بحريه ٽائون شپ ۽ ذوالفقار آباد: ڪڙيون ملن ٿيون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2012۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    بحريه ٽائون شپ ۽ ذوالفقار آباد: ڪڙيون ملن ٿيون
    بئريسٽر ضمير گهمرو
    [​IMG]70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪي کانپوءِ جڏهن دنيا ۾ هائوسنگ اسڪيمون توڙي وڏا تعميراتي پراجيڪٽ منافع بخش ڪاروبار ٿي اٿيا ته هتي به جنرل ضياءَ 1981ع ۾ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي آرڊر پاس ڪيو، جنهن کي 1985ع جي اٺين ترميم ۾ تحفظ ڏنو ويو. شروعاتي طور تي اهڙيون اسڪيمون فوجي آفيسرن جي رهائش جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٺاهيون ويون، جنهن مقصد لاءِ سستي اگهه تي سرڪاري زمينون صوبائي حڪومتن کان آئين جي آرٽيڪل 152 هيٺ ورتيون ويون پر ڏسندي ئي ڏسندي اهي منافع بخش ڪاروبار ۾ تبديل ٿي ويون. خاص طور لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد جهڙن وڏن شهرن ۾ انهن کي سرڪاري سطح تي سرڪاري آفيسرن جي رهائش جي ضرورتن لاءِ گهٽ پر تجارتي مقصدن لاءِ وڌيڪ استعمال ٿيڻ ڏنو. آهستي آهستي خانگي ماڻهن ۽ ڪمپنين، بلڊرز کي قانون جي اورانگهه ڪندي پڳڙن مٺ تي سرڪاري زمينون ڏئي اربين روپين جا پلازا ٺاهيا ويا. ٻنهي معاملن ۾آئين توڙي قانون کي بري طريقي سان اورانگهيو ويو، تان جو وڏن شهرن ۾ ملڪيت جا اگهه چوٽ چڙهي ويا. نتيجي طور اسٽيٽ ايجنٽ وڃي نه رڳو اسيمبلين ۾ پهتا پر وزير ڪبير به ٿي ويا. کربين روپين جي هن ڪاروبار پارليامينٽ توڙي اسيمبليءَ جي ميمبرن، سرڪاري آفيسرن توڙي عدليه ۾ پنهنجا چارا ٺاهيا ڇڏيا ۽ وڏي پيماني تي پئسو هلائي سياست کي تجارت ۽ ذاتي مفادن جي هنج ۾ سمهاري ڇڏيو.
    آئين جي آرٽيڪل 152 ۾ لکيل آهي ته، صوبائي سرڪار وفاقي سرڪار کي پنهنجي زمين صرف ۽ صرف سرڪاري مفادن ۾ ڪتب آڻڻ لاءِ ڏئي سگهي ٿي. سنڌ سرڪار جي ڪالونائيزيشن ايڪٽ 1912 ۾ لکيل آهي ته، جيڪڏهن زمين وٺڻ کانپوءِ ان مقصد لاءِ ان کي استعمال نه پيو ڪيو وڃي ته زمين جي ليز خود بخود ختم ٿي ويندي ۽ اها زمين سنڌ سرڪار جي ملڪيت سمجهي ويندي. آئين جي آرٽيڪل 152 جي سنگين خلاف ورزي ڪندي سنڌ سرڪار لکين ايڪڙ زمين تجارتي هائوسنگ اسڪيمن، شڪار گاهن، بندرگاهن، اسٽيل مل، نام نهاد هوائي بجلي پيدا ڪندڙ ملن ۽ هاڻي وري ٽي لک ايڪڙ زمين ذوالفقار آباد حوالي ڪري رهيا آهن.
