علي رضا جوکيو
سينيئر رڪن
بابو جوکئي جي شاعري
الله الله ڪــــريــــــــــــان الله مــــنهنجــــــو تــــــوهـــــار ،
ساراهه ڪريان سيد جي ٻيو صاحـــــب رب ستـــــار ،
پير ته اسان جو بادشاهه جنهن جو باري کڻي ٿو بار،
قـــــــادر جــــــي قــــــدرت جـــــو مون پـــتو نه آهــي پار،
ته ماڻهو سڪن تا مينهن لاءِ سو ڏيندو پاڻ پالڻهار ،
اوهــــين هــــٿ کـــــڻي هيڪــــاندا مڙيئــــي مال دار ،
اڄ ستـــــايو آ صـــاحــــب کـــــي بـــــابــــــو بيشمـــــــــار ،
ته ڪالهه نکتو آهي ڪڇ کان سائين ڪري سٽ ڪار ،
ٿڏو ڪــــيائين ٿر کي ڪيائين عـــمر ڪـــــوٽ تي آر ،
شام جو آيـــو شادي پلي تي ڪيائين کائي تي کار ،
فــــيرو ڏئــــي فلالـــين تان وٺو خــــاص ميـــرپــــــــور ،
رکيائين رٿ رتنا آباد تي لڌائين سلطان آباد جي سار
ڪــــــيائين منهن مســــڻ تي ٻــــي گــــلو واري گـــار ،
شـــم شــــم ڪـــري شـــــادين تـــــان وٺـــــو جــــــــــــروار ،
آر ڪيائين اوٺاونگي تي ڪيائين چبڙن کي چڪار ،
کاشو وٺو خواجه اسٽاپ تان ڪيائين ڪاماري مٿا ڪار ،
ٽــــاڪـــــوڙيــــا ڪــــــــــــــري ٽــنـڊي الهيار تي وٺو نصرپور ،
ٽنــــڊو ڄــــــام وٺـــــــــــو وري ڪــــــيـــــائــــــين وسي تـــــا ور ،
ٿيو هُل حـــــــيدر آباد ۾ گوڙ ڪيائين گـــــــــدو بندر ،
ڪــــــــڪر ڪڍيائين ڪــــوٽيرڙي تان وٺو خان پور ،
ٻهاريون بوتي تان وڃي نکتو ٻـــــــــولاڙي کان ٻار ،
لاڙو ڪري لطيف چانگ تي ڪــيائين اوگر تي آر ،
سڙڪو ڪري سائٽ موري ڪيائين جهرڪن جور ،
سوســٽ ڪري ســـــافــــــا مــــــــــوري وٺـــــــو ڊبـــــيار ،
وريو ڀاڳ ڀواني وارن جو لڌائين سوڍن جي سار ،
چاهه رکيائين چڙائي تي ڪيائين چلئين کي به ڇڪار ،
آر ڪيائين اوتراڻ تي ڏنائين ميٽنگ کي مار ،
جونس ڪيائين جانا آباد تي وٺو جم پير ،
جنگ شاهي جٿي ڀاڳين جي ڍائي آهي .ملان ڍورو مشهور ،
اجهي آيو آڄري تا وٺو ڀوڀر ،
بهاريون ڪري بولاخان تا نکتا ڪلي مٿا ڪڪر ،
ڀلايون ڪري ڀاڏ وارن سان اڳيان آهي مال ماڙي ،
ڍريو اچي ڍوري ڳوٺ تان ڏنا ئين ڄاميچي کي ڄر ،
صبح مان آيو سُڪڻ تا وٺو آبدار ،
پالٽيون ڪري پٽيل تان ورتائين ڪاري جبل جي ڪر ،
ٿيو هُل هٻڪاڻ ۾ وٺو زيرو پيٽ زور ،
ڪاهه ڪيائين ڪنڍ تي سري نه تنهن سار ،
ور ڪري وڄو لڪ تان ڪيائين اُٺ پلاڻ تي ڪار ،
کرون ڪري کديچي تان ڏنائين مول تان به مار ،
پوءِ لهي پيو لوهي تان اچي نکتو بال کان ٻار،
اچي ڪڙڪو ڪيائين ڪاٺوڙ تي ڏنائين لگيچي تان لهر ،
