جان محمد ”فدا“]4، سيپٽمبر 1885ع – 1921ع[ميان جان محمد ولد ميان فيض محمد تخلص ”فدا“ جو سلسله نسب ڇهين پيڙهيءَ ۾ ميان سرفراز ڪلهوڙي سان ملي ٿو. هو ڳوٺ ٻورڙي تعلقه خيرپور ناٿن ضلع دادو ۾ تولد ٿيو. ابتدائي سنڌي ۽ پارسي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين. 1900ع ۾ شڪارپور سينٽر مان فائينل جو امتحان پاس ڪري لاڙڪاڻي تعلقي ۾ ماستر ٿيو، ڪچي نوڪري سبب اها نوڪري ڇڏي ڪراچي ضلع ۾ ماستري ڪيائين، 1906ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ٽن سالن جو ڪورس ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ماستر ٿي رهيو جتان بدلي ٿي راڌڻ ضلع لاڙڪاڻي (ان وقت) ۾ آيو کيس جوانيءَ ۾ ئي تپِ دق جي بيماري ٿي پئي، 1921ع ۾ وفات ڪيائين، اهو رمضان جو مهينو هو. فدا ڪيتريون زبانون ڄاڻندو هو ۽ کيس مذهبي، علمي ۽ ادبي بحث ڪرڻ جو شوق هوندو هو. فدا صاحب ديوانِ شاعر آهي، نه ته سندس ديوان شايع ٿيل آهي جو معلوم ٿيو آهي ته سندس فرزندن کان هيٺ مٿي ٿي ويو آهي ۽ نه ئي سندس گهڻو ڪلام ڇاپيل آهي، پر جيڪو ڪلام مليو آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو خوش گو غزل چوندڙ هو، هن جي غزل ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن جيڪي سٺي غزل ۾ هئڻ گهرجن. ڪلام جو نمونو (1)جوابِ خط نه لکيو يار شايد،وساريو پنهنجو ان اقرار شايد. ڪيم انکي جو تاڪيدِ ملاقات،انهيءَ تي بدگمان ٿيو يار شايد. هتي اهڙو نه هو اهڙو ستمگر،اتي ٻي طرح ٿيو دلدار شايد. ڪري وعدو اچڻ جو ڪين آيو،اچڻ دلبر کي ٿيو دشوار شايد.نه آ زندان ۾ اڄ سو شور ۽ غل،جهان ڇڏيو سندءِ بيمار شايد. صبح لاڪر ڦري ٿي اک ”فدا“ جي،پري رخسار ايندو يار شايد.-ٿي پرغم نرگسِ بيمار جي اک،ڏٺائين ڪنهن پري رخسار جي اک. کڻي هن طرح وڃ قاصد هي ڪاغذ،پوي ان تي نه ڪنهن اغيار جي اک. محبت جو نه وٺندو مور نالو،ڏٺي جنهن عشق جي آزار جي اک. لڳي دائم رهي ٿي در ۾ تولئه،سندءِ هن زار دل افگار جي اک. ڏٺو پورو ”فدا“ سو ڪين سپنو،کلي وئي طالبِ بيمار جي اک.