    عسڪري هائوسنگ اسڪيمن جي تجارتي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ، جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي آهي، کان پوءِ پئسي وارا ماڻهو ان ڌنڌي ۾ لڳي ويا. اهڙو هنر حاصل ڪرڻ لاءِ هنن رٽائرڊ جنرلن ۽ فوجي آفيسرن جون خدمتون حاصل ڪيون، جنهن جو تازو مثال اسلام آباد جي بحريه ٽائون شپ آهي، جنهن جو مالڪ ملڪ رياض نالي هڪ شخص آهي، جنهن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ ورلي ڪو اهڙو سياستدان هوندو، جنهن کي هن خريد نه ڪيو هجي. نواز شريف هجي يا عمران خان، پ پ جو شريڪ چيئرمين يا عسڪري عهديدار، ضرورت وقت کين هو ئي ڪم اچي ٿو. ڪوئيٽا ۾ عمران خان جو جلسو هجي، ته به جهاز هن جو استعمال ٿئي ٿو. نواز شريف فيملي سان هن جي ڪاروباري شراڪت آهي ۽ صدر جي حڪم تي هن صومالي قزاقن کان پاڪستاني مغوي ڇڏائڻ لاءِ تيرهن ڪروڙ رپيا ادا ڪيا. اهڙي طرح هو سياسي پارٽين جي جلسن کي به فنڊ ڪري ٿو ۽ اسلام آباد جو ڊان ليکيو وڃي ٿو. ڊي ايڇ اي اسلام آباد مان هن بحريه ٽائون شپ لاءِ هڪ ئي ڌڪ ۾ 62 ارب رپيا منتقل ڪرايا، جيڪي عام ماڻهن جا پئسا آهن، جن کي اڃا پلاٽ ئي نه مليا آهن. ارسلان افتخار جي اسٽوري خير بريڪ ٿي پر جيڪي خبرون بريڪ نه ٿيون هونديون، اهي به ڪيتريون وڏيون ۽ سنسني خيز هونديون، ان جو اندازو ڪرڻ مشڪل ٿيو پوي.
    بحريه ٽائون شپ ۽ اسلام آباد ۽ ٻين رهاشي اسڪيمن مان کربين ارب ڪمائڻ کان پوءِ پنهنجا ذاتي جهاز خريد ڪرڻ، دنيا جي وڏن ۽ شاهوڪار ملڪن ۾ ولاز خريد ڪرڻ بعد ملڪ رياض موجوده حڪمرانن جو آئيڊيل بڻجي ويو. شايد هنن ڏٺو ته راجا رياض اهڙي ڪاروبار مان ڪٿي کان وڃي ڪٿي پهتو آهي، ڇو نه هو به اهڙي پرواز ڪن. اهڙي سوچ سندن ذهن ۾ گهر ڪري وئي ۽ آخر هنن سوچيو ته ٺٽي ضلعي جي ٽي لک ايڪڙ زمين تي ذوالفقار آباد نالي سان بحريه ٽائون شپ کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ وڏو شهر اڏيو وڃي. انهن نه ڪئي هم، نه تم، سنڌ اسيمبليءَ ذوالفقار آباد ايڪٽ ائين ئي پاس ڪيو جيئن 1981ع ۾ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي آرڊر پاس ڪري فوج کي پهريون دفعو تجارتي سرگرمين ۾ شامل ڪيو ويو هو. ذوالفقار آباد ايڪٽ هيٺ ذوالفقار آباد اٿارٽي ٺاهي وئي ۽ بحريه ٽائون شپ جي ڪاپي ڪندي ان جو سربراهه هڪ رٽائرڊ جنرل کي مقرر ڪيو ويو، جنهن اچڻ سان سنڌ سرڪار کي ليکي ۾ نه آڻيندي نه رڳو پنهنجا من پسند ماڻهو ڀرتي ڪيا پر بحريه ٽائون شپ وانگر هن اداري تي به ڪو اعتراض ڪري ته سسئي پليجو وانگر گهر ويٺو هجي، ڇو ته هن اسڪيم جو نصب العين به بحريه ٽائون شپ وارو آهي ته سستي اگهه تي زمين خريد ڪري اها وري هڪ ڪمپني کي في ايڪڙ گهٽ ۾گهٽ ٽي لک ايڪڙ جي حساب سان وڪرو ڪئي وڃي.
