• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻي جو حق کائڻ

مسجد ۾ ڪنهن مولوي هڪ حديث ٻڌائي ته جيڪو ٻي جو ڪو هڪ حق کايندو انجي 40 ڏينهن تائي عبادت نه ٿيندي مونکي ان وقت خيال آيو ته هي پنجابي ۽ پٺاڻ 1947 کان سنڌ جو پاڻي ۽ پيسو پيا لٽين ته هنن جي ته عبادت به نه ٿيندي هوندي ۽ اسلام جي تبليغ ۽ پرچار ڪرڻ پو انهن ّ کي نه ٿي سونهي ۽ هنن جو هي مسجدون ۽ مدرسا جيڪي هنن کي ان ڪڌي ڪم کان نه ٿا روڪي سگهن ڪم جا نه آهن ٻي جو حق کائڻ 60 سالن کان پيا کائيندا اچن او الله ......او الله هي ڪهڙا مسلمان آهن 80 سيڪڙو ڪمائيدڙ سنڌ کي موٽ ۾ 12 يا 22 سيڪڙو به نه ٿو ملي هي ڪهڙي مسلماني آهي
 
سائين ڳالهه ته توهان جي غور طلب ۽ فڪر ڪرڻ واري آهي، مگر سائين ڌاريا ته ڌاريا آهن انهن مان ڪهڙي اميد رکجي، هت ته پنهنجا به حق کائڻ کان نه ٿا مڙن۔ هت ته اسان جي ماڻهن مٿان مقرر ڪيل وزير مشير به پنهنجا آهن اهي به حق کائڻ کان ڪين ٿا ڪيٻائن، ٻيوته ٺهيو پر غريبن جي زڪوات جي رقم مان به ڪو نه ٿا مڙن۔غريبن جو پيئسو کائي مٿان وري فخر سان چوندا وتندا آهن ته اسان هيترو ڪمايو آهي، ۽ الله جا لک شڪر آهن۔ افسوس۔
 
آ پڻ اها ئي ڳالهه سمجهائيندو آهيان دوستن کي ته دين اسلام ۾ ۾ ٻي جو حق کائڻ سخت گناهه آهي ۔۔۔ اهڙو مسلمان جيڪو ٻي جو حق کائي ٿو اهو نه فقط ٻي مسلمان يا ماڻهون کي نقصان ڏي ٿو بلڪ خود دين اسلام کي به نقصان رسائي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻين مذهبن وارا ماڻهون دين کي گهٽ دين جي پوئلڳن جي حالتن مان اندازو لڳائيندا آهن ته اهو مذهب ڪهڙو هوندو؟

انڪري اهڙو مسلمان جيڪو منهن ۾ ملان ۽ اندر ۾ ابليس هجي ان سان جهاد ڪرڻ فرض ٿئي ٿو ۔۔۔۔ سنڌ سان هن وقت جيڪو به قومون يا ڌريون اسلام جا برقعا پائي نا انصافيون ڪن ٿيون انهن سان جهاد ڪرڻ عين اسلام آهي۔۔۔۔

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ تاريخي فلم ٿي ڏٺم جنهن ۾ برطانيا سان آمريڪي جنگ ڪنٿا، ته برطانوي ڪليسا جا پادري پڻ حب الوطني جي جذبي ۾ ڪليسا جا ڪوٽ لاهي، هٿيار کڻي آمريڪي عيسائن سان وڙهن ٿا ۔۔۔

اوهانجي ڳالهه سئو فيصد صحي آهي، ادي ممتاز جي ڳالهه جيئان ته ڌارين سان گڏ پنهنجا حرامخور به ان ڦرلٽ به برابر جا شريڪ آهن، انڪري انهن سان پڻ جنگ ڪرڻ جڳائي ۔۔۔ پو چاهي اهو مير، پيرهجي يا دين جو برقعو پاتل هجيس۔ دنيا جي قومن ڌارين سان گڏ پنهنجن غدارن کي ماريو آهي، اها ڪا نئين ڳالهه يا انوکي ڳالهه ناهي ۔۔۔

ويٽنام وارن آمريڪا سان ويڙه جي دوران پنهنجن ويٽنامين کي ماريو ۽ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ جي جرم ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙي ڇڏيا هئا، ساڳئي ريت بنگالين پڻ جماعت اسلامي جو ساٿ ڏيندڙ بنگالين کي ڳولهي ڳولهي ماريو هيو، بلڪ تازو هڪ وڏي مذهبي عالم ۽ اسلامي جماعت جي اڳواڻ کي بنگال جي عدالت غداري جو مقدمو هلايو آهي ۔۔۔

انڪري سنڌين کي پڻ پنهنجن غدارن سان گڏ ڌارين سان ويڙهه وڙهي جان ڇڏائڻي پوندي ۔۔۔

لک قرب ادا ۔۔۔
 
Back
Top