جس هجي جوکيا تون کي ڀلي سڄو ملڪ سار ،
بورنگ تان بابو چئي رکيائين للي پڙ تي لهر ،
راڌي ڳوٺ وارا راضي ٿيا نکتا ڪُرڪٽي تا ڪڪر ،
کڙي آيو گڌاپ تان ڪئي وڏفڙي وارو وار ،
ڏسو پلٽيون پاڻين وٺو ڏئي وچوڙ تا ور ،
ڪاهه ڪيائين ڪونڪر تي وٺو ناراٿر ،
پالٽيون تنهن جون وڄي نکتيون پير ڳوٺ تان ،
عالم سڀ آسودو ڪيو پاڻ پاڪ پيغمبر ،
مول جي مٿا آيو ڪاڇيلن جي ڪوڪر ،
ڇورا ٻُرا خوش ٿيا ڪي سوري گانٽي سکر ،
گنج ڏنائين گوگهي واري ڳوٺ تا ٻيا ٻشواڻي فقير ،
الله رکياڻين به آسودا ٿيا ڀلي گوڙيون ڪن گوندر ،
ادا ڊيم کي وڏو آهي جيڪي هڏي واري گار ،
گڏي لٿو گنداڪي ڪني مٿا ڪار ،
ڪاهه ڪيائين ڪرمتياڻي تي سائين ڪري سٽ ڪار ،
فٽل کي فاڙي وڌائين ٿيو وڃي حب کان به هن پار ،
جــــــوش ڪــــيـــائــــين جــــنئـــي تــــي اڳــــيان هـــوٽل ڊگــــــــــار ،
جلاباڻي جماڻي اڳاراڻي ڪونه ڪندا موکي وارا به مـــــــعيار ،
حاڪو ڳوٺ تان هڪل ڪري ٽڪري ڳوٺ تان ٻنديون ٽوڙي ،
وڄـــــي ڪــــيـــائـــيــــن تــــائـــــي ســــــر کـــــي به تــار ،
پالٽيون ڪري پيرواڻي ڪيائين منهن منڊي پار ،
لاڙو ڪــــــيـــــــــائين لڪ تي سائي ڪيائين سنگر ،
پپوڻين تو ۾ آيو پائي تڏهن کوئين ٿا کــــوهــــور ،
ســــــائـــــو مــــــلـــــڪ سســـئـــي جو ڪيو پاڻ پرور ،
ڪـــــيــــائين منهن مبارک تي وٺي ڀٽن سندي ڀر ،
آر ڪـــــــــــــري اوٿل تي ڏنائين لس ٻيلي تان لهر ،
وڏ ڦـــــڙو ٿـــــو واڪـــــــــــا ڪري وري وريو وندر ،
اوڇل ڪري آدم کنڊ تان ڪيائين منهن ماڙيپور ،
لـــٿو وڃـــــــــــي ليمارڪيٽ تي سگهو پهتو صدر ،
گـــوڙ ڪــــري گـــــذري وٺــــــو حـــــوا بــنـــــــــــــــــــدر ،
ٿيو هُل حيدري ۾ ڏنائين لانڍهي کي للڪار ،
بيس ڪالوني تان بابو چئي ڪيائين چوڪنڊي چڪار ،
راضي رزاق آباد تي سائين رب ستار ،
پالٽيون ڪري پير ڳوٺ تان وٺو فلٽر ،
درساڻو ڇنو ڪونه ڇڏيائين ٻنو وهي نيهه ملير ،
موٽي آيو ميندياري تي ڪوٽيرڙي تي ڪڪر ،
پلٽي پيو پپري تان جام ويو جر ،
ٻوڏ ڪري کٽياڻين تان ناٿي وارو ترا ڀر ،
پالٽيون ڪري پيروز تي وٺو باشار ،
هلي آيو هالاڻين پوٺ تي طوطا وارو ترا ڪجا تار ،
ڏٻوڙيا ڪري داٻيچي ڪج وٽيچي تي ور ،
لاڙو ڪيائين لوڻ کاڻ تي سائو ڪيائين ڀنڀور ،
رن پٽياڻِي وارا راضي ٿيا ورتائين ڀٽون کاڌي ڀر ،
ڀري گهٽيون گهاري جون لڌائين ساڪري جي سار ............
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
بابو جوکئي جي شاعري
چونڊ علي رضا جوکيو
ڪمپوزنگ
تاج ڪمپيوٽرانسٽيوٽ
بنديچه اسٽاپ گڏاپ ڪراچي سنڌ