    ان ئي مقصد لاءِ بورڊ آف روينيو سنڌ جي اڳوڻي سينئر ميمبر غلام علي پاشا هڪ ئي ڌڪ سان ٺٽي ضلعي ۾ اتان جي ماڻهن جي 80 هزار ايڪڙ زمين کاتن هوندي رد ڪري ڇڏي. جڏهن شهيد بشير قريشي ان عمل جي مزاحمت ڪئي ۽ معاملو اسان ڪورٽن تائين کڻي وياسين ته آخر سنڌ سرڪار مجبور ٿي غلام علي پاشا جي اهڙي غير قانوني حڪم کي رد ڪري حقدارن جا کاتا بحال ڪري ڇڏيا. برصغير جي تاريخ ۾ روينيو کاتي ۾ اهڙي ڪارروائي، جنهن ۾ زمين جي مالڪن جا هڪ ئي ڏينهن ۾ 80 هزار ايڪڙن جا کاتا رد ڪيا وڃن، اڃا تائين اسان نه ٻڌي آهي. اهو ته رڳو زرعي سڌارن ۾ جاگيردارن کان زمينون واپس وٺڻ وقت ئي ٿي سگهي ٿو. هارين ۽ آبادگارن کان ايڏي وڏي پيماني تي زمين کسڻ جي ڪارروائي نرالي آهي ۽ اهڙو مثال ته ملي ئي نه ٿو.
    ذوالفقار آباد رٿا جو مقصد ڇا آهي؟
    سياسي مقصدن کان هٽي ڪري ذوالفقار آباد جو مقصد بحريه ٽائون شپ وانگر وڏي پيماني تي تجارتي آهي. اختيار هٿ ۾ هجي ته سستي زمين کي ترقي ڏياري اتي نئين شهر اڏڻ جو چوٻول ڪري، ان زمين کي کربين رپين جي وڪري لائق بڻائڻو آهي، جيئن ڊي ايڇ اي جي اسڪيمن ۾ ٿيندو آهي. زمين سرڪار کان سرڪاري مقصد لاءِ وٺي اتي پاڻي گئس، روڊ وغيره پهچائي ان جو هڪ هڪ هزار والن جو پلاٽ ڪروڙ رپين ۾ وڪڻڻو آهي. هاڻي ٽي لک ايڪڙ زمين پهرين ته ٽي لک روپيا في ايڪڙ جي حساب سان ذوالفقار آباد لاءِ ٺهيل لينڊ ڪميٽي خريد ڪندي. ٽي لک ايڪڙ جي حساب سان ٽي لک ايڪڙ زمين نوي ارب روپين جي ٿيندي ۽ پوءِ جڏهن ان کي وڪرو ڪيو ويندو ته ان جي قيمت هزارين اربن ۾ پهچندي ۽ پوءِ راجا رياض وانگر هڪ ئي ڏينهن ۾ 62 ارب رپيا نه پر هزارين ارب روپيا ۽ ان کان به وڌيڪ رقم مالڪن جي اڪائونٽن ۾ منتقل ٿيندي. ان کان پوءِ ان ۾ ٺهندڙ پلازائن، وندر جي گهرن جي خريداري هلندي، جيڪا به کربن ۾ هوندي. اسين ماڻهو ته ننڍڙن خيالن وارا آهيون، ڇو ته اسين ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي يا خيرپور ۾ رهي هزارن ۽ لکن ۾ سوچيون ٿا ۽ ان سان گڏ ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن سان سلهاڙيل آهيون، جنهن کي ئي پنهنجي مال مڏي سمجهون ٿا پر هي جيڪي جانو جرمن ٻاهر ويا آهن، عربن، انگريزن سان مليا آهن ته انهن جي دولت ڏسي يا راجا رياض سان ملي دنگ رهجي ويا آهن. جيستائين هو پنهنجي خواب ۾ ارب رپيا نه ڏسن، رات جو ننڊ کي ئي فضول سمجهن. هو سمجهن ٿا ته هي سموري ڌرتي Real Estate جو ٽڪرو آهي، جنهن تي قيمت رکيل آهي. هر ماڻهو ويڪائو آهي، هر اداري جو ملهه آهي، عام ماڻهن لاءِ ته سندن ڌرتي املهه آهي، ڇو ته ان سان هو پيار ڪن ٿا پر جڏهن کان سنڌ ۾ ڪاروباري ڪرتا ڌرتا اقتدار ۾ آيا آهن، هنن سنڌ کي وطن يا ڌرتي ته ڪڏهن پرکي ئي نه ڏٺو آهي. هو مايا جي موهه ۾ ايترو ته گم ٿي چڪا آهن، جو ڇا جي ڌرتي، ڇا جي ٻولي، ڇا جي ثقافت، ذوالفقار آباد به بحريه ٽائون شپ وانگر هن ملڪ جو وڏي ۾ وڏو اسڪينڊل آهي پر جيئن ته ان ۾ حق سنڌين جا سمايل آهن، انڪري ان کي نه ته مين اسٽريم ميڊيا ۽ نه وري ملڪ جي عدليه، توڙي ٻيا ادارا کنگهن ٿا. سنڌ جون هڏ ڏوکي تنظيمون، شهيد بشير قريشي ۽ هڪ سسئي ان تي ڳالهايو، سڀني کي سزا ڏيڻ جون تياريون آهن، ڪن کي ملي وئي، ڪن کي ملڻي آهي.
    سنڌ جي موجوده شهرن جي حالت ڇا آهي، جو نئون شهر اڏيو پيو وڃي! ٺٽي شهر کي ڇو نه ذوالفقار آباد وانگر ترقي وٺرائي پئي وڃي؟ سنڌ جي سمورن وسيلن کي ڪاروبار ٺاهي ان کي عوام جي هٿن مان کسي ڌارين حوالي ڪرڻ جو ڇا سرڪار کي مينڊيٽ مليل آهي؟ ڇا پ پ سرڪار جي منشور ۾ اها ڳالهه هئي ته ذوالفقار آباد ٺاهي ويندي؟ جيڪڏهن نه ته هنن اسيمبلي مان قانونسازي ڪهڙي اختيار هيٺ ڪرائي؟ برطانيا ۾ اهو قانون آهي ته جيڪڏهن ڪنهن پارٽي جي منشور ۾ ڪو نڪتو نه هوندو ته پارليامينٽ ان تي قانون سازي نه ٿي ڪري سگهي.
    ڪجهه وقت اڳ گوادر کي به اسلام آباد اهڙي نموني وڪرو ڪرڻ چاهيو. گوادر جا پلاٽ لنڊن، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ وڪرو ٿي رهيا هئا ۽ پوءِ جڏهن ٻروچن اک پٽي ته رياض ملڪ جهڙا سرمائيدار راتو رات ٽپڙ کڻي گهر پهتا. گوادر جو پنجاهه لک ۾ ورتل پلاٽ ٻن لکن ۾ به ڪو وٺڻ لاءِ تيار ڪونه هو. جيڪڏهن ٺٽي ضلعي ۽ سڄي سنڌ جي ماڻهن اک پٽي ته ذوالفقار آباد جو ”خواب“ ساڀيان بڻجي نه سگهندو. سنڌي عوام جو موڊ سرڪار گذريل ساڍن چئن سالن ۾ نه سمجهي سگهي آهي. اهو موڊ نه اسلام آباد سمجهيو آهي، نه وري پ پ. هو سمجهن ٿا ته چونڊون اثر رسوخ ۽ پئسي جو نالو آهي، جيڪو وٽن آهي پر 1988ع ۾ پئسو ۽ اثر رسوخ جوڻيجي، جتوئي ۽ پير صاحب پاڳاري کي به اليڪشن کٽائي نه سگهيو هو ۽ ائين نه ٿئي جو ذوالفقار آباد پ پ لاءِ نيپولن وانگر واٽرلو Water Loo ثابت ٿئي، جيڪو صاف ڏسڻ ۾ پيو اچي.
    barrister-zamir@hotmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو