آسوچ پر سماجيعلي رضا جوکيو سماجي سوچ کڻي سماجي ماڻهن سان اچي ويجهو ٿيس ته ڇو نه خلق خدمت ڪجي.ائين ئي سماجي دوستن سان دوستي رکي ، ڪنهن سماجي تنظيم ۾ ميمبر شپ وٺي ڪم ڪرڻ شروع ڪيم پر جڏهن سماجي تنظيم ۾ آئيس ته سماجي تنظيم جو ڪوبه حال نه هو رڳو ڳالهين تائين محدودهئي .واسطا ته وڏا هئا ڳالهيون ته وڏيون هيون پر عملي ڪم ڪوبه نه ائين ئي وقت کي ڌڪو ڏيندا رهياسين وقت جو زيان ڪندا رهياسين ڪڏهن ڪڏهن بي خبر ماڻهن بلجي اچي ڪنهن مکيا حضرات کي وٺي اچي اوسندا هئا .انهن کي ائين ڪائيل ڪندا هئا ڄڻ ته جڳ کٽي ويٺا آيو .پوءِ وري ڪو اين جي او يا ڪو ادارو اچي اوراهه ٿيو.ته ان کي اهڙي پٽي پڙهايائوس جو هو به اسان لاءِ اسان سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو انهن ڪجهه ڏينهن جي ڪراچي جهڙي شهر ۾ سٺي ڪنهن فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ٽرننگ رکائي ياورڪشاپ رکرايو وري ڪاٽن جا پراڻا بنا ڪلف جا ڪپڙا وجهي وڃي شامل تياسين ۽ٻه ٽي ڏينهن جا مزا ماڻي ماڳ موٽي اچي ادارن کان مليل ڪاغذ ۽ اسپيشل ٿيلا گهر رکي وري ڪوڙ جي پٺيان ڪاهي پئجي وياسين اهڙا سلسلا هلندا رهيان ۽ انهن ادارن جي طرف کان مليل رقم ته هڪ ننڊڙو پروگرام ڪرائي جنهن ۾ دوست ۽ مائٽ گهرائي فوٽو ڪڍي اداري کي ڪوڙي رپوٽ ٺاهي موڪلي ڇڏي اداري جي طرف کان واهه واهه ٿي وئي وري پروگرام ۾ انهن ماڻهن کي سائين بنايو ويو جنهن جي سوچ لوڇ .همدردي .هيڻت .سماجي سوچ جي نه آ هو ته سياست چمڪائڻ جي لاءِ جريدي ميڙ ۾ اچي پنهنجا ڪيل ڪوڙ تي ڪارناما ڏيکاري وِيٺا . اتي ته تاڙين انهن جو اڌر ڀائو ڪيو ..تاڙين جي شروعات ئي سماجي تنظيم جي عالي قيادت ڪئي ان کي ڏسي ريفرشمٽ جي آسري تي آئيل پٿر جي ماڻهن به ڪئي انهن کي اها ڪل ئي نه هئي.هي سياسي ماڻهن هي سماجي ماڻهن اسان جي نالي تي اسان جي ريتن رسمن جي نالي تي اسان کي ئي انڌا لولا لڳڙا لکائي هي تاڙيون وري اسان کان پيا وڄائين . اها انهن کي ته سوڌهه به نه آ ته هي جيڪي لکن جون رقمون اچن پيو اهو اسان کي استحمال ڪري حاصل ڪيو پيو وڃن .وري ڪڏهن ڪڏهن حق ءِ سچ تي سوچن جو جنون تاري ٿي ويندو هو . ته انهن سان وڏي وات ويهي ڳالهيندو هوس پوءِ هو آهستي آهستي مون کان لارائندا رهيا .ڪوبه ڪم هوندو ان کي اڌ ڪلاڪ جو ڪم ان کي ڪئين ڏينهن لڳي ويندا هئا .سماجي سوچ جي رکو ٿا ته ٿورو احساس به پيدا ڪريو ڪوبه ماڻهن ڪوهه ميل پنڌ ڪري پري کان پنڌ پئي ته سڄڻو هي ڪم آ هن ڪم لاءِ آيوآهي .پوءِ مزي جهڙي ڳالهه اها ته ان کي چوندا ته بس هئير صاحب نه آ هئير تون وڃ سڀاڻي اچج ڪري ڏينداسين ۽ هو خبر نه ته هن جيڪي پنهنجن ٻچن جي اٽي ۽ لٽي جا پيسه رکيا ان مان ڪو ڀاڙو بتو ڪري اچي اوهان وٽ حاضر ٿيو آ ان جو ڪم اوهان جي وس ۾ نه آ ته ڇو پيا انهن کي خوبصورت خواب ڏيکاريون ڪوڙ اوهان جو اوهان وٽ رکو ان غريب اوهان جو ڇا وڃايو ان جو ڪهڙو قصور آ ان جو اهو قصور آ ته ان اوهان تي اعتبار ڪيو ان اوهان وٽ اميد رکي .