• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چلينج (هن سوال جو جواب ضرور ڏيندا)

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
چلينج ( هن سوال جو جواب ضرور ڏيندا۔)

محترم ميمبرس اسان جي هڪ دوست اسان کي هيٺيون سوال ڏنو حل ڪرڻ لاء،اسان ته هن کي پنهنجي حساب سان جواب ڏنو،هاڻي اهو سوال هن اڳڻ تي ونڍ ڪيون ٿا ،ان اميد سان ته هن فورم جا سگهڙ ان کي تمام جلدي حل ڪري وٺندا۔ڏسون ته ڪير ٿو صحيحي جواب ڏئي۔
””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””””



انڌي جي مرغي ،ٻوڙي چوري ڪري پچائي کائي ڇڏي،ان واقعي کي گونگي پنهنجي اکين سان ڏٺو۔ هاڻي ٻڌايو ته ”گونگو“ ”انڌي“ کي ڪيئن ٻڌائيندو ته ”ٻوڙو“ چور آهي؟“
““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““““

شاباس شاباس جلدي جواب موڪليو۔
 
سائين گونگي کي گهرجي ته انڌي جا ڪَن ٻه ٽي ڏينهن بند ڪري ڇڏي، انڌو پاڻ ئي سمجهي ويندو ته ٻوڙو چور آهي، هههههههه
 
سائين ان جو جواب ادا ذيشان رشيد ئي ڏئي سگهي ٿو جيڪو به مون وانگر ٻن ڏينهن کان فورم تان گم آهي۔ شايد مصروف آهي يا ور طبيعت ۾ ڪجهه گڙٻڙ اٿس۔ سندس لاء دعائون
 
ادا سمي صاحب کي ته مليريا ٿي وئي آهي جئين ڪجهه ڏينهن پهريان مونکي به ٿي هئي ۔۔۔۔ الله کيس جلد ٺيڪ ڪندو

سائين ميمڻ صاحب ڳالهه ڳاٽي کو ڄڙهه ڳئي هي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
بظاهر ته سوال ۾ ڪا لاجڪ نه ٿي نظر اچي۔۔۔ ان ڪري جي انڌو ٻوڙو ۽ گونگو ماڻهن جا نالا نه هجن ته منهنجي خيال ۾ جواب اهو ٿيڻ گهرجي۔۔ ته۔۔
گونگو اشاري سان ڪنهن چوٿين ماڻهون کي ٻڌائي جيڪو ڳالهائي انڌي کي ٻڌائي۔۔۔ پر حيرت آهي ته انڌي مرغي پالي ڪيئن۔۔۔؟
 
Back
Top