته اچي منهنجن پيرن تي چميون ڏيندو هو ... صبح جو سوير جڏهن ورزش جو وقت ٿيندو هو ته مونکي هنڌ تان اچي اٿاريندو هو، رلهي ڇڪيندو، چادر پٽيندو يا پيرن تي زبان ڦيرائيندو هو.
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا وفا ڪري ته ڪتو به ڀلو۔ پر جي لا پرواهي تي اچي ته انسان به بي حس!
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    درست آهي سائين

    حرام جانور آهي پر وفاداري ڪوٽ ڪوٽ ڀريل اٿس

    سدائين گڏ
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا نثار ابڙو اسلام عليڪم،ڪتي جي انهن خصلتن جي ڪري ئي ته هن وفادري جو چرچو عام آهي، ڪتي جي انهي وفادري جو مثال اسان جا وڏڙا ايئن ئي ته ڪونه ڏيندا هئا۔ ڪتو حالائنڪ حرام جانور آهي پر هن جو ذڪر قران پاڪ ۾ به ٿيل آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو