سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم خوبصورت شاعري ۽ اها به مرحومه فوزيه سومرو جي آواز ۾ هُجي ، ” تُنهنجو حُڪم اکين تي سُهڻا ، رُس نه مونکان من مهڻا“ اميد ته ٻُڌي توهان جي دل سرهي ٿيندي۔ هن گيت جي ماڊلنگ جو هيرو اسان جي شهر ٽنڊو محمد خان جو هونهار آرٽسٽ محمد جُمن شيخ آهي، محمد جُمن شيخ جي باري ۾ ٻُڌائيندو هلان ته پاڻ وڊيو ايڊيٽنگ جا ايڪسپرٽ آهن، مون جُمن شيخ صاحب جن کي سنڌ سلامت جي ميمبر شپ حاصل ڪرڻ لاٌءِ راضي ڪري ورتو آهي۔ پاڻ اهو به وعدو ڪيو اٿن ته پاڻ پنهنجي سنڌ سلامت فورم لاءِ خالص وڊيو، جنهن ۾ ادبي سرگرمين جا اکين ڏٺا احوال، گيت، مهان سنڌي شخصيتن سان انٽرويوز وغيره ي سلسلي جي سڀني پروگرامن جي وڊيو ايڊيٽنگ فري ۾ ڪري ڏيندا۔ خير في الحال هي سنڌي خوبصورت گيت توهان سڀني سنڌي دوستن جي نظر آهي http://www.youtube.com/watch?v=dlHTMRkNfrc
مهرباني ادا وحيد۔ جو توهان کي هي گيت سُٺو لڳو ان کان علاوه توهان کي اها به مُبارڪ هُجي ڪالهوڪي ڏينهن سنڌ سلامت تي ميمبر وزيٽرن جو تعداد هيل تائين سڀ کان زياده هو۔ اهو سڀ ادا عبدالرشيد سمون جي بهترين قيادت جي بدولت آهي ، ان کان علاوه ، ادا نثار ابڙو، ادا علي علي، ادا ابو زين، ادا عباس مگسي، ادا ابو واصف، ادا رنجيت، ادا عبدالوهاب قمبراڻي، ادا وحيد ڦلپوٽا توهان، ادا ٻروچ، ادا جهانداد سمون، ادا عامر ضيا چارڻ، ادو عظيم ، ادو زاهد سومرو، نئون ادو ادا محمد مگسي، اسان کي وساريندڙ ڀيڻ ادي ساره ، ادو احسان جانوري ، حڪيم محمد يوسف کتري، ادو صارِم ۽ اُنهن دوستن کان علاوه ڪافي سارا سنڌ سلامت جا محترم ميمبر صاحبان جن تمام گهڻي محنت ۽ جدو جهد سان سنڌ سلامت جو فورم ساري دنيا جي سنڌين جي سامهون پيش ڪيو، ۽ سنڌ سلامت کي پنهنجي اڻٿڪ محنتن وسيلي ساري دنيا جي وڏي ۾ وڏي سنڌي فورم جي حيثيت جوحامل ڪري ڏيکاريو۔ سڀني سنڌ سلامت ميمبرن جي محنت تي مُنهنجي پاران سڪ ڀريو سلام آهي، شال سڀئي آباد هُجن مُنهنجا سڀئي سنڌي سڀئي سنڌ سلامت جا ميمبر۔ مهرباني ادا وحيد ڦلپوٽا