پوءِ چڪرن جي مٿا چڪر ڪٽرائي ڪٽرائي پو۽ هڪ ٻه مهينا ان جو رکيل گهر ۾ نياڻي جي شادي جو ٿورو گهڻو اهو به اتي ختم ٿي ويو پوءِ آخر ۾ ان کي ٻڌايو ويندو ته اسان جي وس ۾ نه آ هي اسان جو ميٽر نه آ اسان وٽ هيئر اهڙو ڪو پلان نه آ جڏهن ڪو آيو ته تون کي ضرور ياد ڪبو سچي ڳالهه لکڻ سان ڪيترن جون دليون آزارجنديون پر هي حقيقت آ جيڪي لوڪ ۾ لڪا ٿي رهيو آ اهو صرف و صرف ڏيکائون آ ان تي جيڪي به پرکڻ گهرن ته هو پرکي سگهن ٿا .سماجي سوچ رڳو ڏوڪڙن جي پٺيان نه هوندي آ .سو ڏنا هزار ڪمايا مون کي ان وقت ڪراچي جي ٻهراڙِي ۾ جيڪي پوک پوکجي رهي آ ان جو ڪنهن کي سُڌ آ .آ بلڪل آ باخبر ڪير به نه دنيا ترڪي ڪئي آ هر ماڻهن هوشيار آ ته پنج سال يا ڏهه سال کان پٽيان اسان جي ٻهراڙي جو جيڪو حال ٿيندو خاص ڪري ڳوٺن جو اهو ڪريم ئي ڪرم ڪري سڀئي زمينون هٿردون غيرن ،ڪامورن فوجين جنرلن ڪنرلن کي اسان جا هڏ ڏوڪي ليٽر ڏئي رهيان آهن تازوئي صدر پاڪستان فوجين کي انحام ۾ سپر هائي وي تي ڏئڻ جو اعلان ڪيو ڇا اهڙي زمين پنجاب ۾ نه هئي ۽ ڪيترن ڳوٺن جون زمينون ايجوڪيشن سٽي کي ڏئي ڳوٺ خالي ڪرائڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا .ان وقت ٻاويهه هزار ايڪڙ زمين اسان جي ٻهراڙي جي وڃي رهي آهي اها زمين گڏاپ ٽائون ضلعي ملير کان شروع تيندي جيڪا ڄام شوري تي وڃي لڳندي .پر هتي ته سماجي تنظيمون ته ڪٿي آهن هو ته آڳوند ننڊ ۾ آهن انهن کي هيڏا ڪيس ڏسڻ ۾ ڪونه پيا آچن .هو ته ورڪشاپن سيمنارن اسٽيج جي مٿا ته وڏا ڍاڻ ٿا لڳن .پر اهو نه آ هو صرف پرجيڪٽ جي چڪرن ۾ انهن مارون ماڻهن جي نالن تي اچي اچي وارو نعارو هڻي ويٺا آهن .سماجي تنظيم ۾ رهي ڪري مزي جهڙي ڳالهه اهان نظر ائي ته ڪنهن به سماجي تنظيم ۾ تنظيم جي باڊي هوندي ۽ انهن جا ميمبر هوندا ۽ ان کان سواءِ .ايگزيڪٽ باڊي هوندي آهي ليڪن اهي باڊيون صرف و صرف نالي ماتر هوندويون آهن .انهن جو ڪم صرف ڪاغذن جا پيٽ ڀرڻ تائين هونديون آهن ۽ اصل ڪم ته تنظيم ۾ ٻن يا ٽن ماڻهن جو سڄو ڪردار هوندو آهي اهو ئي ٻه ٽي ماڻهو سماجي ٽيڪيدار هوندا آهن انهن ۾ ڪن ماڻهن جو شوق هوندو آ ڪن ماڻهن جي وندر ڪن ماڻهن جو ذريعو ڪيسا ڀرڻ جو هوندو آ ۽ اهو ئي سڄي تنظيم هوندا آهن .جيڪي ڪاغذن جا پيٽ ڀري پيا لوڪ ۾ وڏا واڪا ڪندا آهن .پر ڪجهه ماڻهو انهن جي ڀر ۾ حق کي سچ ،سچ کي حق جي تلاش ۾ انهن جي ڀر ۾ هوندا آهن. پر اهڙن ماڻهن کي اتي راهيون ڪونه ويندو آ .هو ته ماٺ مان مٺون ڀري ڏسندا رهندا آهن.جنهن ڪوڇان ته ڪافر ٿيا .ائين ئي سلسلا پنهنجي موٺي ۾ ڪري پيا اڇي تي ڪارو ڪندا رهندا آهن .
يار سڀ ڳالهيون آهن، اهن تنظيمن ۾ ڪجهه سٺا ۽ ڪم ڪرڻ وارا ماڻهو به اهڙي روين هٿان تبديل ٿي پاڻ به ان رنگ ۾ رلجي ويندا آهن يا خاموش ٿي پيا وقت گذاريندا آهن۔ سوچيان پيو ته ڪڏهن تبديلي ايندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ ڪڏهن بهار ايندو۔
علي رضا جون سڀ ڳالهيون سچيون ۽ کريون اصل ڏنگيندڙ آهن، تمام سادڙي ٻولي ۾ علي رضا جو هي ليک انهن سماج سڌار وڪائو تنظيمن جي منهن تي چماٽ آهي۔ پر ڀا سليمان سچ چيو ته انهن تنظيمن ۾ گهڻا ئي سٺا ڪم ڪرڻ وارا اهڙين روين سبب گهر ڀيڙا ٿي ويا، انهن زبان کي تالو لڳائي ان ئي ڌپاري معاشري جوحصو بڻجي ڪنڊ ۾ خاموش ويهي رهڻ کي بهتر سمجهيو، پر اها به ڏاهپ ۽ دليرپ نه چئبي، خاموش ٿي ويهڻ به هڪ ظلم آهي۔ جاکوڙ ڪندو رهجي ضرور محبتي ماڻهو ان سان گڏبا ۽ تبديلي ايندي ضرور ايندي۔