پاڻي جي کوٽ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2012۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi

    ميرپور ساڪرو (ن ڪ) مسلسل پاڻي بند هجڻ سبب ميرپور ساڪرو سب ڊويزن ۾ فصل تباهه، ماڻهو ۽ جانور پاڻي لاءِ پريشان، ساڪري شهر ۾ به پاڻي جو ڏڪار، آبادگارن طرفان سڀاڻي کان احتجاج جو اعلان، تفصل موجب ساڪرو برانچ ۾ پاڻي مسلسل بند هجڻ سبب سب ڊويزن ميرپور ساڪرو ۾ نه صرف بيٺل فصل پر موجوده سيزن جو وڏي ۾ وڏو فصل سارين جو لکين ايڪڙن جو ٻيجارو سڙي ناس ٿي ويو آهي، ميرپور ساڪري جي آبادگارن جي وفد مشتاق علي بگهياڙ، اڪبر بگهياڙ، سهراب خان هديو، حاجي عثمان هديو، محمد لائق گبول، غلام حسين گبول، يوسف ڪاتيار، علي محمد لاشاري، نمازي خان لکاڻي، اسماعيل راڄواڻي ۽ ٻين ميرپور ساڪرو پريس ڪلب ۾ صحافين کي ٻڌايو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن جي نااهلي سبب اسان جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن، آبپاشي آفيس ويران آهي، انجنيئر پهرين ئي مقرر ٿيل ناهي، ايس ڊي او هڪ ڏينهن به آفيس نه ٿو اچي، هتي جي آبادگارن کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي، هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل ڪمند، مرچ ۽ ڪيلا تباهه ٿي ويا ۽ هاڻي سارين جو لکين ايڪڙن تي ٻيجارو پاڻي نه اچڻ ڪري سڙي ناس ٿي ويو آهي، ڪو ٻڌڻ وارو ناهي، آبادگارن جو چوڻ هو ته ميرپور ساڪرو جا هزارين زميندار ۽ هاري اڄ کان احتجاج جي شروعات ڪندا ۽ سڀاڻي سومر ڏينهن ڊي سي آفيس ٺٽو اڳيان ڌرڻو هڻندا، واضح رهي ته پاڻي نه اچڻ سبب هڪ طرف علائقي ۾ لکين ايڪڙ فصل سڙي ناس ٿي ويو آهي ته ٻئي طرف انسانن ۽ جانورن جي پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي، ساڪرو برانچ ۾ پاڻي جي نه اچڻ ڪري ميرپور ساڪرو شهر ۾ پاڻي نه آهي، گرمي ۾ شهر ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري شهري بيحال ٿي ويا آهن، مسجدن ۾ وضو ڪرڻ لاءِ به پاڻي ناهي، چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب علائقو تباهي جي ور چڙهيل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو