طارق عالم ابڙو جو شاهڪار ناول ”رهجي ويل منظر“ ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ۾ پيش آهي۔ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاء هتي ڪلڪ ڪريو
سجاد سائين لک قرب مرحوم طارق عالم ابڙو جو اهو شاهڪار ناول ئي هيو جنهن تي هن کي اوارڊ ٻه مليا ۽ ڪيترائي دفعا اهو ناول ڇپيو۔ مون هن ناول کي سڌو سنئون ڏيکارڻ لاء گوگل ڊاڪس تي پڻ لڳايو آهي۔
پيارا دوست۔ اصل واهه جو جو ڪم ڪري ڇڏيؤ۔ هي ناول مون 1999 ۾ پهريون دفعو پڙهيو هو جڏنهن فرسٽ ايئر سائنس ۾ آرمي ڪالييج بدين ۾ پڙهندو هوس۔ هي ناول دوست احمد خان اوٺو (چوهڙ جمالي) کڻي آيو هو۔ اسان آرمي ڪاليج جي اولڊ هاسٽل ۾ رهندا هئاسين جتي ڪل يارنهن ڪمرا هئا جنهن ۾ ٻاويهه ڇوڪرا رهندا هئاسين۔ مون کي ناهي ياد ته انهن مان ڪو هڪ به اهڙو هُجي جنهن هي ناول نه پڙهيو هجي۔ اسان ته ڇا اسان جي هاسٽل جي چوڪيدار غلام نبي به اهو ناول پڙهيو۔ انهي کان پو ياد ناهي ته اهو ناول مون ڪيترا دفعا پڙهيو۔ پنهنجي پهرين ۽ آخري پيار کي به اهو ناول پهرين تحفي طور پيش ڪيو هوم۔ اڄ هي ناول سافٽ ڪاپي طور به ملي ويو واهه واهه۔ اڄ به آئون ۽ احمد اوٺو هن ناول جا ڪجهه ڊائيلاگ ورجائيندا آهيون۔ مثلاگاڏي کاتي ۾ رُلندي پئسا نه هجڻ تي هڪ ٻئي کي اهو چئي ڪُجهه کائڻ کان منع ڪرڻ ته ”اڄ ۾نهنجي کيسي ۾ رُڳو رابيل جا گُل آهن“ يا وري ڪو ڪم ڪري اچڻ تي جملي ۾ ”سمورين سچاين سان“ لفظن جو اضافو۔ هن ناول بابت اڳتي هلي ڪُجهه انڪشاف به ٿيا۔ هڪ وڏو انڪشاف اهو ٿيو ته اهو ناول تقريبن سڄو ئي سچ هو۔ هن جا ڪجهه ڪردار اڄ به حيات آهن نصير دراصل نصير مرزا هو، گوتم زيب سنڌي هو، نارد مُني محمود مغل هو۔ هي انڪشاف ڪجهه ته طارق عالم پاڻ ڪاوش جي سلسلي ”تالو کُلي ٿو“ ۾ ڪيا ۽ ڪجهه دوستن ٻڌايا۔
منهنجون به يادون تازيون ٿي ويون مون به هي ناول 1999 ۾ پنهنجي گهر جي لائبريري لاءِ آندو هو، اتي پڙهيم، بس رومانوي ناول ايترو ته سحر طاري ڪيو جو ٻن ڪلاڪن ۾ ناول پڙهي ڇڏيم ، پر سوچيم ته هي ناول اڃان به ڊگهو هجي ها۔۔
۽ پڻ جنهن هي ناول پڙھيو ۽ يونيورسٽي نه ويو ته سمجھ ته جيئرو ئي نه هو ڪمال جو ناول آھي پڙھي ڪري يونيورسٽي جو شوق جاڳيو ايم اي اتي ئي ڪندس انشاءالله
۽ آئون اِهو ناول پڙهي پو ئي يونيورسٽي ۾ آيو آهيان.. پر هِتي ته ماحول ئي مٽجي ويو آ، هرطرف پڙهڻ وارا نظر ٿا اچن... رينجرز ڪمال ڪري ڇڏيو..