شڪارپور ۽ امن امان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2012۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    شڪارپور مان اغوا ٿيل 8 ڄڻا ڀنگ خاطر انسانيت جي ويرين وٽ قيد، وارث رياست مان مايوس، راڄوڻي ڪوششون به ناڪام
    شڪارپور( رپورٽ: زاهد نون) شڪارپور ضلعي جي حدن مان اغوا ٿي ويل ٻن ٻالڪن سميت 8 انساني جانيون ڀنگ خاطر انسانيت جي ويرين وٽ قيد، مغوين جا وارث رياست مان مايوس، راڄوڻي ڪوششون جاري، خبرموجب شڪارپور ضلعي جي حدن مان اڍائي مهينن کان مختلف وقتن تي اغوا ٿي ويل ٻن ٻالڪن سميت 8 انساني جانيون ڀنگ خاطر انسا
    نيت جي ويرين وٽ قيد آهن، مغوين جا وارث ڀنگ ڀرڻ جي حيثيت نه هجڻ ڪري ذهني پيڙها واري ڪيفيت مان گذري رهيا آهن، گهوٽڪي جو رهواسي شڪارپور شهر مان اغوا ٿي ويل ٻالڪ اسدالله پهوڙ اڍائي مهينن کان، خانپور لڳ ڳوٺ يونس چنو جو رهواسي نعمت الله ڀيو هڪ مهيني کان، جيڪب آباد ضلعي جي ڳوٺ جونگل جا رهواسي حاجي مقصود پهوڙ ان جو پٽ ٻالڪ معتصم پهوڙ ۽ ڊرائيور رمضان ماڇي 3 هفتن کان، شڪارپور شهر مان اغوا ٿي ويل گوشت وڪرو ڪندڙ پورهيت ياسر شيخ ڏيڍ هفتي کان، لاڙڪاڻي ضلعي جي باڊهه جو رهواسي بهادر کوکر ۽ ان سان گڏ ڳڙهي ياسين شهر جو پورهيت منظور احمد شيخ درگاهه حاجن شاهه جي ميلي تان واپس ويندي 3 ڏينهن کان اغوا ٿيل آهن، شڪارپور شهر مان اغوا ٿي ويل ياسر جو ڪو وارث نه هجڻ سبب سندس مامو خالد انصاري رياست کان وٺي چونڊيل نمائندن ۽ اثر رسوخ رکندڙن وٽ ڀاڻيجي جي باسلامت واپسي واسطي دانهي رهيو آهي، گهوٽڪي جي رهواسي ٻالڪ اسدالله پهوڙ جي وارثن کي ڀنگ واري رقم واپس ملڻ کان پوءِ وڌيڪ مايوسي ڇانئجي وئي آهي. خانپور جي رهواسي نعمت الله جي بازيابي لاءِ سندس وارث الهوسايو، حاجي محمد الرحيم ۽ ٻيا ڳولا ڪندي بيحال ٿي ويا آهن. جڏهن ته جونگل جا رهواسي پهوڙ برادري جا ماڻهو شڪارپور جي سياستدانن سان گڏوگڏ جيڪب آباد جي بااثر ڌرين وٽ به مدد خاطر ڳولهائون ڪري رهيا آهن. جڏهن ته لکي ٿاڻي جي حد حاجن شاهه جي درگاهه تان اغوا ٿي ويل کوکر ۽ شيخ جيڪي پاڻ ۾ سنڍو آهن کي به رياست واپس ورائي نه سگهي آهي. 8 ئي مغوين جي گهرن ۾ سڀ کان وڏو سهارو غيبي مدد ئي بچي آهي، منٺار شيخ ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ منظور ۽ بهادر کوکر حاجن شاهه جي درگاهه تي فيض وٺڻ ويا هئا جتان هو ڌاڙيلن جي ور چڙهي ويا آهن، هن چيو ته لکي، شڪارپور، ڳڙهي ياسين، امروٽ توڙي ڳاهيجا پوليس پنهنجون حدون مڃڻ لاءِ تيار نه آهن جنهن ڪري اڃا تائين ڪيس به داخل نه ڪرائي سگهيو آهيان، شهر مان اغوا ٿيل ياسر جي مامي خالد انصاري ٻڌايو ته ڪو رستو نظر نه ٿو اچي، هڪ ڀاڻيجو گهر جو سنڀاليندڙ اغوا ٿي ويو آهي ٻيو ان جي گهر ۾ سندس ماءُ حال کان بيحال آهي، مغوي ته پنهنجي جاءِ تي پر گهر به روڄ راڙي سان متل رهي ٿو. جونگل جي رهواسي احسان پهوڙ ٻڌايو ته مغوين جي واپسي لاءِ پوليس چڱا مڙس، سردار ۽ وڏيرن تائين هرهنڌ دانهي ٿيا آهيون پر ڪٿان به اڃا تائين ڪو رليف نه مليو آهي، قدرت کان سواءِ ٻيو سهارو نظر نه ٿو اچي. ٻئي طرف اطلاع آهن ته شڪارپور ضلعي جي حدن مان اغوا ٿي ويل مغوي سڀ جو سڀ ٽارگيٽ طور اغوا ٿيڻ کان پوءِ شڪارپور ضلعي کان وٺي بلوچستان جي حدن ۾ پهچايا ويا آهن، اهي به اطلاع آهن ته مغوي کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن گهڻي ڀاڱي ٻين کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري مغوين جي واپسي اڃا تائين ڏکي بڻيل آهي. رابطو ڪرڻ تي شڪارپور پوليس جي ڪنهن به آفيسر ڊي ايس پي لکي غلام شاهه، ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين توڙي ڊي ايس پي خانپور ڪو به موقف ڏيڻ کان لنوائيندي چيو ته اسين جاچ ڪري رهيا آهيون، اڃا تائين مغوين جو باضابطا طور تي نه ڪيس داخل ٿيو آهي پر ان جي باوجود اطلاع ملڻ تي اسين ڪوششون ڪري رهيا آهيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو