غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
سڀني کان وڌيڪ خوبصورت ۔
عباسي خليفه هارون رشِد هڪ دفعو پنهنجي هڪ نيگرو (ڪاري) خادمه (نوڪرياڻي) کي گهرائي هڪ سوني جي اشرفي ڏيندي حڪم ڪيو ته اسان جي سلطنت ۾ جيڪو ٻار سڀني کان وڌيڪ خوبصورت هجئي ان کي اهئا اشرفي ڏئي اچ۔
خادمه اشرفي کڻي ويئي ،ڪجه دير بعد موٽي آئي۔
هارون رشِد ڪاوڙ مان ان نوڪرياڻي کي چيو ”اسان توکي چيئو هو ته سڄي سلطنت ۾ جيڪو خوبصورت ٻار هجي ان کي اشرفي ڏجان،تون ايترو جلدي موٽي آئي آهين،ڇا منهنجي حڪم جي تعميل نه ڪئي اٿئي؟
خادمه سر جهڪائي ادب سان چيو ”حضورواله توهانجي حڪم جي تعميل ڪري ڇڏي آهي“
” توء اشرفي ڪنهن کي ڏني؟“ خليفي هارون رشيد حيرت مان پڇو۔
” پنهنجي پٽ کي حضور“ خادمه ادب سان جواب ڏنو۔
خليفه هارون رشيد حيرت مان پڇوء ”اسان تنهنجو پٽ ڏٺو آهي۔هن جو ڪلر ڪارو،وڏو نڪ،ننڍا ننڍا ڪن ۽ وڏا وڏا ڏند اٿس،هو ته عام ٻارن جهڙو به نه آهي،تو ڪيئن هن کي سهڻو ڄاڻائي،انعام ڏنو حقيقت ۾ هو ته انعام جي حقدار به نه آهي۔“
خادمه جواب ڏنو،”حضور واله توهانجي نظر ۾ شايد منهنجو پٽ بدصورت هجئي مگرمنهنجي لاء هو دنيا جو سڀني کان وڏيڪ خوبصورت ٻار آهي،ڇو ته هڪ ماء جي لاء هن جو اولاد دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ خوب صورت هوندو آهي“
خليفو هارون رشيد خادمه جي اها ڳاله ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خادمه کي تمام گهڻن انعامات سان نوازين۔
محترم ميمبرس اولاد شڪلن ڪهڙو به هجئي پر پنهنجي والدين جي لاء هن کان وڌيڪ سهڻو ٻار ڪير به نه هوندو آهي۔ڇا خيال آهي اوهان سڀني جو ان باري ۾ ؟ ۔جواب جو شدت سان انتظاررهندو۔